Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

تمام تر سازشن ۾ ناڪامي کان پوءِ هاڻي ايم ڪيو ايم کي ٽڪڙا ٽڪڙا ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي


تمام تر سازشن ۾ ناڪامي کان پوءِ هاڻي ايم ڪيو ايم کي ٽڪڙا ٽڪڙا ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
 Posted on: 3/10/2016
تمام تر سازشن ۾ ناڪامي کان پوءِ هاڻي ايم ڪيو ايم کي ٽڪڙا ٽڪڙا ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
ڪراچي: 10 مارچ 2016 
                  متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جي تمام تر سازشن ۾ ناڪامي کان پوءِ هاڻي ايم ڪيو ايم کي ٽڪڙا ٽڪڙا ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هن وقت ٿيندڙ اهي واقعا انهي سلسلي جي ڪڙي آهن. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته اسٽيبلشمينٽ جا اهي عناصر جيڪي ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ، قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي رستي تان هٽائڻ ۽ مهاجر عوام جي اتحاد کي ٽڪڙا ٽڪڙا ڪرڻ جي ڪوششن ۾ ٽن ڏهاڪن کان ڪوشان رهيا آهن. انهن جي طرفان هاڻي ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبرن کي انهن جون سياسي وفاداريون تبديل ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ جي لاءِ مختلف طريقن سان بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي. انهن کي ڪوڙن مقدمن ۾ ملوث ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيئي ڪري يا انهن  کي لالچ ڏيئي ڪري انهن جون وفاداريون خريد ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن.اهڙي طرح سرڪاري حراست يا جيلن ۾ اسير ڪارڪنن کي به وفاداريون تبديل ڪرائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. رابطا ڪميٽي چيو ته هڪ منظم سازش جي تحت جتي هڪ طرف قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي بيماري جون افواهون ڦيلايون پيون وڃن ته اتي روزانو ايم ڪيو ايم جي اڳواڻڻ، سينيٽرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن جي باري ۾ به ميڊيا ۾ طرح طرح 
جون ٽيبل اسٽوريون ڏنيون پيون وڃن. رابطا ڪميٽي چيو ته انهن هٿڪنڊن جي ذريعي ڪجھھ ضمير فروشن کي ته خريد ڪري سگهجي ٿو پر ايم ڪيو ايم کي ختم ڪري نه ٿو  سگهجي. ايم ڪيو ايم قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي ڪروڙين چاهڻ وارن جي دلين ۾ وسي ٿي، تحريڪ جي سچن  ۽ باضمير ڪارڪنن جي وفاداري کي خريد ڪري نه ٿو سگهجي. تحريڪ جا سچا ڪارڪن ڪالھھ به جناب الطاف حسين سان گڏ هئا ۽ اڄ به گڏ آهن. ڇو ته اهي سمجهن ٿا ته ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ ۽ مهاجر عوام جي اتحاد کي ٽڪڙا ٽڪڙا ڪرڻ جي لاءِ اها رانڌ اسٽيبلشمينٽ جي ڪهڙن عناصر جي سرپرستي ۾ کيڏي پئي وڃي. رابطا ڪميٽي چيو ته اسان کي الله تعالٰي جي ذات مبارڪ تي ڪامل يقين آهي ته ڪارڪن، مهاجر عوام ۽ ٻين قومن جا محروم عوام حقن جي ان تحريڪ کي ختم ڪرڻ ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي رستي تان هٽائڻ جون سموريون سازشون پنهنجي اتحاد سان ناڪام بڻائي ڇڏيندا. 
*****


5/2/2024 10:58:56 PM