Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جڏهن اسان جو ميئر ۽ ڊپٽي ميئر حلف کڻندا ته پوءِ اسان صفائي جي نظام کي اڃان به وڌيڪ بهتر بڻائينداسين. ڊاڪٽر فاروق ستار


جڏهن اسان جو ميئر ۽ ڊپٽي ميئر حلف کڻندا ته پوءِ اسان صفائي جي نظام کي اڃان به وڌيڪ بهتر بڻائينداسين. ڊاڪٽر فاروق ستار
 Posted on: 3/12/2016
جڏهن اسان جو ميئر ۽ ڊپٽي ميئر حلف کڻندا ته پوءِ اسان صفائي جي نظام کي اڃان به وڌيڪ بهتر بڻائينداسين. ڊاڪٽر فاروق ستار
سنڌ حڪومت صفائي مهم ۾ تعاون نه ڪري ايم ڪيو ايم کي ئي نه بلڪه ڪراچي جي عوام کي به ڌوڪو ڏنو آهي. وسيم اختر
سنڌ حڪومت 8 سالن کان ڪراچي کي لاوارث ڇڏي ڏنو آهي. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي
صاف ڪراچي مهم جي ٽئين ڏينهن مختلف ضلعن ۾ ڳالهھ ٻولھھ
ڪراچي: 12 مارچ 2016 
                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته ڪراچي ۾ پاڻي جي ڪمي جو وڏو سبب ڪي فور منصوبي تي عملدرآمد نه ڪرڻ آهي. اسان سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪريون ٿا ته ڪي فور منصوبي تي عملدرآمد جي لاءِ مختص رقم جلد کان جلد جاري ڪئي وڃي. جيڪڏهن ڪي فور منصوبو مڪمل نه ٿيو ته پوءِ اسان احتجاج ڪنداسين پوءِ ڀلي ان جي لاءِ اسان کي وزير اعلٰي هائوس ئي ڇو نه وڃڻو پوي. انهن خيالن جو اظهار انهن صاف ڪراچي مهم جي دوران ڏکڻ ضلعي جي يوسي 23 نانڪ واڙه ۾ صحافين کي پريس بريفنگ ڏيندي ڪيو. انهن چيو ته صفائي مهم جي ٽئين ڏينهن ڏکڻ ضلعي جي علائقي پان منڊي، گنگا بائي ڪمپائونڊ، گوڌرا گلي، چانور بازار، بابائي اردو روڊ، رساله پوليس هيڊ ڪوارٽر، نجم الدين اسٽريٽ، چاند بي بي روڊ، ڪي ايم سي سٽي ڪورٽ، لنڊا بازار ۽ سول اسپتال جي علائقن ۾ صفائي جو ڪم انجام ڏنو ويو. انهن چيو ته صفائي مهم ۾ اسان سان اين جي اوز ۽ غير سرڪاري تنظيمن رابطو ڪري اسان جي مالي مدد سان گڏو گڏ صفائي جي لاءِ گهربل سامان به خريد ڪري ڏنو آهي. انهن چيو ته صفائي مهم جي سلسلي ۾ اسان وٽ ڊمپر ۽ لوڊر نه آهن جنهن جي ڪري اسان کي صفائي جي ڪمن ۾ دشواري جو سامنو ڪرڻو پئجي رهيو آهي. پر ڪارڪنن ۽ عوام جي همت ۽ حوصلي اسان کي ڊمپر ۽ لوڊر جي به ضرورت محسوس ٿيڻ نه ڏني آهي. انهن چيو ته جڏهن اسان جا ميئر ۽ ڊپٽي ميئر حلف کڻندا ته پوءِ اسان صفائي جي نظام کي اڃان به وڌيڪ بهتر بڻائينداسين. ڪراچي ۾ پاڻي جي ڪمي جو وڏو سبب ڪي فور منصوبي تي عملدرآمد نه ڪرڻ آهي. جنهن سان ڪراچي کي 240 ملين اضافي گيلن پاڻي ملڻو هو. ڪي فور منصوبي تي 25 ارب روپيا خرچ ٿيندا ، صوبائي ۽ وفاقي حڪومت ڪي فور منصوبي جي رقم جلد کان جلد جاري ڪن ڇو ته ڪراچي ۾ پاڻي جو  مسئلو سنگين صورتحال اختيار ڪندو پيو وڃي. انهن چيو ته جيڪڏهن ڪي فور منصوبو مڪمل نه ٿيو ته پوءِ اسان احتجاج ڪنداسين پو ءِ ڀلي اسان کي سي ايم هائوس ئي ڇو نه وڃڻو پوي. انهن چيو ته ڪراچي سڀني کان وڌيڪ روينيو ڏيئي ٿو ۽ ڪراچي جي پيسن سان ئي ميٽرو بس سروس بڻائي پئي وڃي. هاڻي اسان کي پنهنجن حقن جي لاءِ نڪرڻو پوندو ۽ ڌرڻا به ڏيڻا پوندا . رابطا ڪميٽي ميمبر ڪمال ملڪ سينٽرل ضلعي ۾ ڳالھھ ٻولھھ ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم جي صفائي مهم مخصوص علائقن تائين محدود نه آهي. بلڪه ڪراچي ۾ رهڻ وارن سمورين قومن ۽ برادرين کي به ان مان فائدو ٿي رهيو آهي ۽ انهن کي به صاف ماحول ملي رهيو آهي . ڪراچي جي نامزد ميئر وسيم اختر صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان صفائي مهم ۾ پرائيويٽ طور تي گهرايل مشينن جو استعمال ڪري رهيا آهيون، پر سنڌ حڪومت اسان سان تعاون نه ڪري ايم ڪيو ايم کي ئي نه بلڪه ڪراچي جي عوام کي به ڌوڪو ڏنو آهي. انهن چيو ته عوامي خدمت جي لاءِ حڪومتي وسيلن۽ اختيارن جو بهانو بڻائي ڪري اسان پوئتي نه هٽنداسين بلڪه پنهنجو ڪم جاري رکنداسين. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ڳالھھ ٻولھھ ڪندي چيو ته صفائي مهم ۾ سنڌ حڪومت جي عدم توجه ظاهر ڪري ٿي ته ان کي ڪراچي جي عوام سان ڪائي به دلچسپي نه آهي ۽ اهو ئي سبب آهي ته سنڌ حڪومت ڪراچي کي 8 سالن کان لاوارث ڇڏي ڏنو آهي. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جا ميمبر ۽ اسيمبلي ميمبر به موجود هئا .
*****


5/3/2024 12:45:45 AM