Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

متحده قومي موومينٽ جو آمريڪا واشنگٽن ڊي سي چيپٽر تحليل ڪري ٻه رڪني ڪميٽي قائم ڪرڻ جو اعلان


متحده قومي موومينٽ جو آمريڪا واشنگٽن ڊي سي چيپٽر تحليل ڪري ٻه رڪني ڪميٽي قائم ڪرڻ جو اعلان
 Posted on: 3/5/2016 1
متحده قومي موومينٽ جو آمريڪا واشنگٽن ڊي سي چيپٽر تحليل ڪري ٻه رڪني ڪميٽي قائم ڪرڻ جو اعلان
واشنگٽن ڊي سي: 5 مارچ 2016 
                 متحده قومي موومينٽ آمريڪا وشنگٽن ڊي سي جي ڪارڪنن جو جنرل ورڪرز اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سينٽرل آرگنائيزر متين يوسف، جوائنٽ انچارج فرحين رضوي ، ڪميٽي معاون شاهد معين ۽ ٻين ذميوارن کان علاوه ڪارڪنن به شرڪت ڪئي.  ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي فرحين رضوي چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي پنهنجن ڪارڪنن مان وڏيون اميدون وابسته آهن. انهن چيو ته اهو وقت جو تقاضا آهي ته ڪارڪن آمريڪا ۾ مقيم پاڪستاني برادري سان پنهنجن رابطن کي تيز ڪن. ان موقعي تي سينٽرل آرگنائيزر متين يوسف خطاب ڪندي چيو ته واشنگٽن ڊي سي آمريڪا جي گادي جو هنڌ آهي۽ انهي ڪري واشنگٽن ڊي سي کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي. ان موقعي تي انهن واشنگٽن ڊي سي جي چيپٽر کي تحليل ڪندي عمران حسين ۽ اسماء شاھ تي ٻڌل ٻه رڪني ايڊهاڪ ڪميٽي قائم ڪرڻ جو اعلان به ڪيو. اجلاس جي آخر ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي صحت و سلامتي ۽ وڏي عمر جي لاءِ دعا به ڪئي وئي. 

4/26/2024 11:51:23 PM