Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اعتزاز احسن کي ايم ڪيو ايم جي ڳڻتي ۾ ڏٻرو ٿيڻ جي ڪائي به گهرج نه آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي ميمبر قاسم علي رضا


اعتزاز احسن کي ايم ڪيو ايم جي ڳڻتي ۾ ڏٻرو ٿيڻ جي ڪائي به گهرج نه آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي ميمبر قاسم علي رضا
 Posted on: 3/11/2016
اعتزاز احسن کي ايم ڪيو ايم جي ڳڻتي ۾ ڏٻرو ٿيڻ جي ڪائي به گهرج نه آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي ميمبر قاسم علي رضا
ڪراچي: 11 مارچ 2016 
                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر قاسم علي رضا پي پي جي سينيٽر چوڌري اعتزاز احسن جي بيان تي تبصرو ڪندي چيو ته اعتزاز احسن کي ايم ڪيو ايم جي ڳڻتي ۾ ڏٻرو ٿيڻ جي ڪائي به ضرورت نه آهي. انهن چيو ته لياري گينگ وار جي مُک ڏوهاري عذير بلوچ جي گرفتاري پي پي کي ناني ۽ ڏاڏي سميت سمورن بزرگن جي ياد ڏياري ڇڏي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ قاسم علي رضا چيو ته اعتزاز احسن ايم ڪيو ايم تي اجايو تبصرو ڪرڻ جي بجاءِ عوام کي ٻڌائين ته پي پي 8 سالن کان سنڌ تي حڪومت ڪري رهي آهي. پر سنڌ جا عوام اڄ به بنيادي سهولتن کان محروم آهن ڇو؟ انهن چيو ته ڊاڪٽر عاصم کان پوءِ هاڻي نثار مورائي جي گرفتاري سان پي پي جي قيادت جي ننڊ ڦٽي چڪي آهي ۽ پي پي جون بنيادون لڏڻ واريون آهن.ان جي ڪري ئي اعتزا ز احسن پنهنجي جماعت جي ناڪامين تي پردو وجهڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن. قاسم علي رضا چيو ته اعتزاز احسن کي گهرجي ته اهي اجايا تبصرا ڪرڻ جي بجاءِ پنهنجي پارٽي ڏانهن توجه ڏين .
*****

5/2/2024 10:10:28 PM