Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

مخدوم جاويد هاشمي جي طرفان عمران خان جي ڌرڻي جي دوران انتهائي سنگين الزامن جي تحقيقات جي لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙيو وڃي. بيرسٽر محمد علي سيف


مخدوم جاويد هاشمي جي طرفان عمران خان جي ڌرڻي جي دوران انتهائي سنگين الزامن جي تحقيقات جي لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙيو وڃي. بيرسٽر محمد علي سيف
 Posted on: 3/5/2016 1
مخدوم جاويد هاشمي جي طرفان عمران خان جي ڌرڻي جي دوران انتهائي سنگين الزامن جي تحقيقات جي لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙيو وڃي. بيرسٽر محمد علي سيف
اسلام آباد: 5 مارچ 2016 
                   متحده قومي موومينٽ جي سينيٽر بيرسٽر محمد علي سيف چيو آهي ته پي ٽي آئي جي سابق صدر مخدوم جاويد هاشمي جي طرفان عمران خان جي ڌرڻي جي دوران عمران خان ۽ تحريڪ انصاف تي لڳايل الزامن جي تحقيقات جي لاءِ فوري طور تي جوڊيشل ڪميشن جوڙيو وڃي. انهن چيو  ته ڌرڻي جي حوالي سان مخدوم جاويد هاشمي جيڪي انتهائي سنگين انڪشاف ڪيا هئا انهن جي مطابق عمران خان کي ان ڌرڻي جي لاءِ نه صرف ڪجھھ ڳجهين قوتن جي حمايت حاصل هئي بلڪه انهن کي ان مقصد جي لاءِ هڪ وڏي رقم به ملي هئي. جاويد هاشمي اهو به انڪشاف ڪيو هو ته عمران خان ان ڌرڻي جي ذريعي پاڪستان ۾ جمهوريت جي تڏا ويڙهھ ڪري غير جمهوري طريقي سان پاڻ اقتدار ۾ اچڻ چاهين پيا ۽ ان مقصد جي لاءِ عمران خان بي گناھ پاڪستانين جي قتل عام جو خطرناڪ منصوبو به بڻايو هو ته جيئن ان کي جواز بڻائي ڪري حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو وڃي. بيرسٽر سيف چيو ته ان ڌرڻي جي دوران  پاڪستاني  معيشت کي اربين ڊالرن جو نقصان پهتو هو ڇو ته چين جي صدر سميت ڪيترن ئي غير ملڪي سربراهن ۽ وفدن جا دورا منسوخ ٿيا هئا ۽ ڪيترن ئي چينلن جي ڊي ايس اين جيز کي به تباھ ڪيو ويو هو ۽ پي ٽي وي جي عمارت تي حملو ڪري ان جي نشريات به بند ڪئي وئي هئي. انهن وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس انور ظهير جمالي کان مطالبو ڪيو ته اهي جاويد هاشمي جي سنگين الزامن جو نوٽس وٺندي انهن الزامن جي تحقيقات  جي لاءِ فوري طور تي سپريم ڪورٽ جي ججن تي ٻڌل هڪ ڪميشن تشڪيل ڏين.

4/27/2024 2:26:13 AM