Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جناب الطاف حسين سڄي دنيا ۾ محبت جو پرچار ۽ معاشري کان نفرت جو خاتمو چاهين ٿا. ڊاڪٽر فاروق ستار.


جناب الطاف حسين سڄي دنيا ۾ محبت جو پرچار ۽ معاشري کان نفرت جو خاتمو چاهين ٿا. ڊاڪٽر فاروق ستار.
 Posted on: 2/14/2016
جناب الطاف حسين سڄي دنيا ۾ محبت جو پرچار ۽ معاشري کان نفرت جو خاتمو چاهين ٿا. ڊاڪٽر فاروق ستار.
ماضي ۾ اسان جي وچ ۾ نفرتن جو ٻڄ پوکيو ويو ان کي ختم ڪرڻ جي لاءِ اسان کي پاڻ ۾ محبتون وڌائڻيون پونديون. وسيم اختر.
نائن زيرو تي ويلنٽائن ڊي جي تقريب کي خطاب
ڪراچي: 14 فيبروري 2016 
                  ايم ڪيو ايم جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار جناب الطاف حسين کي ويلنٽائن ڊي جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين اسان کي عزت سان زندگي گذارڻ جو سليقو سيکاريو آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن نائن زيرو تي ويلنٽائن ڊي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جا ڊپٽي ڪنوينر ڪهف الورٰي، شاهد پاشا، رابطا ڪميٽي ميمبر ، ڪراچي جو نامزد ميئر وسيم اختر ۽ ٻيا به موجود هئا.ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته جناب الطاف حسين جي سياست جي بنياد انسانيت جو احترام آهي. انهي جي ڪري اسان ان ڏينهن جي اهميت کي سمجهون ٿا. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ محبت جو پرچار ۽ معاشري کان نفرت جو خاتمو چاهين ٿا. انهن چيو ته ڪراچي پاڪستان جي ترقي جو انجڻ آهي. ان جي ترقي پاڪستان جي ترقي آهي. ايم ڪيو ايم سڄي ملڪ ۾ تعليم، صحت ۽ بنيادي سهولتن جي فراهمي چاهي ٿي. انهن چيو  ته جناب الطاف حسين هن دور ۾ عدم تشدد جا سڀني کان وڏا علمبردار آهن ۽ ملڪ کان تشدد  جو خاتمو ڪري منقسم دنيا کي متحد ڪرڻ چاهين ٿا.  اڄ جي ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد به اهو ئي آهي ته اسان تعليم ۽ انسانيت سان پيار ڪريون.جنهن سان دنيا ۾ پاڪستان جي عزت ۾ اضافو ٿيندو ۽ ان عمل جي ذريعي اسان انتها پسندي ۽ دهشت گردي کي ختم ڪري سگهون ٿا. انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين چاهين ٿا ته حڪومت سڀني کي هڪ نظر سان ڏسي ۽ مٽي مائٽي ۽ ياري دوستي جي بنياد تي فيصلا نه ٿين . انهن چيو ته جناب الطاف حسين پاڪستان کي چانوَ ڏيندڙ ۽ ڦر ڏيندڙ وڻ بڻائڻ چاهين ٿا. ان موقعي تي وسيم اختر خطاب ڪندي چيو ته ماضي ۾ اسان جي وچ ۾ نفرتون پيدا ڪيون ويون، اڄ انهن نفرتن کي ختم ڪرڻ جو ڏينهن آهي. اسان کي نفرتون ختم ڪري محبتون وڌائڻيون آهن. ڪراچي جي ميئر جي حيثيت سان ۽ ڪراچي جي عوام جي طرفان مان جناب الطاف حسين کي ويلنٽائن ڊي جي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. ان موقعي تي وسيم اختر جناب الطاف حسين جي لاءِ ڊاڪٽر فاروق ستار کي گلدستو به پيش ڪيو.
*****

4/28/2024 10:28:00 AM