Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي گرفتار ڪارڪنن ۽ لاپتا ڪارڪنن جون وفاداريون تبديل ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي


ايم ڪيو ايم جي گرفتار ڪارڪنن ۽ لاپتا ڪارڪنن جون وفاداريون تبديل ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
 Posted on: 3/6/2016 1
ايم ڪيو ايم جي گرفتار ڪارڪنن ۽ لاپتا ڪارڪنن جون وفاداريون تبديل ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
ڪراچي: 6 مارچ 2016 
                  متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جا جيڪي ڪارڪن گرفتار يا لاپتا آهن انهن جي گهرن تي اڻ ڄاتل سرڪاري اهلڪار فون ڪري انهن جي والدين کي چئي رهيا آهن ته جيڪڏهن اوهان پنهنجن ٻارن جي آزادي چاهيو ٿا ته انيس قائم خاني ۽ مصطفٰي ڪمال سان رابطو ڪريو. رابطا ڪميٽي چيو ته اسان لاپتا ۽ اسير ساٿين جي گهر وارن کي انهن جي جرت ۽ ثابت قدمي تي انهن کي سلام پيش ڪريون ٿا ۽ انهن کي چئون ٿا ته جهڙي طرح انهن هن مهل تائين جرت جو مظاهرو ڪيو آهي اهي اهڙي طرح ئي ثابت قدم رهن ۽ ڪنهن به ڌمڪي ۾ نه اچن. رابطا ڪميٽي عوام کي چيو ته جيئن جيئن اسان وٽ نيون اطلاعون ۽ ثبوت ايندا ته اسان ڪارڪنن، ذميوارن ۽ عوام کي آگاھ ڪندا سين  ۽ عوام تازه ترين حالتن ۽ واقعن کان آگاھ رهڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي ويب سائيٽ جو به مطالعو ڪن. رابطا ڪميٽي عوام کي اپيل ڪئي ته اهي الله تعالٰي جي حضور انصاف جي حصول جي لاءِ دعائون ڪن ۽ الله سائين جي انصاف تي يقين رکن ، الله تعالٰي ئي بهتر انصاف ڪرڻ وارو آهي ۽ اهو ئي ظالمن ، جابرن ۽ آمرن سان چڱي نموني نڀري سگهي ٿو. 

4/27/2024 1:01:14 AM