Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

صاف ڪراچي مهم کي اسان عروج تي وٺي وينداسين جنهن جي تحت روزانو جي بنياد تي 50 سيڪڙو ڪچرو کڻنداسين. ڊاڪٽر فاروق ستار


صاف ڪراچي مهم کي اسان عروج تي وٺي وينداسين جنهن جي تحت روزانو جي بنياد تي 50 سيڪڙو ڪچرو کڻنداسين. ڊاڪٽر فاروق ستار
 Posted on: 3/14/2016
صاف ڪراچي مهم کي اسان عروج تي وٺي وينداسين جنهن جي تحت روزانو جي بنياد تي 50 سيڪڙو ڪچرو کڻنداسين. ڊاڪٽر فاروق ستار
ايم ڪيو ايم جي صاف ڪراچي مهم کي عوام جي حمايت حاصل آهي . وسيم اختر
صاف ڪراچي مهم جي چوٿين ڏينهن مختلف ضلعن ۾ ڳالھھ ٻولھھ
ڪراچي: 14 مارچ 2016 
                 متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي صاف ڪراچي مهم جي دوران روزانو جي بنياد تي هر ضلعي جي 10 کان 15 يونين ڪائونسلن ۾ صفائي جو ڪم انجام ڏنو پيو وڃي ۽ عوام اسان سان ڀرپور تعاون ڪري رهيا آهن. انهن خيالن جو اظهار انهن صاف ڪراچي مهم جي چوٿين ڏينهن رنڇوڙ لائين جي يوسي 22 ۾ صحافين کي پريس بريفنگ ڏيندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر قاسم علي رضا به موجود هو.  ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته ڏکڻ ضلعي جي 23 ، 24  ۽ 25 يوسين ۾ صفائي مهم مڪمل ٿي چڪي آهي. انهن چيو ته ڪراچي ۾ روزانو جي بنياد تي 24 هزار ٽن ڪچرو پيدا ٿئي ٿو ۽ اسان 25 سيڪڙو ڪچرو کڻي رهيا آهيون. انهن چيو ته عوام اسان سان ڀرپور تعاون ڪري رهيا آهن ۽ اسان انشاء الله تعالٰي روزانو جي بيناد تي 50 سيڪڙو ڪچرو کڻنداسين. انهن چيو ته ترڪي ۾ ڪچري کڻڻ جي نظام کي ڪراچي ۾ رائج ڪرڻ تي غور ڪري رهيا آهيون. جنهن جي تحت گهرن جي ٻاهران ڪاٽي جا دٻا لڳل هوندا آهن ۽ اهي اڌ زمين ۾ پوريل هوندا آهن، انهن ۾ ڪچرو گڏ ٿيندو رهندو آهي. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر عادل خان ۽ نامزد حق پرست نائب ميئر ارشد وهره چيو ته ايم ڪيو ايم جي صاف ڪراچي مهم عوام جي آواز آهي.ڪن جي ڍيرن جي ڪري ماڻهن جون زندگيون عذاب بڻجي ويون آهن. انهن چيو ته حڪومت شهرين کي سهولتون ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري نه ته اها عوامي احتساب جي لاءِ تيار ٿي وڃي. ان موقعي تي نامزد ميئر وسيم اختر چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي جي عوام کي صاف ماحول فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي ۽ صفائي سٿرائي جي لاءِ به اسان کي ڪائي مشينري نه ڏيئي رهي آهي . انهن چيو ته ايم ڪيو ايم کي عوام جي حمايت حاصل آهي ۽ اسان صفائي مهم کي عوام جي حمايت سان ئي ڪامياب بڻائينداسين. 
*****

5/3/2024 12:10:25 AM