Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

آپريشن ضرب عضب جي تحت دهشت گردي جي خلاف حاصل ٿيندڙ ڪاميابين جي فائدن کي گهٽ ٿيڻ نه ڏنو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


آپريشن ضرب عضب جي تحت دهشت گردي جي خلاف حاصل ٿيندڙ ڪاميابين جي فائدن کي گهٽ ٿيڻ نه ڏنو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 3/7/2016 1
آپريشن ضرب عضب جي تحت دهشت گردي جي خلاف حاصل ٿيندڙ ڪاميابين جي فائدن کي گهٽ ٿيڻ نه ڏنو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
چارسده جي تعلقي شبقدر ۾ سيشن ڪورٽ جي ويجهو خودڪش ڌماڪي تي جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار
لنڊن: 7 مارچ 2016 
                  متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين چارسده جي تعلقي شبقدر ۾ سيشن ڪورٽ جي ويجهو خودڪش ڌماڪي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين هن خودڪش ڌماڪي ۾ ڪيترن ئي پوليس اهلڪارن جي هلاڪ ۽ ڪيترن ئي جي زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي فرمايو آهي ته اندرين ۽ ٻاهرين سطح تي ملڪي استحڪام جي لاءِ ضروري آهي ته جيٽ بليڪ دهشت گردن ۽ انهن جي سهولت ڪارن کي ڍر نه ڏني وڃي ۽ آپريشن ضرب عضب جي تحت دهشت گردي جي خلاف حاصل ٿيندڙ ڪاميابين جي فائدن کي گهٽ ٿيڻ نه ڏنو وڃي ۽ ملڪ ۾ باقي بچيل دهشت گردن جو به خاتمو ڪري عوام جي جان و مال جي تحفظ ۽ ملڪي استحڪام کي يقيني بڻايو وڃي. جناب الطاف حسين خودڪش ڌماڪي ۾ هلاڪ ٿيندڙ پوليس اهلڪارن جي پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته مون سميت ايم ڪيو ايم جا سمورا ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن ۽ مان دعا ڪريان ٿو ته الله تعالٰي هلاڪ ٿيندڙن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سوگوار پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. جناب الطاف حسين وزير اعظم ميان نواز شريف، آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ وزير اعلٰي ڪي پي ڪي پرويز خٽڪ کان مطالبو ڪيو ته چارسده جي تعلقي شبقدر ۾ خودڪش ڌماڪي ۾ ملوث دهشت گردن ۽ انهن جي سرپرستن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي ۽ عوام جي جان و مال جي تحفظ جي لاءِ آپريشن ضرب جي تحت جيٽ بليڪ دهشت گردن ۽ انهن جي سهولت ڪارن جي خلاف وڌيڪ مثبت ۽ ٺوس قدمن جي تحت عملي ڪاروائي ڪئي وڃي.
*****


5/4/2024 6:00:33 AM