Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سنڌ حڪومت ڪراچي کي ڪِن جو ڍير بڻائي ڇڏيو آهي. ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا


سنڌ حڪومت ڪراچي کي  ڪِن جو ڍير بڻائي ڇڏيو آهي. ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا
 Posted on: 2/15/2016
سنڌ حڪومت ڪراچي کي  ڪِن جو ڍير بڻائي ڇڏيو آهي. ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا
پوري دنيا ۾ ٿيندو رهيو آهي ته جڏهن مهانگائي وڌي ٿي ته پوءِ عوام به مهانگائي وڌائي ٿو ۽ جڏهن مهانگائي گهٽ ٿئي ٿي ته پوءِ  عوام به مهانگائي گهٽ ڪري ٿو، پر پاڪستان ۾ ائين نه ٿو ٿئي.وسيم اختر
 ڪورنگي ۾ احتجاجي مظاهري کي خطاب
ڪراچي: 15 فيبروري 2016 
                    متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪراچي کي ڪِن جو ڍير بڻائي ڇڏيو آهي.جڏهن 2010 ۾ اسان حڪومت کي ڇڏيو هو ته ان وقت جو توهان ڪراچي ڏسو ۽ اڄ جو ڪراچي ڏسو توهان کي زمين آسمان جو فرق نظر ايندو. انهن خيالن جو اظهار انهن ڪورنگي ۾ هڪ احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڪارڪن هزارن جي تعداد ۾ موجود هئا .شاهد پاشا چيو ته ڪراچي جي عوام پنهنجي محبوب قائد جناب الطاف حسين جي نمائندن کي ووٽ ڏيئي ڪري ڪامياب بڻايو آهي ته ڇا هاڻي عوام کي حق پرست نمائندن کي ووٽ ڏيڻ جي سزا ڏني پئي وڃي. انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي جيڪا زبان بندي ڪئي وئي آهي ان جو به ان ۾ وڏو هٿ آهي ڇو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين هميشه نا انصافي ۽ ظلم جي خلاف آواز بلند ڪئي آهي. انهي جي ڪري جناب الطاف حسين جي زبان بندي ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي وسيم اختر چيو ته اهو پوري دنيا ۾ ٿيندو رهيو آهي ته جڏهن مهانگائي ٿيندي آهي ته پوءِ عوام به مهانگائي وڌائيندو آهي ۽ جڏهن مهانگائي گهٽ ٿيندي آهي ته پوءِ عوام به مهانگائي گهٽ ڪندو آهي. پر پاڪستان ۾ ائين نه ٿو ٿئي. انهن چيو  ته ڪراچي سنڌ جو 90 سيڪڙو ۽ پاڪستان جو 75 سيڪڙو ٽيڪس ڏيئي ٿو جنهن سان سنڌ ۽ پورو ملڪ هلي ٿو. انهن چيو ته جهڙي طرح سان ڪراچي جي زمينن تي قبضو ڪيو پيو وڃي.اسان اهو ڄاڻون ٿا ته اها ڪهڙي طاقت آهي جيڪا حڪومت سان ملي ڪري قبضا ڪري رهي آهي. پر اسان جڏهن آفيس ۾ ويهنداسين ته انهن جي خلاف ڪاروائي ڪنداسين. انهن چيو ته جهڙي طرح سنڌ ۾ رينجر کي اختيار ڏياريا ويا آهن  اهڙي طرح اسان جي سنڌ کي به بچايو وڃي ڇو ته پي پي جي سنڌ حڪومت سنڌ کي مفت جو مال سمجهيو آهي.انهن چيو ته اهو ڪٿان جو انصاف آهي ته ڪراچي جي عوام جي مينڊيٽ کي تسليم ئي نه ٿو ڪيو وڃي ۽ جن جو مينڊيٽ تسليم نه ٿو ڪيو وڃي ته پوءِ وڏو نقصان ٿئي ٿو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن عارف خان، ريحانه نسرين ۽ عبدالقادر خانزاده به خطاب ڪيو.

4/27/2024 10:42:12 PM