Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

چارسده جي تعلقي شبقدر ۾ سيشن ڪورٽ جي ويجهو خودڪش بم ڌماڪي تي ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر نديم نصرت جي طرفان مذمت جو اظهار


چارسده جي تعلقي شبقدر ۾  سيشن ڪورٽ جي ويجهو خودڪش بم ڌماڪي تي ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر نديم نصرت جي طرفان مذمت جو اظهار
 Posted on: 3/7/2016 1
چارسده جي تعلقي شبقدر ۾  سيشن ڪورٽ جي ويجهو خودڪش بم ڌماڪي تي ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر نديم نصرت جي طرفان مذمت جو اظهار
لنڊن: 7 مارچ 2016 
                متحده قومي موومينٽ جي ڪنوينر نديم نصرت چارسده جي تعلقي شبقدر ۾ سيشن ڪورٽ جي ويجهو خودڪش بم ڌماڪي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ بم ڌماڪي ۾ ڪيترن ئي پوليس اهلڪارن جي هلاڪ ۽ ڪيترن ئي جي زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.  پنهنجي هڪ بيان ۾ نديم نصرت چيو ته ملڪ ۾ سرگرم دهشت گرد ملڪي استحڪام ۽ سالميت جي خلاف ڪم ڪري رهيا آهن ۽ آپريشن ضرب عضب جي تحت ڪاروائين جي باوجود دهشت گرد پنهنجن مددگارن جي ذريعي ملڪ جي عوام کي دهشت گردي ۽ بم ڌماڪن جو نشانو بڻائي رهيا آهن. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. نديم نصرت چيو ته ملڪ کي دهشت گردن کان نجات ڏيارڻ جي لاءِ ضروري آهي ته جيٽ بليڪ دهشت گردن ۽ انهن جي مددگارن جو خاتمو ڪري دهشت گردي کي پاڙ کان پٽيو وڃي. نديم نصرت بم ڌماڪن ۾ هلاڪ ٿيندڙ پوليس اهلڪارن جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالٰي هلاڪ ٿيندڙن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سوگوار پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي ۽ زخمين کي جلد و مڪمل صحتيابي عطا فرمائي. آمين. ان کان علاوه انهن وزير اعظم ميان نواز شريف، آرمي چيف جنرل راحيل شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان ۽ وزير اعلٰي ڪي پي ڪي پرويز خٽڪ کان مطالبو ڪيو ته چارسده شبقدر ۾ سيشن ڪورٽ جي ويجهو بم ڌماڪي ۾ ملوث دهشت گردن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي ۽ انهن کي سخت ترين سزا ڏني وڃي. 
*****

4/27/2024 12:38:37 AM