Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سنڌ حڪومت صفائي مهم ۾ اسان سان تعاون نه ڪيو جيڪا افسوسناڪ ڳالھھ آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار


سنڌ حڪومت صفائي مهم ۾ اسان سان تعاون نه ڪيو جيڪا افسوسناڪ ڳالھھ آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار
 Posted on: 3/10/2016
سنڌ حڪومت صفائي مهم ۾ اسان سان تعاون نه ڪيو جيڪا افسوسناڪ ڳالھھ آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار
سنڌ حڪومت ان وهم ۾ آهي ته جيڪڏهن اها اسان سان تعاون نه ڪندي ته ايم ڪيو ايم جي صفائي مهم ناڪام ٿي ويندي. شاهد پاشا
جناب الطاف حسين جي ويزن جي مطابق ڪراچي ۾ صفائي مهم شروع ڪئي وئي آهي. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي
اسان وٽ وسيلا نه آهن پر اها ڳالھھ وڏي خوشي جي آهي ته عوام صفائي مهم ۾ مدد جي لاءِ نڪتا آهن. نامزد ميئر وسيم اختر
صفائي مهم جي دوران کارادر، نمائش، اورنگي ٽائون ۽ ٻين علائقن ۾ ميڊيا  سان ڳالھھ ٻولھھ
ڪراچي: 10 مارچ 2016 
                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي صفائي مهم کي ڪراچي جي عوام جي طرفان زبردست پذيرائي ملي آهي پر سنڌ حڪومت صفائي مهم ۾ اسان سان تعاون نه ڪيو. جيڪا انتهائي افسوسناڪ ڳالھھ آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن کارادر ۾ صفائي مهم جي دوران صحافين کي پريس بريفنگ ڏيندي ڪيو. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته 10 کان وڌيڪ يونين ڪائونسلن ۾ صفائي مهم شروع ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ عوام جي طرفان زبردست پذيرائي ملي آهي. اسڪولن ۽ ڪاليجن جا شاگرد، شاگردياڻيون ۽ بزرگ ان صفائي مهم ۾ اسان سان گڏ آهن. انهن ڪراچي جي شهرين کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته صفائي مهم ۾ ڪن کڻڻ جو ڪم اسان پنهنجي مدد پاڻ جي تحت ڪري رهيا آهيون. صفائي جو سامان ۽ گند کڻڻ جون گاڏيون به  خريد ڪيون  آهن ۽ ڪرائي تي به ورتيون آهن. انهن چيو ته صفائي مهم جو آغاز قائد اعظم جي پيدا ٿيڻ جي جاءِ وزير منشن کان ڪيو آهي. قائد اعظم جي رهائشگاھ جي سامهون ڪن جي ڍير سان قائد اعظم ئي نه بلڪه پاڪستان جو مذاق بڻجي رهيو هو. انهن چيو ته صفائي جي ذريعي ڪراچي کي دنيا جو صاف سٿرو شهر بڻائينداسين ۽ ڪراچي پاڪستان جو سڀني کان وڏو شهر آهي جيڪو صاف سٿرو رهندو ته سڄي دنيا کان سرمائيڪار هتي ايندا ۽ پاڪستان جي ترقي کي چار چنڊ لڳي ويندا. ان موقعي تي شاهد پاشا ملير ۾ صفائي مهم جي دوران ڳالھھ ٻولھھ ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت ان وهم ۾ آهي ته جيڪڏهن اها اسان سان تعاون نه ڪندي ته ايم ڪيو ايم جي صفائي مهم ناڪام ٿي ويندي. اورنگي ٽائون ۾ صفائي مهم جي دوران ڳالھھ ٻولھھ ڪندي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته جناب الطاف حسين جي ويزن جي مطابق ڪراچي ۾ صفائي مهم شروع ٿي وئي آهي ۽ اها صفائي مهم انشاء الله تعالٰي ڪن ۽ گندگي جي صاف ٿيڻ تائين جاري رهندي. وسيم اختر نمائش چورنگي تي ڳالھھ ٻولھھ ڪندي چيو ته صفائي مهم جي لاءِ اسان وٽ وسيلا نه آهن. پر اها ڳالھھ خوشي واري آهي ته عوام صفائي مهم ۾ اسان جي مدد جي لاءِ ٻاهر نڪتا آهن. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جيئن ئي صفائي مهم جو اعلان ڪيو ته سنڌ حڪومت صفائي جون مشينون ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. انهن ڊي جي رينجر جنرل بلال اڪبر کي اپيل ڪئي ته اهي ڪراچي ۾ امن جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن ته ايم ڪيو ايم جي صفائي مهم ۾ به ڀرپور ساٿ ڏين ۽ صفائي مهم ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. صفائي مهم جي دوران رئوف صديقي به ڳالھھ ٻولھھ ڪئي. 
*****

5/4/2024 1:42:45 AM