Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جيڪڏهن منهنجي ڪنهن به تقرير سان ڪنهن فوجي اداري يا ان جي سربراھ يا ڪنهن فوجي آفيسر کي ڏک پهتو آهي ته مان ان تي معذرت ڪريان ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


جيڪڏهن منهنجي ڪنهن به تقرير سان ڪنهن فوجي اداري يا ان جي سربراھ يا ڪنهن فوجي آفيسر کي ڏک پهتو آهي ته مان ان تي معذرت ڪريان ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 2/28/2016
جيڪڏهن منهنجي ڪنهن به تقرير سان ڪنهن فوجي اداري يا ان جي سربراھ يا ڪنهن فوجي آفيسر کي ڏک پهتو آهي ته مان ان تي معذرت ڪريان ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
فوج ۽ مهاجرن جي وچ ۾ جيڪي غلط فهميون  پيدا ٿيون آهن انهن جو ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ خاتمو ضروري آهي.
ايم ڪيو ايم جي سپريم ڪائونسل ۽ رابطا ڪميٽي لنڊن ۽ پاڪستان جي اهم اجلاس کي وڊيو ڪانفرنسنگ جي ذريعي خطاب
لنڊن: 28 فيبروري 2016 
                  متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته فوج ۽ مهاجرن جي وچ ۾ جيڪي غلط فهميون پيدا ٿيون آهن انهن جو ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ خاتمو تمام ضروري آهي. جيڪڏهن منهنجي ڪنهن به تقرير سان ڪنهن فوجي اداري يا ان جي سربراھ ۽ يا ڪنهن به فوجي آفيسر کي ڏک پهتو آهي ته مون کي ان تي افسوس آهي ۽ مان ان تي معذرت ڪريان ٿو. ايم ڪيو ايم ڪراچي جي امن ۽ استحڪام، سنڌ سميت سڄي ملڪ کي ڪرپشن کان پاڪ ڪرڻ ۽ پوري ملڪ جي بهتري ۽ قومي مفاد جي لاءِ پاڪستان جي فوجي قيادت سان هر قسم جو تعاون ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. اها ڳالھھ انهن ايم ڪيو ايم سپريم ڪائونسل ۽ رابطا ڪميٽي لنڊن ۽ پاڪستان جي گڏيل اجلاس کي وڊيو ڪانفرنس جي ذريعي خطاب ڪندي فرمائي. جناب الطاف حسين جي زير صدارت ٿيندڙ هن اهم اجلاس ۾ رابطا ڪميٽي ۽ سپريم ڪائونسل جي ڪنوينر نديم نصرت ، رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينرن، ڊپٽي ڪنوينرن، رابطا ڪميٽي ميمبرن، رئوف صديقي ۽ سپريم ڪائونسل جي ميمبر ۽ آئيني ماهر بيرسٽر فروغ نسيم به شرڪت ڪئي. اجلاس جي دوران فروغ نسيم ۽ ٻين جناب الطاف حسين سان ملڪي ۽ عالمي صورتحال خصوصن سنڌ ۽ ڪراچي جي صورتحال تي به تفصيلي غور ڪيو. اجلاس کي خطاب ڪندي جناب الطاف حسين فرمايو ته پاڪستان جي قيام کان وٺي ڪري ئي فوج ۽ مهاجرن جي وچ ۾ محبت ۽ تعاون جو مثالي رشتو رهيو آهي. پر بدقسمتي سان ڪجھھ سببن جي ڪري فوج ۽ مهاجرن جي وچ ۾ غلط فهميون پيدا ٿيون آهن. جن کي ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ پري ڪرڻ تمام ضروري آهي. جناب الطاف حسين ملڪ کان دهشت گردي جي خاتمي جي لاءِ آپريشن ضرب عضب ۾ فوج جي ڪردار کي ساراهيندي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻڻ کي هدايت ڪئي ته اهي ملڪ کان دهشت گردي جي خاتمي ۽ ملڪ خصوصن ڪراچي ۾ ديرپا امن جي قيام جي لاءِ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن ۽ انهن جي حڪام سان ڀرپور تعاون ڪن. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم هميشه فوجي قيادت ۽ ادارن جي ڀلائي جي ڳالھھ ڪئي آهي ۽ انهن کي هميشه عزت جي نظر سان ڏٺو آهي. انهن فرمايو ته جيڪڏهن منهنجي ڪنهن به تقرير سان ڪنهن به فوجي اداري يا ان جي سربراھ يا ڪنهن به آفيسر کي ڏک پهتو آهي ته مون کي ان تي افسوس آهي ۽ مان ان تي معذرت ڪريان ٿو. جناب الطاف حسين وڌيڪ فرمايو ته اهڙي طرح ايم ڪيو ايم اعلٰي عدالتن ۽ ان جي ججن کي به عزت جي نظر سان ڏسي ٿي. انهن اهو به فرمايو  ته ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ لاء اينڊ آرڊر کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ، سنڌ سميت سڄي ملڪ کي ڪرپشن کان پاڪ ڪرڻ ۽ پوري ملڪ جي بهتري ۽ قومي مفاد جي لاءِ پاڪستان جي فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪري گڏ بيٺي آهي. انهن فرمايو ته ملڪ ۽ قوم کي جن اندرين ۽ ٻاهرين بحرانن ۽ خطرن جو سامنو آهي. انهن کي سامهون رکندي اسان کي ماضي کي وساري ڪري هڪ نئين جذبي سان گڏجي ڪري ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ ڪم ڪرڻو پوندو ۽ ان حوالي سان ايم ڪيو ايم پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي ۽ سپريم ڪائونسل کي چيو ته ان کي اهو مينڊيٽ حاصل آهي ته اهي امن و امان جي ديرپا قيام جي حوالي سان لاڳاپيل حلقن سان ملاقاتون ڪن ۽ انهن کي ان سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم جي تعاون جو يقين به ڏيارين. جناب الطاف حسين اجلاس جي دوران سنڌ خصوصن شهري علائقن ۾ مڪاني نظام جي تباهي، صحت و صفائي جي بدتر صورتحال ۽ پاڻي ۽ بجلي جي وڌندڙ بحران تي وڏي ڳڻتي ۽ افسوس جو اظهار ڪندي سپريم ڪائونسل ۽ رابطا ڪميٽي کي هدايت ڪئي ته اهي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي اليڪشن جو انتظار ڪرڻ کان سواءِ ئي پنهنجي مدد پاڻ جي تحت ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص،  نواب شاھ ۽ سکر ۾ صفائي مهم جو آغاز ڪري ڇڏين.انهن چونڊيل نمائندن کي به هدايت ڪئي ته اهي به پاڻي ۽ ٽريفڪ جي مسئلن جي حل ۽ روڊن جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏين. جناب الطاف حسين سنڌ خصوصن ڪراچي جي مڪاني ادارن جي اختيارن ۾ ڪمي، صوبائي حڪومت جي طرفان ڪراچي جي اهم مڪاني ادارن کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ وٺڻ ۽ ميئر ۽ ڊپٽي ميئرن جي اليڪشن ۾ لڳاتار تاخير جي به مذمت ڪندي رابطا ڪميٽي کي هدايت ڪئي ته اهي ٻين سياسي ۽ مذهبي جماعتن، سول سوسائٽي جي نمائندن ، سفارتڪارن ۽ ميڊيا جي نمائندن سان وفدن جي صورت ۾ ملاقات ڪن ۽ انهن کي ان ناانصافي کان آگاھ ڪن.
*****

4/29/2024 12:18:30 AM