Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سانگهڙ ميونسپل ڪميٽي جي مڪاني اليڪشن ۾ حق پرستن جي ڪاميابي حق ۽ سچ جي فتح آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


سانگهڙ  ميونسپل ڪميٽي جي مڪاني اليڪشن ۾ حق پرستن جي ڪاميابي حق ۽ سچ جي فتح آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 2/26/2016
سانگهڙ  ميونسپل ڪميٽي جي مڪاني اليڪشن ۾ حق پرستن جي ڪاميابي حق ۽ سچ جي فتح آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
لنڊن: 26 فيبروري 2016 
                   قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سانگهڙ ميونسپل ڪميٽي ٽنڊو آدم جي وارڊ نمبر 4 کان محمد صادق قائم خاني، وارڊ نمبر 5 کان اصغر عباسي، وارڊ نمبر 7 کان شوڪت شيخ ۽ وارڊ نمبر 22 کان نور خان راجپوت جي شاندار ڪاميابي تي سانگهڙ جي حق پرست عوام جو شڪريو ادا ڪندي انهن کي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته سانگهڙ ۾ حق پرستن جي ڪاميابي حق ۽ سچ جي فتح آهي. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم غريب ۽ مظلومن جي جائز حقن جي لاءِ عملي جدوجهد ڪري رهي آهي ۽ سانگهڙ جي مڪاني اليڪشن ۾ حق پرستن جي واضع فتح ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته ايم ڪيو ايم جو پيغام سانگهڙ سميت سڄي ملڪ ۾ تيزي سان ڦيلجي رهيو آهي. انهن ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن کي مبارڪباد ڏيندي فرمايو ته عوام جي خدمت ئي ايم ڪيو ايم جو نصب العين آهي. ان جي ڪري ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن تي وڏي ذميواري عائد ٿئي ٿي. 
*****

4/28/2024 7:44:30 PM