Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جون سازشون ماضي ۾ به ناڪام ٿيون ۽ انشاء الله تعالٰي هاڻي به ناڪام ٿينديون.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جون سازشون ماضي ۾ به ناڪام ٿيون ۽ انشاء الله تعالٰي هاڻي به ناڪام ٿينديون.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 3/7/2016 1
ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جون سازشون ماضي ۾ به ناڪام ٿيون ۽ انشاء الله تعالٰي هاڻي به ناڪام ٿينديون.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
لڳاتار ناانصافين ۽ مهاجرن جا حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم وجود ۾ آئي هئي
نائن زيرو تي يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ گڏ ٿيندڙ ڪارڪنن کي فون تي خطاب
لنڊن: 7 مارچ 2016 
                  متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم حق ۽ سچ جي تحريڪ آهي. ان کي ختم ڪرڻ جون سازشون ماضي ۾ به ناڪام ٿيون ۽ انشاء الله تعالٰي هاڻي به ناڪام ٿينديون. انهن خيالن جو اظهار انهن نائن زيرو تي يڪجهتي جي اظهار  جي لاءِ گڏ ٿيندڙ ڪارڪنن کي فون تي خطاب ڪندي فرمايو.ان موقعي تي نائن زيرو ۽ آس پاس جون گهٽيون ڪارڪنن سان ڀريل هيون. جناب الطاف حسين فرمايو ته پاڪستان جي قيام کان وٺي ئي مهاجرن سان ناانصافين جو سلسلو جاري آهي. انهن سان زندگي جي هر شعبي ۾ ٻئي درجي جي شهري جو سلوڪ ڪيو پيو وڃي ۽ انهن ناانصافين جي ڪري ئي ايم ڪيو ايم جنم ورتو. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم جا سمورا مخالف ايم ڪيو ايم جي پاليسين تي تنقيد ته ڪن ٿا. پر اهي مهاجرن سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ انهن تي ٿيندڙ ظلمن جو ذڪر نه ٿا ڪن. انهن فرمايو ته جنرل ايوب خان جي زماني ۾ محترمه فاطمه جناح جو ساٿ ڏيڻ جي ڏوھ ۾ مهاجر آبادين تي حملا ڪيا ويا. بي گناھ مهاجرن جو قتل عام ڪيو ويو. ان وقت ته ايم ڪيو ايم نه هئي. سرڪاري نوڪرين مان مهاجرن  کي ڪڍيو ويو. 1973 ۾ اندرون سنڌ ۾ مهاجرن جي ملڪيتن تي حملا ڪيا ويا. انهن کي لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو. انهن جي لاءِ نوڪرين جا دروازا بند ڪيا ويا. انهن فرمايو ته جڏهن کان ايم ڪيو ايم وجود ۾ آئي آهي ته انهي ڏينهن کان وٺي ڪري ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جون سازشون به ڪيون وينديون رهيون آهن. ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ ۽ ان کي رياستي طاقت جي ذريعي ڪڇلڻ جي لاءِ ۽ مختلف الزامن کي جواز بڻائي ڪري بار بار ان جي خلاف رياستي آپريشن ڪيا ويا ۽ اڄ به ان کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. نائن زيرو تي بار بار ڇاپا هنيا ويا ۽ اتي ٻاهران هٿيار آڻي ڪري اهو دعوٰي ڪيو ويو ته اهي هٿيار نائن زيرو تان مليا آهن.ان الزام جو دهل اڄ به وڄايو وڃي ٿو. اهڙي طرح 12 مئي جي واقعي جو ذڪر به بار بار ڪيو وڃي ٿو. حالانڪه ان ۾ ايم ڪيو ايم جا 14 ڪارڪن به شهيد ٿيا هئا. پر سانحه علي ڳڙھ ، پڪا قلعي سانحو حيدرآباد ، 30 سيپٽمبر 1988 تي حيدرآباد ۾ ٿيندڙ مهاجرن جي قتل عام ۽ ڪراچي ۾ قصبه ڪالوني، گرين ٽائون، جلال آباد، خواجه اجمير نگري، ماڊل ڪالوني ۽ ٻين مهاجر آبادين تي حملن ۽ مهاجرن جي قتل عام جي واقعن جو ذڪر نه ٿو ڪيو وڃي. مهاجرن ۽ انهن جي واحد نمائنده جماعت تي ملڪ دشمني ۽ دهشت گردي جا بيهوده الزام لڳائڻ وارا عناصر مهاجرن تي ڪيل انهن ظلمن ۽ انهن جي لڳاتار ٿيندڙ قتلن جو ذڪر نه ٿا ڪن. جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم حق ۽ سچ جي تحريڪ آهي ان کي ختم ڪرڻ جون سازشون ماضي ۾ به ناڪام ٿيون ۽ انشاء الله تعالٰي هاڻي به ناڪام ٿينديون. 
*****

4/27/2024 2:06:27 AM