Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پاڪستان جي سياسي منظر نامي کي هاڻي تبديل ٿيڻ گهرجي ۽ ايم ڪيو ايم جي مينڊيٽ کي دل سان تسليم ڪيو وڃي.ڊاڪٽر فاروق ستار


پاڪستان جي سياسي منظر نامي کي هاڻي تبديل ٿيڻ گهرجي ۽ ايم ڪيو ايم جي مينڊيٽ کي دل سان تسليم ڪيو وڃي.ڊاڪٽر فاروق ستار
 Posted on: 3/5/2016 1
پاڪستان جي سياسي منظر نامي کي هاڻي تبديل ٿيڻ گهرجي ۽ ايم ڪيو ايم جي مينڊيٽ کي دل سان تسليم ڪيو وڃي.ڊاڪٽر فاروق ستار
ايم ڪيو ايم جڏهن به ٻين صوبن ۾ تنظيمي ڪمن کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ان جا پر ڪٽيا ويا آهن
نائن زيرو خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس
ڪراچي: 5 مارچ 2016 
 متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته اسان کي پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ تنظيمي ڪم ڪرڻ کان روڪيو پيو وڃي ۽ ايم ڪيو ايم جڏهن به ٻين صوبن ۾ تنظيمي ڪمن کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ان جا پر ڪٽيا ويا آهن. انهن چيو ته پاڪستان جي سياسي منظر نامي کي هاڻي تبديل ٿيڻ گهرجي ۽ ايم ڪيو ايم جي مينڊيٽ کي دل سان تسليم ڪيو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين پنهنجن ڪارڪنن سان جيترا رابطا ڪيا آهن ايترا رابطا ڪنهن ٻئي ڪنهن سياسي جماعت جي ليڊر پنهنجن ڪارڪنن سان نه ڪيا آهن.انهن چيوته پاڪستان جي سياست جي تباهي جي بنيادي وجه اها ئي آهي ته بغير ڪنهن ثبوت جي ڪنهن تي به الزام لڳايا وڃن ٿا. انهن چيو ته اڻ ڄاتل نمبرن تان شهيدن جي پونئرن، اسيرن جي گهر وارن ۽ بي وس ڪارڪنن سان رابطا ڪيا پيا وڃن . انهن چيو ته اهو سڀ ڪجھھ مائنس الطاف فارمولي جي تحت ٿي رهيو آهي جيڪو ماضي وانگر ناڪام ٿيندو. انهن خيالن جو اظهار انهن نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جا ميمبر عارف خان، شبير احمد قائم خاني، گلفراز خان خٽڪ ۽ محترمه زرين مجيد به موجود هئي. ڊاڪٽر فاروق ستار چيوته ايم ڪيو ايم جي خلاف نيون سازشون ڪيون پيون وڃن . انهن چيو ته اهي ٻه ماڻهو جيڪي ڪيتري عرصي کان دبئي ۾ هئا. انهن پريس ڪانفرنس ڪئي جنهن جو ايم ڪيو ايم به ڀرپور جواب ڏنو. انهن چيو ته 1992 ۾ جيڪي ماڻهو آيا هئا اهي فوجي ٽرڪن تي ويهي ڪري آيا هئا ۽ انهن کي ايم ڪيو ايم جي آفيسن ۾ لاٿو ويو هو. جتي انهن پرتشدد ڪاروائيون به ڪيون پر هن ڀيري مقصد اهو ئي آهي پر طريقو مختلف آهي. انهن چيو ته جيڪي الزام اسان تي لڳايا ويا آهن اهي ڪي نوان نه آهن بلڪه اهي ته جماعت اسلامي اسان تي 25 سالن کان هڻندي پئي اچي. ۽ عوام انهن الزامن کي هميشه رد ڪيو آهي ۽ اهي ئي الزام 15 سالن کان عمران خان به اسان تي هڻندا پيا اچن. انهن  چيو ته هاڻي انهن ٻنهي کي لاٿو ويو آهي ۽ اهي به اهي ئي ڳالهيون ڪري رهيا آهن. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جي شهيد ڪارڪنن جي پونئرن ، جيلن ۾ اسير ڪارڪنن جي گهر وارن ۽ مجبور ڪارڪنن کي لالچ ۽ ڌڪيون ڏيئي ڪري وفاداري تبديل ڪرائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن.اهڙي طرح چونڊيل نمائندن کي ايف آئي اي ۽ نيب جي ذريعي ڪوڙا مقدما بڻائي ڪري بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي ۽ اهو پيغام ڏنو پيو وڃي ته اهي انهن جي بنگلي تي هليا وڃن ته انهن کي رليف ڏنو ويندو. انهن چيو ته ان جا ثبوت اسان وٽ اچي چڪا آهن. انهن چيو ته سياسي جماعتون پنهنجن رابطن جي سهاري اليڪشن وڙهنديون آهن ، پي ٽي آئي کي به اهو موقعو مليو هو جڏهن 2008  کان 2013 تائين جو جڏهن ايم ڪيو ايم جي ڪارڪردگي سٺي نه هئي جنهن جي ڪري جيڪڏهن 3 ووٽ ايم ڪيو ايم کي پيا ته هڪ ووٽ پي ٽي آئي کي به مليو. جيڪو ايم ڪيو ايم کان ناراض ماڻهن جو هو، پي پي جو به  هو ۽ مسلم ليگ ن جو به ووٽ هو جيڪا وڏي ڳڻتي واري ڳالھھ هئي. انهن چيو ته اسان ان شي کي محسوس ڪندي ايم ڪيو ايم جي تنظيم نو ڪئي ۽ ماڻهن سان رابطن کي وڌيڪ بهتر ڪيو. جنهن جي نتيجي ۾ اين اي 246  جي اليڪشن ۾ اسان وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ مڪاني اليڪشن ۾ به اسان تاريخي ڪاميابي حاصل ڪئي. انهن چيو ته اسان ڪراچي تنظيمي ڪميٽي کي ختم ڪري ڇڏيو ان جي جڳھھ تي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل بڻائي، اهڙي طرح سيڪٽرن کي تبديل ڪري ٽائون بڻايو ۽ يونٽن کي تبديل ڪري يوسي بڻايو . انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جڏهن به قومي سطح تي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان جا پر ڪٽيا ويا. ان تي ٽارگيٽ ڪلنگ ، ڀتا خوري، دهشت گردي ۽ را جي اينجٽ جهڙا الزام لڳايا ويا پر اهي اڄ تائين ڪنهن به عدالت ۾ ثابت نه ٿي سگهيا آهن ۽ عوام اسان کي هميشه وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪرايو آهي. انهن چيو ته هن وقت به اسان پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ ٻيهر ڪم شروع ڪيو. پنجاب ۾ تنظيم سازي ڪئي ۽ اتي صوبائي ڪميٽي جوڙي. اهڙي طرح ڪي پي ڪي جو ڪنوينشن اسلام آباد ۾ منعقد ڪيو . جنهن ۾ ڪي پي ڪي کان 65 کان وڌيڪ حق پرست ڪائونسلرن شرڪت ڪئي جيڪي اتي ڪم ڪري رهيا آهن. اتي ڪنوينشن کي ناڪام بڻائڻ ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خطاب کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جيڪا ناڪام ٿي ۽ ڪنوينشن ڪامياب ٿيو. انهن چيو ته اسان محب وطن پاڪستاني آهيون ۽ اسان کي ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشش بند ڪئي وڃي. ڇو ته ماضي ۾ به سازشون ناڪام ٿيون هيون ۽ هاڻي به اهي سازشون  انشاء الله تعالٰي ناڪام ٿينديون. 


4/27/2024 5:49:29 AM