Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تحرير، تقرير ۽ تصوير تي عائد غير جمهوري پابندي جي خلاف اسلام آباد پارليامينٽ هائوس جي سامهون قومي اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن، سينيٽرن ۽ آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي ۾ايم ڪيو ايم جي پارليماني ليڊر جو زبردست احتجاجي مظاهرو


قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تحرير، تقرير ۽ تصوير تي عائد غير جمهوري پابندي جي خلاف اسلام آباد پارليامينٽ هائوس جي سامهون قومي اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن، سينيٽرن ۽ آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي ۾ايم ڪيو ايم جي پارليماني ليڊر  جو زبردست احتجاجي مظاهرو
 Posted on: 2/25/2016
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تحرير، تقرير ۽ تصوير تي عائد غير جمهوري پابندي جي خلاف اسلام آباد پارليامينٽ هائوس جي سامهون قومي اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن، سينيٽرن ۽ آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي ۾ايم ڪيو ايم جي پارليماني ليڊر  جو زبردست احتجاجي مظاهرو
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين تي پابندي پارليامينٽ ۽ آئين جي تقدس جي بحالي جو معاملو آهي.ڊاڪٽر فاروق ستارمظاهري کان پوءِ ميڊيا کي پريس بريفنگ
اسلام آباد: 25 فيبروري 2016 
                  قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تحرير، تقرير ۽ تصوير تي عائد غير جمهوري پابندي جي خلاف اسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس جي سامهون قومي اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن، سينيٽرن ۽ آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي پارليماني ليڊر زبردست احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ مطالبو ڪيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي اظهار رائي جي آزادي تان پابندي فوري طور تي هٽائي وڃي.مظاهري ۾ اسيمبلي ميمبرن پنهنجن هٿن ۾ پلي ڪارڊ به کنيا هئا جن تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي زبان بندي ختم ڪرڻ ۽ اظهار رائي جي آزادي بحال ڪرڻ جا نعرا  درج هئا. ان موقعي تي ميڊيا کي پريس بريفنگ ڏيندي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته پارليامينٽ هائوس جي سامهون اسان جي پرامن احتجاج جو مقصد ميڊيا تي جناب الطاف حسين تي عائد پابندي جي خلاف يڪجهتي جو اظهار آهي ۽ اسان سمجهون ٿا ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان گڏ انهن جي چاهڻ وارن ، مڃڻ وارن ۽ ڏسڻ وارن سان ناانصافي ٿي رهي آهي.انهن چيو ته اها پابندي آئين جي آرٽيڪل جي صحيح انٽر پٽيشن نه آهي. ڇو ته جيڪڏهن عدالت اها انٽرپٽيشن ڪئي آهي ته پوءِ اسان به 25 سالن کان قانون سازي ۽ آئين سازي جي عمل ۾ شامل آهيون ۽ اسان چڱي نموني سمجهون ٿا ته آرٽيڪل 19 جي اسپرٽ ڇا آهي ۽ اهو آرٽيڪل هر پاڪستاني کي ڳالهائڻ، ٻڌڻ ۽ لکڻ جو  بنيادي حق ڏيئي ٿو.انهن چيو ته ميڊيا تي ٻين سياسي جماعتن جا اڳواڻ جناب الطاف حسين کان وڌيڪ سخت بيان ڏين ۽ سخت تقريرون ڪن ۽ سڀئي حدون اورانگهن پر پوءِ به انهن جي بيانن، تصويرن ۽ تقريرن تي پابندي نه آهي.انهن چيو ته جيڪڏهن اهو مڃي به وٺجي ته لاهور جي عدالت پنهنجي طرفان آرٽيڪل 19 جي شروعاتي تفتيش ڪري ڳالهائڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي پر پوءِ به تصوير تي پابندي لڳائڻ جو ڪهڙو جواز آهي؟ انهن چيو ته جمهوريت ۾ اهو ڪڏهن ٿئي ٿو ته ڪنهن جي ڳالهائڻ ۽ تصوير تي پابندي لڳائي وڃي.انهن چيو ته جناب الطاف حسين جي بيانن ۽ تصويرن تي پابندي پارليامينٽ ۽ آئين جي تقدس جي بحالي جو معاملو به آهي. جيتوڻيڪ پاڪستان جي سمورين سياسي جماعتن ۽ انهن جي اڳواڻڻ سميت قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، سينيٽ جي چيئرمين، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن تي به اهو لازم آهي ته جيڪڏهن چڙ ڏياريندڙ ، نفرت تي ٻڌل ۽ توهين آميز  ڳالھھ ڪئي وڃي ته ان حوالي سان قانون موجود آهي. انهن چيو ته جناب الطاف حسين تي الزام ثابت نه ٿيو آهي ۽ صرف الزام تي سزا ڏيڻ ۽ تاريخ ۾ واڌارو ڪرڻ ناانصافي آهي. پر جڏهن ته سپريم ڪورٽ به رولنگ ڏيئي چڪي آهي ته اهو آرڊر 15 ڏينهن جي لاءِ هوندو آهي .انهن چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي چونڊيل سياسي جماعت آهي ۽ رجسٽر پارٽي آهي ، پر هتي ته پابندي وڌل تنظيمن جا به انٽرويو نشر ۽ شايع ٿي رهيا آهن. انهن وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ وفاقي وزير اطلاعات و نشريات پرويز رشيد کي گذارش ڪئي ته اهي جلد کان جلد لاهور هائي ڪورٽ ۾ پنهنجو موقف پيش ڪن ته جيئن جيڪا جناب الطاف حسين تي پابندي ۾ توسيع ٿي رهي آهي ته اهو سلسلو ختم ٿي سگهي ۽ ان جي ذريعي حڪومت جي پوزيشن به واضع ٿي سگهي . انهن چيو ته جڏهن ان معاملي جو حل موجود آهي ته ان تي عمل ڪيو وڃي.انهن چيو ته اهو جيڪو جناب الطاف حسين جو بليڪ آئوٽ ڪيو پيو وڃي اهو بليڪ آئوٽ پاڪستان جي عوام۽ جمهوريت کي راس نه ايندو ۽ ان سان ملڪ ۾ بيچيني ڦيلجندي پر جڏهن ته هن وقت اسان کي قومي ڀائيچاري جي به سخت ضرورت آهي. 
*****


4/28/2024 8:45:08 PM