Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

تمام تر سازشن ۾ ناڪامي کان پوءِ هاڻي ملڪ دشمني ۽ غداري جا الزام هڻي ڪري ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن. نديم نصرت


تمام تر سازشن ۾ ناڪامي کان پوءِ هاڻي ملڪ دشمني ۽ غداري جا الزام هڻي ڪري ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن. نديم نصرت
 Posted on: 3/7/2016 1
تمام تر سازشن ۾ ناڪامي کان پوءِ هاڻي ملڪ دشمني ۽ غداري جا الزام هڻي ڪري ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن. نديم نصرت
حيدرآباد ۾ جنرل ورڪرز اجلاس کي فون تي خطاب
لنڊن: 7 مارچ 2016 
                 متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڪنوينر نديم نصرت چيو آهي ته تمام تر سازشن ۾ ناڪامي کان پوءِ هاڻي ملڪ دشمني ۽ غداري جا الزام هڻي ڪري ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن ۽ مهاجرن کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي. پر اسان ڪنهن به ظلم جي اڳيان پنهنجو سر نه جهڪائينداسين ۽ پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين. انهن خيالن جو اظهار انهن حيدرآباد ۾ جنرل ورڪرز اجلاس کي فون تي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ حيدرآباد جي سمورن علائقن سان تعلق رکندڙ هزارين ڪارڪنن شرڪت ڪئي. اجلاس کي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن عبدالحسيب، اقبال مقدم، زونل انچارج نويد شمسي ۽ ٻين ذميوارن به خطاب ڪيو. اجلاس کي خطاب ۾ نديم نصرت چيو ته مهاجرن سان پاڪستان جي قيام کان وٺي ڪري ئي ناانصافيون ڪيون پيون وڃن ۽ انهن جي حب الوطني تي شڪ ڪيو پيو وڃي. باني پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح جي ڀيڻ محترمه فاطمه جناح جي حب الوطني تي شڪ ڪيو ويو ۽ انهن تي را جي ايجنٽ هجڻ جو الزام لڳايو ويو ۽ پوءِ انهن کي قتل ڪيو ويو. ڳجهين طاقتن کي مهاجر وزير اعظم لياقت علي خان به هڪ اک نه ڀانيو ۽ انهن کي به هڪ سازش جي تحت قتل ڪرايو ويو. انهن چيو ته مهاجرن کي پٺتي ڌڪڻ جي لاءِ  گادي جو هنڌ ڪراچي کان اسلام آباد منتقل ڪيو ويو ۽ جنرل ايوب خان جي دور ۾ جڏهن مهاجرن صدارتي  اليڪشن ۾ محترمه فاطمه جناح جو ساٿ ڏنو ته ان ڏوھ ۾ مهاجر آبادين تي حملا ڪرايا ويا. سنڌ ۾ لساني فسادن ۾ مهاجرن جو قتل عام ڪرايو ويو اهو اڄ به تاريخ جي پنن تي لکيل آهي. انهن چيو ته لاڙڪاڻي ۾ هڪ  زماني ۾ ميئر مهاجر هوندو هو. واپاري به مهاجر هوندا هئا. زمين دار  ۽ دڪاندار به مهاجر هوندا هئا. پر هڪ سازش جي تحت اتي به مهاجرن جو جيئڻ جنجال ڪيو ويو ۽ مهاجرن جي هڪ وڏي تعداد اتان ٻين شهرن ۾ منتقل ٿي وئي. صرف سنڌ ۾ ڪوٽا سسٽم لڳائي ڪري مهاجرن جو معاشي قتل عام ڪيو ويو جيڪو اڄ به جاري آهي.  انهن چيو ته انهن محرومين جي نتيجي ۾ جڏهن ايم ڪيو ايم وجود ۾ آئي ته ان جلد ئي عوام ۾ مقبوليت حاصل ڪري ورتي . پر ان کان پوءِ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم ٻه سيڪڙو امير طبقي جي اک ۾ کٽڪڻ لڳي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي دٻائڻ، جهڪائڻ ۽ خريد ڪرڻ جون وڏيون ڪوششون ڪيون ويون. پر قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جهڪڻ ۽ وڪامجڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ مائنس الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جون حرڪتون شروع ڪيون ويون ۽ اهو سلسلو اڄ به جاري آهي. انهن چيو ته طاقت جي زور تي مهاجرن کي غلام بڻائڻ ۽ ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جي سازش جي تحت  31 آڪٽوبر 1986 تي سانحه سهراب ڳوٺ ۽ مارڪيٽ چوڪ حيدرآباد ۾ هٿين خالي مهاجرن کي قتل ڪيو ويو. 14 ڊسمبر 1986 تي قصبه علي ڳڙھ ڪالوني ڪراچي ۾ مهاجر عوام جي رت سان هولي کيڏي وئي. 30 سيپٽمبر 1988 تي حيدرآباد جي مهاجر علائقن ۾ موت جو کلي عام رقص ڪرايو ويو. جنهن جي نتيجي ۾ هر گهٽي ۾ معصوم مهاجرن جا جنازا کڄيا ۽ اهڙي طرح 26 ۽ 27 مئي 1990 تي حيدرآباد ۾ پڪا قلعه آپريشن جي دوران به مهاجرن تي يزيدي ظلم ڪيا ويا. ۽ وحشين وانگر مهاجرن جو قتل عام ڪيو ويو.  انهن چيو ته 19 جون 1992 تي 72 وڏين مڇين جي نالي سان شروع ڪيل آپريشن جو رخ مهاجرن ڏانهن موڙيو ويو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم تي جناح پور بڻائڻ ۽ ڀارت سان تعلق جي بنياد جا ڪوڙا الزام لڳايا ويا. ان خوني رياستي آپريشن ۾ 17000 کان وڌيڪ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي ماورائي عدالت شهيد ڪيو ويو. انهن چيو ته ان خوني رياستي آپريشن ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي وڏي ڀاءُ ناصر حسين شهيد ۽ ڀائيٽي عارف حسين شهيد کي به وحشياڻي انداز ۾ شهيد ڪيو ويو. جن جو ايم ڪيو ايم سان ڪوئي به واسطو نه هو. انهن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ اهو لکيل آهي ته ٻه چونڊيل حڪومتون ان جي ڪري ختم ڪيون ويون جو انهن جي حڪومتن ۾ ڪراچي جي نوجوانن کي ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو هو. پر اڄ تائين ماورائي عدالت قتلن ۾ ملوث اهلڪارن جي خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪئي وئي آهي. انهن چيو ته مهاجرن کي تلير، مٽروا ۽ مڪڙ چيو ويو ۽ سنڌي تسليم نه ڪيو ويو ۽ اهو به چيو ويو ته اوهان نوان سنڌي آهيو.جنهن سان تعصب ظاهر ٿئي ٿي. جنهن جو ثبوت اهو آهي ته اڄ تائين مهاجر وزير اعلٰي نه بڻجي سگهيو آهي ۽ اها به حقيقت آهي ته نوڪرين، روزگار ۽ حڪومتي معاملن ۾ اسان جو ڪوئي به حصو نه آهي. انهن چيو ته پاڪستان جي قيام کان وٺي ڪري اڄ تائين محب وطن مهاجرن جو قتل عام ڪيو ويو آهي پر ان تي ڪوئي به ايڪشن وٺڻ جي لاءِ تيار نه آهي بلڪه ان سلسلي کي وڌيڪ جاري رکڻ جي لاءِ پراڻا شڪاري نئون ڄار وٺي ڪري ميدان ۾ لٿا آهن جنهن کان تحريڪ ۽ جناب الطاف حسين جا ڪارڪن ۽ حق پرست عوام چڱي نموني واقف آهن. انهن چيو ته نواز شريف، عمران خان، خواجه آصف  ۽ آصف زرداري فوج جي  خلاف انتهائي گندا ۽ سخت لفظ ڳالهايا پر انهن جي خلاف ڪوئي به ايڪشن نه ورتو ويو. انهن چيو ته اها حقيقت بيان ڪندي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تحرير، تقرير ۽ تصوير تي غير قانوني پابندي لڳائي وئي ۽ انصاف جو ٻٺو معيار اهو آهي ته ايم ڪيو ايم جي مخالفن کي ته ڪلاڪن تائين ٽي وي تي موقعو ڏنو وڃي ٿو، پر قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي پنهنجو دفاع ڪرڻ جي لاءِ 15 منٽن جو به وقت نه ٿو ڏنو وڃي. انهن چيو ته حد ته اها آهي ته جيڪڏهن ڪارڪن قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خطاب جو انتظار ڪن ۽ خطاب جي دوران تاڙيون وڄائين ته سهولت ڪار بڻائي ڪري انهن کي جيلن ۾ بند ڪيو وڃي ٿو. انهن چيو ته اڄ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي وفادارن جي گهرن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن. پر قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جا ڪارڪن  ۽ حق پرست عوام ڌمڪين، ڌاندلي، ڏاڍ ۽ ظلم کان گهبرائڻ وارا نه آهن. اسان ماضي ۾ به ثابت قدم رهياسين ۽ انشاء الله تعالٰي آئنده به ثابت قدم رهنداسين. 
*****

4/27/2024 5:37:17 AM