Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اهو وقت پري نه آهي جڏهن اسان جا مخالف به اسان جي حقيقت کي تسليم ڪري وٺندا.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


اهو وقت پري نه آهي جڏهن اسان جا مخالف به اسان جي حقيقت کي تسليم ڪري وٺندا.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 2/28/2016
اهو وقت پري نه آهي جڏهن اسان جا مخالف به اسان جي حقيقت کي تسليم ڪري وٺندا.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
ڪامياب ڪنوينشن جي انعقاد تي جناب الطاف حسين جي طرفان ڪي پي ڪي جي صدر بيرسٽر محمد علي سيف ۽ انهن جي پوري ٽيم کي زبردست خراج تحسين پيش
لنڊن: 28 فيبروري 2016 
                 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم ڪي پي ڪي انتهائي ڏکين حالتن جي باوجود هڪ ڪامياب ڪنوينشن ڪرائي ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته تمام تر وسيلن جي باوجود حق پرستي جو فلسفو تيزي سان ڦيلجي رهيو آهي ۽ ڪامياب انتظامن جو ڪريڊٽ ڪي پي ڪي جي صدر بيرسٽر محمد علي سيف کي وڃي ٿو. انهن خيالن جو اظهار انهن ڪي پي ڪي جي عهديدارن سان ڳالھھ ٻولھھ ڪندي فرمايو. جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم جي خلاف جيڪو ميڊيا ٽرائل هلي رهيو آهي ان جي توڙ جي لاءِ ضروري آهي ته ڪي پي ڪي جي هر ضلعي ۾ ننڍا ننڍا پروگرام آرگنائيز ڪيا وڃن ته جيئن عوام جي سامهون اصل حيقتون اچي  سگهن. انهن فرمايو ته اهو وقت پري نه آهي جڏهن اسان جا مخالف به اسان جي حقيقت کي تسليم ڪندا. انهن ڪي پي ڪي جي ڪارڪنن کي هدايت فرمائي ته اهي تحريڪ جي پيغام کي 

اڳتي وڌائين ۽ ان جي پاڙن کي مضبوط ڪن. مخالف اسان کي گذريل 38 سالن ۾ به ختم نه ڪري سگهيا اوهان پنهنجي اتحاد سان ثابت ڪري ڇڏيو ته اهي ناپاڪ خواهشون ايندڙ 38 سالن ۾ به پوريون نه ٿينديون. جناب الطاف حسين بيرسٽر محمد علي سيف  ۽ انهن جي پوري ٽيم کي ڪامياب ڪنوينشن جي انعقاد تي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي فرمايو ته هڪ ڪامياب آرگنائيزر هڪ گڊ لڪ هوندو آهي ان جي اندر سڀني کي گڏ ڪري وٺي هلڻ جي صلاحيت هوندي آهي. انهن فرمايو ته ماڻهن کي گڏ ڪرڻ ڪا وڏي ڳالھھ نه آهي پر سڀني کي هڪ نقطي تي گڏ ڪرڻ ئي اصل ۾ وڏي ڪاميابي هوندي آهي. 
*****

4/28/2024 11:18:16 PM