Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم سياست برائي خدمت تي يقين رکي ٿي.سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار


ايم ڪيو ايم سياست برائي خدمت تي يقين رکي ٿي.سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار
 Posted on: 3/11/2016
ايم ڪيو ايم سياست برائي خدمت تي يقين رکي ٿي.سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار
ايم ڪيو ايم صفائي جي ذريعي شهرين کي صاف ۽ سٿرو ماحول فراهم ڪرڻ چاهي ٿي . شاهد پاشا
ڪراچي پاڪستان کي سڀني کان وڌيڪ ٽيڪس ڏيئي ٿو پر  سنڌ حڪومت جون چالاڪيون ان ڳالھھ ڏانهن واضع اشارو ڪن ٿيون ته سنڌ حڪومت نااهل ٿي چڪي آهي. نامزد ميئر وسيم اختر
ڪراچي صفائي مهم جي ٻئي ڏينهن ڪراچي جي مختلف ضلعن جي يوسين ۾ ڳالھھ ٻولھھ
ڪراچي: 11 مارچ 2016 
                 متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته ايم ڪيو ايم سياست برائي خدمت تي يقين رکي ٿي. وسيلن جي ڪمي ۽ اختيارن کان محرومي جي باوجود اسان شهرين جي خدمت ڪندا رهنداسين. انهن خيالن جو اظهار انهن صفائي مهم جي سلسلي ۾ رنڇوڙ لائين جي يوسي 24 ۾ صحافين کي پريس بريفنگ ڏيندي ڪيو. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته شهر جو گند کڻڻ جي لاءِ 6 ارب روپين جو بجيٽ خرچ ڪيو وڃي ٿو. پر جيڪڏهن اسان پاڻ ڪچرو کڻنداسين ته ٽن ارب روپين جي بچت ٿي سگهي ٿي ۽ انهن ٽن ارب روپين مان شهر جي لاءِ بجلي پيدا ڪرڻ جا منصوبا لڳائي سگهجن ٿا. انهن چيو ته عوام کي ٻڌايو وڃي ته 8 سالن کان ڪچرو کڻڻ جي لاءِ مختص هڪ وڏي رقم ڪٿي خرچ ڪئي وئي.انهن چيو ته جيستائين وسيم اختر حلف نه ٿا کڻڻ ته ان وقت تائين اسان اهڙي طرح ئي پنهنجي مدد پاڻ جي تحت عوام جي مسئلن جي لاءِ ڪوشان رهنداسين. انهن چيو ته اهو حڪومت جو بنيادي فرض آهي ته اها پاڻي جي منصفانه ورهاست کي يقيني بڻائي. بنيادي سهولتن جي فقدان ۽ سنڌ حڪومت جي تعصب واري رويي سان عوام جي صبر جو پيمانو لبريز ٿي چڪو آهي. انهن چيو ته حڪومتي رويي جي خلاف عوام احتجاجي ڌرڻي جو فيصلو ڪيو ته ڪراچي سميت سڄو ملڪ مفلوج ٿي ويندو.انهن چيو ته مان وزير اعلٰي سنڌ سان فون تي رابطو ڪري صفائي مهم ۾ تعاون جي اپيل ڪئي آهي ۽ انهن کي چيو آهي ته اسان کي ڪچرو کڻڻ جي لاءِ مشينون ڏنيون وڃن.پر انهن اسان جي اپيل کي سنجيدگي سان نه ورتو آهي. رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا اورنگي ٽائون جي يوسي 19 ۾ صحافين سان ڳالھھ ٻولھھ ڪندي چيو ته شهر ۾ ڪن جي ڍير جي ڪري وبائي مرض ڦٽي رهيا آهن ۽ ڪن جي ڌپ سان ماڻهو تمام گهڻا پريشان به آهن. پر انشاء الله تعالٰي ايم ڪيو ايم عوام کي ان عذاب مان ڇوٽڪارو ڏياريندي. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ملير ماڊل ڪالوني ۾ ڳالھھ ٻولھھ ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت ڀلي چونڊيل مڪاني نمائندن کي اختيار نه ڏي پر اسان پاڻ ئي ڪراچي کي صاف ڪرڻ جو بار کنيو آهي  ۽ انشاء الله تعالٰي ڪراچي کي صاف ڪري ئي دم وٺنداسين. وسيم اختر لائينز ايريا جي يوسي 9 ۽ 11 ۾ ڳالھھ ٻولھھ ڪندي چيو  ته اسان ڪنٽومينٽ جي علائقن ۾ به صفائي ڪري رهيا آهيون پر افسوس جو سنڌ حڪومت اسان جو ساٿ نه ڏيئي رهي آهي.انهن چيو ته ڪراچي جي عوام جو مينڊيٽ اسان وٽ آهي ۽ ان جي ڪري ئي سنڌ حڪومت ڪراچي جي ميئر کي اختيار نه ڏيئي رهي آهي. انهن چيو ته ڪراچي پاڪستان کي سڀني کان وڌيڪ ٽيڪس ڏيئي ٿو پر ڪراچي جي شهرين جي بنيادي مسئلن جي حل ۾ غفلت  ڪرڻ کليل ڪراچي دشمني جي برابر آهي. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جا ميمبر ارشد حسن، ڊاڪٽر عبدالقادر خانزاده، مطيع الرحمٰن، محترمه ريحانه نسرين، گلفراز خان خٽڪ، اظهار احمد خان، عارف خان، محترمه زرين مجيد، اسلم آفريدي، زاهد منصوري ۽ اسيمبلي ميمبر به موجود هئا. 
*****

5/2/2024 10:53:15 PM