Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جيلن ۾ اسير ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي بند وارڊ ڪرڻ بنيادي انساني حقن جي کليل خلاف ورزي آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي


جيلن ۾ اسير ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي بند وارڊ ڪرڻ بنيادي انساني حقن جي کليل خلاف ورزي آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
 Posted on: 3/12/2016
جيلن ۾ اسير ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي بند وارڊ ڪرڻ بنيادي انساني حقن جي کليل خلاف ورزي آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
ڪراچي: 12 مارچ 2016 
                  متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جيلن ۾ اسير ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي ظلم جو نشانو بڻائڻ ۽ انهن کي بند وارڊ ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم کي ڪڇلڻ ۽ مهاجرن جي اتحاد کي ٽڪڙا ٽڪڙا ڪرڻ جي لاءِ رياستي سطح تي نيون نيون سازشون ڪيون پيون وڃن. رات سينٽرل جيل ڪراچي جي انتظاميه ايم ڪيو ايم جي اسير ڪارڪنن کي انهن جي وارڊن مان ڪڍي ڪري بغير ڪنهن  جواز جي بند وارڊ ڪري ڇڏيو ۽ انهن کان ڏاڍ جي زور تي لکت ۾ حلف به ورتو پيو  وڃي ته انهن جو ڪنهن به سياسي جماعت سان ڪوئي به تعلق نه آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته هڪ طرف ته نامعلوم نمبرن تان ايم ڪيو ايم جي اسير ۽ لاپتا ڪارڪنن جي گهر وارن سان رابطو ڪري انهن کي پيشڪش ڪئي پئي وڃي ته جيڪڏهن انهن جا پيارا ايم ڪيو ايم جي غدارن سان رابطو ڪري انهن سان ملي وڃن ته لاپتا ڪارڪنن جي بازيابي ۽ اسير ڪارڪنن جي رهائي عمل ۾ اچي سگهي ٿي. جڏهن ته ٻئي طرف قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان وابستگي جي ڏوھ ۾ ايم ڪيو ايم جي اسير ڪارڪنن کي ظلم جو نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ انهن کي بند وارڊ ڪري ذهني ۽ جسماني اذيت به ڏني پئي وڃي ته جيئن انهن جون وفاداريون تبديل ڪرائي سگهجن. رابطا ڪميٽي چيو ته اسير 
ڪارڪنن کي رياستي ظلمن جو نشانو بڻائي ڪري انهن جون سياسي وفاداريون تبديل ڪرائڻ نه صرف غير آئيني ۽ غير قانوني آهي. بلڪه اهو عمل انساني حقن جي به سنگين خلاف ورزي آهي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي ايم ڪيو ايم جي اسير ڪارڪنن کي تاڪيد ڪئي ته اهي ان ڏکئي وقت ۾ همت ۽ حوصلي سان ڪم وٺن ۽ پنهنجي پاڻ تي قابو رکن. انشاء الله تعالٰي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي خلاف ڪئي ويندڙ سازشون ناڪام ٿينديون ۽ ذلت ۽ رسوائي سازشي عناصر جو مقدر بڻجندي. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته جيلن ۾ اسير ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي ظلم جو نشانو بڻائڻ ۽ انهن کي بند وارڊ ڪرڻ جو فوري طور تي نوٽس ورتو وڃي. جيل مينوئل تي ان جي روح جي مطابق عمل ڪرايو وڃي ۽ سياسي ڪارڪنن جون وفاداريون تبديل ڪرائڻ جو مڪروھ عمل بند ڪيو وڃي. 
*****

5/3/2024 2:14:53 AM