Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم عوامي مينڊيٽ رکڻ واري وڏي سياسي جماعت آهي جنهن کي عوام ڪيترائي ڀيرا مينڊيٽ ڏنو آهي. نديم نصرت


ايم ڪيو ايم عوامي مينڊيٽ رکڻ واري وڏي سياسي جماعت آهي جنهن کي عوام ڪيترائي ڀيرا مينڊيٽ ڏنو آهي. نديم نصرت
 Posted on: 3/4/2016 1
ايم ڪيو ايم عوامي مينڊيٽ رکڻ واري وڏي سياسي جماعت آهي جنهن کي عوام ڪيترائي ڀيرا مينڊيٽ ڏنو آهي. نديم نصرت
سڄي ملڪ جا مظلوم عوام ڪالھھ به قائد تحريڪ جناب الطاف حسين تي ڀرپور اعتماد ڪندا هئا ۽ اڄ به ڪن ٿا نائن زيرو تي نديم نصرت ، ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ عامر خان جي پريس ڪانفرنس
ڪراچي: 3 مارچ 2016 
                   لنڊن ۾ مقيم ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر نديم نصرت چيو آهي ته ايم ڪيو ايم عوامي مينڊيٽ رکڻ واري وڏي سياسي جماعت آهي. جنهن کي عوام ڪيترائي ڀيرا مينڊيٽ ڏنو آهي ۽ اڄ به ان جا چونڊيل سينيٽر، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر، يوسي ناظم ۽ ڪائونسلر آهن. انهن خيالن جو اظهار انهن نائن زيرو تي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو . ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جا ڊپٽي ڪنوينر، رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ، چونڊيل حق پرست نمائندن ۽ ٻين کان علاوه ڪارڪنن جي به وڏي تعداد موجود هئي. نديم نصرت چيو ته اڄ جيڪي الزام ايم ڪيو ايم تي لڳايا ويا آهن. ايم ڪيو ايم کي اهڙي طرح جي بي مقصد ۽ ڪوڙن الزامن جو جواب ڏيڻ جو ڪوئي به شوق نه آهي. انهن چيو ته اهڙي طرح جي نان ايشوز کي ايشو بڻايو ويو آهي. انهن چيو ته دنيا ۾ ائين ڪٿي ٿئي ٿو  ته جنهن شخص وٽ ڪوئي مينڊيٽ به نه آهي ۽ ان کي ٽي وي تي اڍائي ڪلاڪن تائين ويهاري ڪري ان جماعت جي خلاف جنهن وٽ عوام جو مينڊيٽ آهي ان تي الزامن جي برسات ڪرائي وڃي؟ انهن چيو ته اڄ جا الزام ماضي جي داستان آهن ۽ اهڙن الزامن جو اسان ماضي کان ئي سامنو ڪندا پيا اچون. انهن چيو ته 1992 ۾ ڇا جنرل آصف نواز جنجوعه اهو نه چيو هو ته جڏهن مسلم ليگ ۾ ڪيترائي ڌڙا ٺهي سگهن ٿا ته پوءِ ايم ڪيو ايم ۾ ڌڙا ڇو نه ٿا ٺهي سگهن. انهن چيو ته تاريخ ان ڳالھھ جي گواھ آهي ته جيڪي ماڻهو قافلن ۾ شامل ٿين ٿا. انهن جي سڃاڻپ بڻجي ٿي پر جڏهن اهي قافلن کان الڳ ٿي وڃن ٿا ته انهن جي سڃاڻپ به ختم ٿي وڃي ٿي. انهن چيو ته اهي جن وٽ عوامي مينڊيٽ آهي ته انهن تي پابندي آهي ۽ اهي شهر ۾ صفائي سٿرائي جي لاءِ عدالتن ۾ ضمانتون ڪرائي رهيا آهن، پر جن وٽ ڪوئي به مينڊيٽ نه آهي اهي کلي عام ٽي وين تي ويهي ڪري پريس ڪانفرنسون ڪري رهيا آهن ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم تي الزامن جي برسات ڪري رهيا آهن. انهن چيو ته 1993 ۾ ايم ڪيو ايم قومي اسيمبلي جي اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيو هو ته پولنگ اسٽيشنن تي ڪتا گهمي رهيا هئا ۽ ائين لڳي رهيو هو ته ڄڻ اليڪشن ٿي ئي نه رهيو آهي. پر ٻئي ڏينهن ئي صوبائي اليڪشن ٿيو ۽ ايم ڪيو ايم ان ۾ حصو ورتو ته لکن جي تعداد ۾ ماڻهو نڪتا ۽ ايم ڪيو ايم کي ووٽ ڏنا. انهن چيو ته جيڪڏهن الطاف حسين ڀاءُ کي جائيدادون ۽ پيسا ٺاهڻا هجن ها ته ايترا سارا سينيٽر، ايم اين ايز ، ايم پيز ايز ۽ ڪائونسلر آهن ته ڇا انهن ۾ ڪوئي الطاف حسين ڀاءُ جو ڪوئي فيملي ميمبر آهي.اهي سڀ را جي ايجنٽن جا الزام لڳائڻ وارا ٻڌائين ته لياقت علي خان کي ڪنهن قتل ڪيو هو. ڇا سرحدون الطاف حسين ڀاءُ جي حڪم تي بڻجي ويون  ۽ بيورڪريسي مان اردو ڳالهائڻ وارن کي ڪنهن ڪڍيو. ايوب خان جي دور ۾ لساني فساد ڪنهن ڪرايا. سانحه 30 آڪٽوبر جو ذميوار ڪير آهي. پوليس ۾ مقامي ماڻهو ڇو نه آهن، ايتري وڏي شهر ۾ ڪنڊيڪٽ ڪاليج ڇو نه بڻايو ويو. مهاجرن کي قومي وهڪري ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڇو نه ڪئي وئي. انهن پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ کي دردمندانه اپيل ڪئي ته ايم ڪيو ايم هڪ باشعور ۽ پڙهيل لکيل ماڻهن جي جماعت آهي. خدا جي واسطي اهو رويو ترڪ ڪريو ۽ ٻئي ڪنهن تي هٿ رکڻ کان بهتر آهي ته اوهان الطاف حسين ڀاءُ سان ڳالھھ ڪريو ۽ مسئلي جو حل صرف الطاف حسين ڀاءُ وٽ آهي ۽ اهو ئي حقيقي ليڊر آهي ۽ پاڪستان جي تقدير به  بدلي سگهي ٿو. انهن چيو ته ڪارڪن ڪاوڙ ۾ نه اچن ۽ ڪنهن به قيمت تي قانون کي هٿن ۾ نه کڻڻ. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان پارٽ آف سوليوشن آهيون . اڄ ٻن ماڻهن جي پريس ڪانفرنس ٿي آهي. جنهن ۾ ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين ڀاءُ تي الزام لڳايا ويا آهن. انهن چيو ته مان اڄ انهن جو ئي شعر ورجائيندس جيڪي اهي عام طور تي پڙهندا هئا. 
اپني مرڪز جي اگر دور نڪل جائوگي، خاڪ هوجائوگي افسانون ۾ ڊهل جائوگي.
اپني مٽي پي چلني ڪا سليقه سيکو سنگ مر مر  پي   چلو گي تو پهسل جائوگي.
 انهن چيو ته ڪالھھ به اسان جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو هو ۽ اڄ به انهي مقصد جي لاءِ هتي گڏ ٿيا آهيون. انهن چيو  ته اين اي 246 جي ووٽرن اسان تي الزامن جي نفي ڪئي هئي. اهڙي طرح ڪنٽومينٽ جي اليڪشن ۾ به اسان جي موقف جي تائيد ٿي هئي ۽ ميرپورخاص ۽ حيدرآباد جي اليڪشنن ۾ اسان کي فتح نصيب ٿي هئي. انهن چيو ته اسان جي 5 ڊسمبر جي مينڊيٽ ثابت ڪري ڇڏيو هو ته ڪراچي جون سڀئي قومون ايم ڪيو ايم سان گڏ آهن. انهن چيو ته اڄ جي پريس ڪانفرنس ۾ اهڙو ڪهڙو الزام هو جيڪو جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آئي نه لڳايو هجي، پر انهن الزامن جو ڪهڙو نتيجو نڪتو هو. انهن چيو ته اڄ جيڪي الزام لڳايا ويا آهن اهي بي بيناد آهن ۽ انهن سازشن جو مقصد ٻيو ڪجھھ به نه آهي ته صرف ۽ صرف مائنس الطاف فارمولي کي عملي جامو پارايو وڃي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم مسئلي جو حل آهي ۽ ان کي مسئلي جو ذميوار نه سمجهيو وڃي. انهن چيو ته اڄ جن جماعتن انهن ٻن ماڻهن جي حمايت ڪئي آهي انهن ۾ جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آئي شامل آهي. انهن چيو ته 2013 جي اليڪشن ۾ چيو ويو هو ته ايم ڪيو ايم جو ووٽ بينڪ گهٽ ٿيو آهي ۽ اهي جيڪي ماڻهو 2013 جو حوالو ڏين ٿا اهي 2015 جو به حوالو  ڏين ۽ انهن جي نتيجن کي به ياد رکن. انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين بيماري جي تشخيص به ڪن ٿا ۽ انهن وٽ ان جو علاج به آهي. انهن چيو ته نه ماضي ۾ سازشون ڪامياب ٿيون ۽ نه آئنده سازشون ڪامياب ٿينديون. انهن چيو ته اڄ  الطاف حسين ڀاءُ سان گڏ ڪراچي ۽ پاڪستان جا عوام جدوجهد ۾ گڏ بيٺا آهن. ان جي ڪري جيڪي ڳالهيون ٿي رهيون آهن. اهي ڪراچي ۽ ان جي ماڻهن جي خلاف وڏيون سازشون آهن. انهن چيو ته جيڪي ماڻهو ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين تي کلن ، فطري ۽ زڪوٰت جي پيسن جي ڪرپشن جو الزام لڳائين ٿا اهي ٻڌائين ته جڏهن اهي ناظم هئا ۽ ڪراچي جي تعمير ۽ ترقي جي لاءِ 300 ارب روپيا جنرل مشرف جي طرفان ڏنا ويا ته انهن پيسن ۾ هڪ پائي جي به ڪرپشن ٿي؟ ۽ اهي جنهن قائد تي اهي ٻن ارب روپين جي ڪرپشن جو الزام لڳائي رهيا آهن ته اهي 300 ارب روپين ۾ ڪرپشن ڇو نه ٿا ڪن؟ ان کان پوءِ سينيئر ڊپٽي ڪنوينر عامر خان چيو ته حضرت علي عليه السلام جو قول مبارڪ آهي ته جنهن تي توهان احسان ڪريو ته ان جي شر کان به ڊڄو. انهن چيو ته جنهن کي جهانگير روڊ جي ڪوارٽر کان کڻي ڪري ڪراچي جو ناظم بڻايو ويو اڄ ان شخص پنهنجو شر ڏيکاري ڇڏيو آهي. انهن چيو ته جنهن ڊائريڪٽرن پوئين فلم بڻائي هئي اڄ اهو ئي ڊائريڪٽر هڪ نئين فلم سان گڏ سامهون آيو آهي ۽ ان فلم جي نمائش کان اڳ ئي ان فلم جو ٽريلر عوام رڌ ڪري ڇڏيو آهي. انهن چيو ته اسان کي ڪنهن جي به طرفان حب الوطني جو سرٽيفيڪيٽ نه گهرجي. اهي الزام ته ايوب خان به فاطمه جناح تي لڳايا هئا. آخر ۾ عامر خان چيو ته لنڊن ۽ پاڪستان جي رابطا ڪميٽي گڏيل فيصلو ڪيو آهي ته انهن ٻنهي ماڻهن جي تحريڪ جي بنيادي رڪنيت ختم ڪئي وڃي ٿي. 
*****

4/27/2024 2:45:56 AM