Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قائد تحريڪ جناب الطاف حسين تي بي بنياد الزام نئين بوتل ۾ پراڻي شراب هئڻ جي برابر آهن. واسع جليل


قائد تحريڪ جناب الطاف حسين تي بي بنياد الزام نئين  بوتل ۾ پراڻي شراب هئڻ جي برابر آهن. واسع جليل
 Posted on: 3/5/2016 1
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين تي بي بنياد الزام نئين  بوتل ۾ پراڻي شراب هئڻ جي برابر آهن. واسع جليل
ايم ڪيو ا يم جا سمورا ڪارڪن متحد ۽ منظم آهن ۽ هر قسم جي حالتن سان نڀرڻ جي لاءِ تيار آهن. حيدرعباس رضوي
ڪينيڊا: 5 مارچ 2016 
                 متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام ڪارڪنن جو جنرل ورڪرز اجلاس ٿيو جنهن ۾ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن، ايم ڪيو ايم ڪينيڊا جي نگران ڊاڪٽر نديم احسان، سينٽرل آرگنائيزر آصف قاضي ۽ ٻين کان علاوه ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي لنڊن ۾ موجود رابطا ڪميٽي جي ميمبر واسع جليل ٽيليفون جي ذريعي ڳالھھ ٻولھھ ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر مائنس الطاف حسين فارمولي جي تحت اسٽيبلشمينٽ پنهنجن ڪارندن جي ذريعي پريس ڪانفرنس ڪرائي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم تي بي بنياد الزام هڻايا آهن، جيڪي حقيقت ۾ نئين بوتل ۾ پراڻي شراب هئڻ جي برابر آهن. انهن چيو ته جناب الطاف حسين سان ڪارڪنن جو رشتو هڪ عظيم پيءُ  جو آهي. ان موقعي تي ڪارڪنن قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان تجديد عهد وفا به ڪيو. ان موقعي تي آمريڪا کان رابطا ڪميٽي ميمبر حيدرعباس رضوي ڳالھھ ٻولھھ ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم جا سمورا ڪارڪن قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي قيادت ۾ متحد ۽ منظم آهن ۽ هر قسم جي پروفيگنڊن ۽ حالتن کان نڀرڻ جي لاءِ تيار آهن. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن ڄاڻين ٿا ته انهن جو ۽ انهن جي قائد جو تعلق بانيان پاڪستان جي انهن اولادن سان آهي جيڪي اڄ به پاڪستان جي ترقي جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم ڪينيڊا جي سينٽرل آرگنائيزر آصف قاضي به خطاب ڪيو. جنرل ورڪرز اجلاس کان پوءِ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي صحت و سلامتي ۽ وڏي عمر جي لاءِ دعائون به ڪيون ويون. 

4/26/2024 11:43:28 PM