Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي پاڪستان کي 70 سيڪڙو روينيو ڏيئي ڏيئي ٿو پر ڪراچي کي وفاق کان جائز حصو نه ٿو ملي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


ڪراچي پاڪستان کي 70 سيڪڙو روينيو ڏيئي ڏيئي ٿو پر ڪراچي کي وفاق کان جائز حصو نه ٿو ملي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 2/28/2016
ڪراچي پاڪستان کي 70 سيڪڙو روينيو ڏيئي ڏيئي ٿو پر ڪراچي کي وفاق کان جائز حصو نه ٿو ملي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
سڄي ملڪ کي هلائڻ وارو ڪراچي اڄ پنهنجن حقن کان محروم آهي
ڪراچي وارا ڪنهن کان ڪجھھ ڇڻن نه ٿا چاهين بلڪه پنهنجو حق گهرن ٿا.
ڊفينس ۾ ڊي سي آر سي جي تحت منعقد ٿيندڙ اجتماع کي ٽيليفونڪ خطاب
لنڊن: 28 فيبروري 2016 
                 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ڪراچي پاڪستان جو معاشي حب ۽ دنيا جو ڇهون وڏو شهر آهي. جيڪو پاڪستان کي 70 سيڪڙو روينيو ڏيئي ٿو. پر موٽ ۾ ڪراچي کي ان جي ترقي جي لاءِ وفاق کان جائز حصو نه ٿو ملي ۽ سڄي ملڪ کي هلائڻ وارو اهو شهر پنهنجن حقن کان محروم آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن ڊفينس ۾ ڊي سي آر سي جي تحت منعقد ٿيندڙ  اجتماع کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمايو. اجتماع ۾ صنعتڪارن، واپارين ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جو سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار، رابطا ڪميٽي ميمبرَ عبدالقادر خانزاده، ڪمال ملڪ، نامزد ميئر وسيم اختر، ارشد وهره ۽ اسيمبلي ميمبر به موجود هئا. جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪراچي پاڪستان جو معاشي انجڻ آهي، جنهن مان حاصل ٿيندڙ روينيو سڄي ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. پر ڪراچي کي ان جو جائز حق نه ٿو ڏنو وڃي. سنڌ حڪومت به ڪراچي کي لڳاتار نظر انداز ڪري رهي آهي جنهن جي ڪري اڄ ڪراچي جهڙو شهر  صحت و صفائي کان محروم ۽ ٻين  مسئلن ۾جڪڙيل آهي. انهن فرمايو ته جڏهن ڪراچي وارا پنهنجو حق گهرن ٿا ته انهن تي غداري جا الزام لڳايا وڃن ٿا. انهن فرمايو ته ڪراچي وارا ڪنهن کان ڪجھھ ڇڻن نه ٿا چاهين بلڪه پنهنجو حق گهرن ٿا، انهن فرمايو ته اختيارن کان محرومي جي ڪري ئي گڊ گورننس جا مسئلا پيدا ٿين ٿا ۽ عوام جو مينڊيٽ رکڻ وارن ۾ احساس محرومي پيدا ٿئي ٿو. انهن فرمايو ته پاڪستان جي آبادي هاڻي 20 ڪروڙن کان به وڌي چڪي آهي. ان جي ڪري گڊ گورننس جي لاءِ  ضروري آهي ته پاڪستان ۾ 20 صوبا بڻايا وڃن ۽ اختيار هيٺين سطح تي منتقل ڪيا وڃن. انهن فرمايو ته بدقسمتي سان پاڪستان ۾ انصاف ۽ قانون جو ٻٺو معيار آهي. جيڪڏهن امير طبقي سان تعلق رکندڙ ڪو ماڻهو قانون جي ڀڃڪڙي ڪري ته ان جي پڪڙ نه ٿي ٿئي. پر جيڪڏهن ڪو غريب ۽ وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهو اهو ئي عمل ڪري ٿو ته ان تي فوري طور تي مقدمو بڻايو وڃي ٿو. انهن فرمايو ته جيڪڏهن ڪوئي سياسي اڳواڻ چوي ته اسان فوج کي تباھ ڪري ڇڏينداسين ته ان کي معافي ملي وڃي ٿي، پر جيڪڏهن مان تنقيد ڪريان ته مان سزا جو حقدار قرار ڏنو وڃان ٿو ۽ منهنجين تقريرن ۽ بيانن تي پابندي لڳائي وڃي ٿي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي ۽ اسيمبلي ميمبرن تي مقدما قائم ڪيا وڃن ٿا، جو انهن الطاف حسين جي تقرير ٻڌي ڪري تاڙيون وڄايون هيون. اڄ به مون تي ۽ فاروق ستار، نسرين جليل، وسيم اختر ۽ خوش بخت شجاعت تي مقدما بڻايا ويا آهن. انهن فرمايو ته بني گاله جي سوين ايڪڙ عاليشان گهر ۾ رهڻ واري هڪ شخصيت جي ناجائز تعلقات جي باري ۾ ڪوئي به فتوٰي نه ٿو ڏيئي پر جيڪڏهن مان پنهنجي خطاب ۾ قرآن پاڪ جو حوالو ڏيئي ڪري انسان جي پيدائش ۽ نفسيات جي باري ۾ ڳالھھ ڪريان ته مون تي اڄ ئي مقدمو  مقدمو بڻايو ويو آهي ته مان عورتن جي توهين ڪئي آهي. انهن فرمايو ته مان ته قرآن پاڪ جي آيتن جي روشني  ۾ انسان جي پيدائش جو حوالو ڏيندي چيو هو ته انسان هڪ گندي قطري مان پيدا ٿئي ٿو  ته پوءِ اهو ڪهڙي ڳالھھ تي تڪبر ڪري ٿو. سڀني کان وڏي ۽ عظمت واري ذات الله پاڪ جي آهي ۽ تڪبر به صرف انهي ذات پاڪ جي لاءِ آهي. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم شاگردن جي سطح تي قائم ٿيندڙ تنظيم مان جنم ورتو. جنهن کي 1997 ۾ مهاجر قومي موومينٽ ۾ تبديل ڪيو ويو ته جيئن سڄي ملڪ جي محروم ۽ مظلوم عوام جي حقن جي لاءِ جدوجهد ڪئي وڃي ۽ انهن کي فرسوده جاگيرداراڻه نظام کان نجات ڏياري وڃي. اسان سڄي ملڪ جي عورتن کي مردن جي برابر حق ڏيارڻ چاهيون ٿا ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ چاهيون ٿا. مان ڪنهن به زبان ڳالهائڻ واري سان يا ڪنهن به قوم سان نفرت نه ٿو ڪريان. بلڪه سڀني سان محبت ڪريان ٿو. سڀني مظلومن جي حقن جي ڳالھھ ڪريان ٿو. مان ملڪ کان ڪاروڪاري جي فرسوده رسمن جو خاتمو چاهيان ٿو. مان سنڌ جي اهڙن ڪيترن ئي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي نائن زيرو تي پناھ ڏني  جن کي جرگن ڪاروڪاري جي الزام ۾ قتل جي سزا ٻڌائي هئي. جيڪڏهن اهو منهنجو ڏوھ آهي ته مان اهو ڏوھھ ڪندو رهندس. مان هڪ اهڙو معاشرو قائم ڪرڻ چاهيان ٿو جتي ڪنهن کي به ان جي دولت ۽ مرتبي جي بنياد تي عزت نه ڏني وڃي ، مان سمجهان ٿو ته سڀني کي زنده رهڻ جو حق آهي. ۽ سڀني کي عزت ملڻ گهرجي. مان پنهنجن اصولن ۽ نظرين جو سودو نه ڪيو. مان چاهيان ٿو ته ماڻهو انسانيت جي ڀلائي جي لاءِ ڪم ڪن ۽ مجبورن جو سهارو بڻجن. انهن اجتماع جي شرڪاء کي اپيل ڪئي ته اهي ايم ڪيو ايم جي لاءِ به وقت ڪڍن ۽ پنهنجين صلاحيتن سان عوام جي حقن جي لاءِ ڪئي ويندڙ ان جدوجهد کي ڪامياب بڻائين.
*****

4/28/2024 2:49:39 PM