Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي والد محترم نذير حسين مرحوم جي 49 هين ورسي وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي


ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي والد محترم نذير حسين مرحوم جي 49 هين ورسي وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي
 Posted on: 3/13/2016
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي والد محترم نذير حسين مرحوم جي 49 هين ورسي وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي
ڪراچي: 13 مارچ 2016 
                    متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي والد مرحوم محترم نذير حسين مرحوم جي 49 هين ورسي وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي. ان سلسلي ۾  اندرون سنڌ، پنجاب، بلوچستان، ڪي پي ڪي ، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ ورسي جا اجتماع منعقد ڪيا ويا. ان سلسلي جو مرڪزي اجتماع نائن زيرو تي عزيز آباد ۾ منعقد ٿيو.  جنهن ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي وڏي ڀيڻ محترمه سائره اسلم، ڊپٽي ڪنوينرن ڪهف الورٰي۽ شاهد پاشا، رابطا ڪميٽي ميمبرن رضوان بابر، گلفراز خان خٽڪ، ريحانه نسرين، محترمه زرين مجيد، ڪمال ملڪ، زاهد منصوري، عارف خان ۽ محفوظ يار خان ۽ حق پرست نمائندن کان علاوه ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي معروف عالم دين مولانا تنوير الحق ٿانوي اجتماعي ڪرائي جنهن ۾ انهن محترم نذير حسين مرحوم سميت سمورن حق پرست شهيدن جي بلند درجات، پونئرن کي صبر جميل، اسير ڪارڪنن جي جلد رهائي، حق پرستانه جدوجهد جي ڪاميابي، ايم ڪيو ايم جي خلاف سازشن جي خاتمي، ملڪ کان دهشت گردي جي خاتمي کان علاوه قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي وڏي عمر ۽ صحت و سلامتي  جي لاءِ خصوصي دعائون ڪيون ويون. ان کان علاوه رابطا ڪميٽي ۽ اسيمبلي ميمبرن پاپوش نگر قبرستان وڃي ڪري جناب الطاف حسين جي والد محترم نذير حسين مرحوم۽ والده محترمه خورشيد بيگم مرحومه جي قبرن تي گلن جي چادر چڙهائي.ان موقعي تي انهن جي ايصال ثواب جي لاءِ فاتحه خواني به ڪئي وئي. 

5/3/2024 3:55:27 AM