Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي ڇاپي جي دوران فائرنگ سان شهيد ٿيندڙ ايم ڪيو ايم شعبه اطلاعات جي سرگرم ميمبر سيد وقاص علي شاھ کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان زبردست خراج عقيدت پيش


ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي ڇاپي جي دوران فائرنگ سان شهيد ٿيندڙ ايم ڪيو ايم شعبه اطلاعات جي سرگرم ميمبر سيد وقاص علي شاھ کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان زبردست خراج عقيدت پيش
 Posted on: 3/11/2016
ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي ڇاپي جي دوران فائرنگ سان شهيد ٿيندڙ ايم ڪيو ايم شعبه اطلاعات جي سرگرم ميمبر سيد وقاص علي شاھ کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان زبردست خراج عقيدت پيش
لنڊن: 11 مارچ 2016 
                    متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم شعبه اطلاعات جي نوجوان ميمبر سيد وقاص علي شاھ شهيد کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي فرمايو آهي ته حق پرست شهيدن جون قربانيون ڪڏهن به رائيگان نه وينديون ۽ شهيدن جي قربانين جي صدقي ئي ايم ڪيو ايم پنهنجي منزل تي پهچندي. سيد وقاص علي شاھ شهيد جي پهرين ورسي جي موقعي تي پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته سيد وقاص علي شاھ کي گذريل سال نائن زيرو تي رينجر جي ڇاپي جي دوران گولي هڻي ڪري شهيد ڪيو ويو هو پر افسوس جو شهيد جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جي بجاءِ قتل جي مقدمي ۾ ايم ڪيو ايم کي ئي ملوث ڪري عوام کي گمراھ ڪيو ويو. جناب الطاف حسين فرمايو ته سيد وقاص علي شاھ شهيد انتهائي شريف، ملنسار، سٺي اخلاق وارا ۽ عورتن ۽ بزرگن جو احترام ڪرڻ وارا  ۽ شعله بيان مقرر  هئا ۽ شهيد پنهنجي عمل ۽ ڪردار سان ڪارڪنن جي دلين ۾ هميشه زنده رهندا. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي سيد وقاص علي شاھ شهيد جا درجات بلند فرمائي ۽ پونئرن کي صبر جميل عطا فرمائي ۽ وحشي قاتلن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچائي. جناب الطاف حسين وزير اعظم ميان نواز شريف، آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته اهي سيد وقاص علي شاھ شهيد جي قتل ۾ ملوث اصلي قاتلن کي گرفتار ڪرائي عبرتناڪ سزا ڏيارين. 
*****

5/3/2024 7:09:30 AM