Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي ايم ڪيو ايم سکر زون کي تحليل ڪري سکر زون کي سکر ڊسٽرڪٽ ۾ تبديل ڪري ڊسٽرڪٽ آرگنائيزر سميت 16 رڪني ڪميٽي جو اعلان ڪري ڇڏيو


ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي ايم ڪيو ايم سکر زون کي تحليل ڪري سکر زون کي سکر ڊسٽرڪٽ ۾ تبديل ڪري ڊسٽرڪٽ آرگنائيزر سميت 16 رڪني ڪميٽي جو اعلان ڪري ڇڏيو
 Posted on: 2/14/2016
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي ايم ڪيو ايم سکر زون کي تحليل ڪري سکر زون کي سکر ڊسٽرڪٽ ۾ تبديل ڪري ڊسٽرڪٽ آرگنائيزر سميت 16 رڪني ڪميٽي جو اعلان ڪري ڇڏيو 
سکر ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي چاهڻ وارن هميشه حق پرستي جي فڪر و فلسفي ۽ نظريي کي نه صرف اپنايو آهي بلڪه ان جي فروغ جي لاءِ پنهنجي جان و مال جي قرباني به ڏني آهي. سينيئر ڊپٽي ڪنوينر عامر خان
سکر: 14 فيبروري 2016 
                  متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي تنظيم نو جي سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم سکر زون کي تحليل ڪري ڇڏيو آهي ۽ سکر زون کي سکر ڊسٽرڪٽ ۾ تبديل ڪري سکر ڊسٽرڪٽ آرگنائيزر سميت 16 رڪني ڪميٽي جو اعلان به ڪري ڇڏيو آهي ۽ سکر ڊسٽرڪٽ جي پنجن سيڪٽرن مان سکر سٽي جي ٽن سيڪٽرن A,B,C  کي به تحليل ڪري 16 ڪميٽين ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. پنو عاقل سيڪٽر ۽ روهڙي سيڪٽر کي ٽائون آرگنائيزنگ ڪميٽين ۾ تبديل ڪيو ويو آهي ۽ اهڙي طرح  پنو عاقل ۽ روهڙي سيڪٽرن جي يونٽن کي به وارڊن ۾ تبديل ڪيو ويو آهي.اهي اعلان َ رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر عامر خان سکر ۾ جنرل ورڪرز اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيا. جنهن ۾ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جا ميمبر عبدالحسيب، اقبال مقدم ۽ محمد 

حسين به موجود هئا. ان موقعي تي خطاب ڪندي عامر خان چيو ته سکر ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي چاهڻ وارن هميشه حق پرستي جي فڪر و فلسفي  ۽ نظريي کي نه صرف اپنايو آهي.بلڪه ان جي فروغ جي لاءِ پنهنجي جان و مال جي قرباني به ڏني آهي. جنهن تي ضلعي سکر جو هڪ هڪ ڪارڪن زبردست خراج تحسين جي لائق آهي. انهن چيو ته ضلعي سکر جي تنظيم نو جي سلسلي ۾ گجهي ووٽنگ ڪرائي وئي آهي ۽ ان کان پوءِ  ذميوارن جا انٽرويو  ڪيا ويا ۽ پوءِ انهن جي چونڊ ڪئي وئي آهي. انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي خلاف چئني طرفن کان سازشون ۽ پروفيگنڊا ڪيا پيا وڃن، پر جيڪي عناصر اهو سمجهي رهيا آهن ته اهي سازشون ۽ پرفيگنڊا ڪري ايم ڪيو ايم جي مقبوليت ۾ گهٽتائي ڪري وٺندا ته اها انهن جي ڀل آهي ۽ اهي پنهنجين سازشن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جي عوامي مينڊيٽ کي تسليم نه ٿو ڪيو وڃي ۽ جناب الطاف حسين جي ميڊيا تي بيانن ۽ تصويرن تي پابندي به عائد آهي. جيڪا وڏي زيادتي ۽ سراسر ظلم آهي. عامر خان سکر ضلعي جي نئين چونڊيل ڪميٽي کي دلي مبارڪباد به پيش ڪئي ۽ انهن تي زور ڏنو ته اهي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي فڪر و فلسفي جي مطابق ڪم ڪن ۽ ان سلسلي ۾ ڪا به ڪوتاهي نه ڪن. ان موقعي تي عامر خان سکر ضلعي جي آرگنائيزنگ ڪميٽي جو اعلان ڪيو. نالا هي آهن.آرگنائيزر شهزاد گلفام، جوائنٽ آرگنائيزر َ عمران الطافي، اعجاز احمد کوسو، فنانس سيڪريٽري سراج احمد  خان، آفيس سيڪريٽري فخر الدين، سيڪريٽري نشر و اشاعت محمد نعيم قريشي، جڏهن ته آرگنائيزنگ ڪميٽي جا ميمبر هي آهن محمد فريد صديقي، آفتاب الدين خان، محمد اقبال عباسي، محمد نعيم ٻنڌاڻي، محمد شاهد شيخ، سيد مطلوب حسين زيدي، انور علي ملڪ، عنايت الله خان، محمد شڪيل خان ۽ محمد جنيد اعظم شامل آهن.
*****


4/27/2024 11:47:04 PM