Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سنڌ خصوصن ڪراچي جي مختلف ادارن، واپارين ۽ بيورو ڪريسي جي ماڻهن کي فون ڪري فنڊ گهرڻ وارن ۽ ٽرانسفر پوسٽنگ جي حوالي سان ڳالھھ ڪندڙ ماڻهن جو ايم ڪيو ايم سان ڪوئي به تعلق نه آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جو اعلاميو

 Posted on: 2/25/2016

ڪراچي: 25 فيبروري 2016 
                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي چيو آهي ته سنڌ خصوصن ڪراچي جي مختلف ادارن، واپارين ۽ بيورو ڪريسي جي ماڻهن کي فون ڪري فنڊ گهرڻ ۽ ٽرانسفر پوسٽنگ جي حوالي سان ڳالھھ ڪرڻ وارن ماڻهن جو ايم ڪيو ايم سان ڪوئي به تعلق نه آهي. پنهنجي هڪ وضاحتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته اطلاعون آهن ته مختلف ادارن، واپارين ۽ بيورو ڪريسي جي ماڻهن کي اڻ ڄاتل ماڻهن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي ٻين ذميوارن جي نالن سان فون ڪيا پيا وڃن ۽ انهن کان فنڊ گهرڻ کان علاوه ٽرانسفر پوسٽنگ جي حوالي سان به ڳالھھ ڪئي پئي وڃي.رابطا ڪميٽي چيو ته مذڪوره ماڻهن جو ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي ۽ ٻين ذميوارن سان ڪوئي به تعلق نه آهي ۽ اهڙا ماڻهو ايم ڪيو ايم جو نالو استعمال ڪري ايم ڪيو ايم کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. ان جي ڪري جنهن به اداري ۽ بيوروڪريسي جي ماڻهن کي اهڙا فون موصول ٿين ته اهي ان جي اطلاع فوري طور تي قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن کي ڏين.
*****

4/28/2024 5:23:14 PM