Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تقريرن، تصويرن ۽ بيانن کي نشر ۽ شايع ڪرڻ تي پابندي جي خلاف لنڊن ۾ 10 ڊائوننگ جي سامهون ايم ڪيو ايم جي اڳواڻڻ ۽ ڪارڪنن جي بک هڙتال


قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تقريرن، تصويرن ۽ بيانن کي نشر ۽ شايع ڪرڻ تي پابندي جي خلاف لنڊن ۾ 10 ڊائوننگ جي سامهون ايم ڪيو ايم جي اڳواڻڻ ۽ ڪارڪنن جي بک هڙتال
 Posted on: 2/15/2016
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تقريرن، تصويرن ۽ بيانن کي نشر ۽ شايع ڪرڻ تي پابندي جي خلاف لنڊن ۾ 10 ڊائوننگ جي سامهون ايم ڪيو ايم جي اڳواڻڻ ۽ ڪارڪنن جي بک هڙتال
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کان اظهار جي آزادي جو حق ڇڻڻ قابل مذمت آهي. نديم نصرت
لنڊن: 15 فيبروري 2016 
                  ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي تقريرن، بيانن ۽ تصويرن کي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ۾ نشر ۽ شايع ڪرڻ تي عائد پابندي جي خلاف ايم ڪيو ايم جي طرفان برطانيه جي وزير اعظم جي سرڪاري رهائشگاھ 10 ڊائوننگ جي سامهون اڄ کان ٻه روزه بک هڙتال جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. بک هڙتال ۾ رابطا ڪميٽي جي ڪنوينر نديم نصرت، رابطا ڪميٽي جي ميمبرن واسع جليل، قاسم علي رضا، ڊاڪٽر سليم دانش، محمد انور، مصطفٰي عزيز آبادي، انبساط ملڪ، منظور احمد، ايم ڪيو ايم يوڪي جي جوائنٽ انچارج سهيل خانزاده، انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ جي ميمبرن ۽ يوڪي جي آرگنائيزنگ ڪميٽي جي ميمبرن به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن ، عورتون ۽ ٻار به موجود هئا ۽ سخت سيءَ جي باوجود انهن جو جوش ۽ جذبو ڏسڻ وٺان هو. ان موقعي تي ڳالھھ ٻولھھ ڪندي رابطا ڪميٽي جي ڪنوينر نديم نصرت چيو ته محترمه بي نظير ڀٽو هجي يا ميان نواز شريف، قاضي حسين احمد مرحوم هجن يا سيد منور حسن صاحب، آصف زرداري هجن يا اسفند يار ولي صاحب، مولانا فضل الرحمٰن صاحب هجن يا عمران خان ، پاڪستان جي تقريبن سمورن سياسي ۽ مذهبي اڳواڻڻ پنهنجي آئيني ، قانوني ۽ جمهوري حق جو استعمال ڪندي پنهنجي پنهنجي وقت ۾ نه صرف حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻايو. بلڪه مختلف وقتن ۾ فوج ۽ ٻين ادارن جي غلط پاليسين ۽ غلط قدمن تي به تنقيد ڪئي جيڪو سڀ ريڪارڊ تي موجود آهي. پر ڪڏهن به ڪنهن سياسي يا مذهبي اڳواڻ جي زبان بندي نه ڪئي وئي. ڪنهن جي به تقرير ، تصوير، يا بيان ميڊيا تي ڏيکارڻ يا شايع ڪرڻ تي  پابندي عائد نه ڪئي وئي. ڪنهن تي به مقدمو نه بڻايو ويو. پر ٻئي طرف گذيل سان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين به پنهنجن بي گناھ ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتلن، وڏي پيماني تي ڇاپن، گرفتارين، سرڪاري حراست ۾ وحشياڻو تشدد بڻائڻ ۽ لڳاتار ٿيندڙ زيادتين جي واقعن جي مذمت ڪرڻ سان گڏو گڏ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي غلط قدمن کي تنقيد جو نشانو بڻايو ته انهن جي تنقيد کي سياق و سباق کان هٽي ڪري پيش ڪيو ويو ۽ انهن جي خطابن کي جواز بڻائي ڪري حڪومت قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خطابن ۽ تصويرن تي مڪمل پابندي عائد ڪري ڇڏي. جيڪا اڄ تائين عائد آهي. نديم نصرت چيو ته اهو قومي الميو آهي ته پابندي وڌل تنظيمن جي سربراهن کي ته ٽي وي انٽرويو، تقريرن ۽ بيان نشر ۽ شايع ڪرڻ جي اجازت آهي. ايستائين جو لال مسجد جي خطيب مولانا عبدالعزيز جيڪي پاڪستان جي آئين ، قانون، رياست ۽ ادارن کي به نه ٿا مڃن، انهن کي به ٽي وي تي ڏيکارڻ ۽ انهن جا بيان ۽ انٽرويو نشر ڪرڻ جي اجازت آهي. پر قائد تحريڪ جناب الطاف حسين تاريخي حقيقتون به بيان ڪري ڇڏين ته ان کي ملڪ دشمني قرار ڏيئي ڪري انهن کان اظهار جي آزادي جو حق ڇنيو وڃي ٿو. انهن فرمايو ته اها ٻٺو معيار ڪنهن به طرح ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ نه آهي. بلڪه اهو ملڪ ۾ پهرين کان موجود تلخين ۽ دورين ۾ اضافي جو ڪارڻ بڻجندو. انهن پاڪستان جي حڪومت ۽ اختياري ڌرين کان مطالبو ڪيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي ميڊيا ڪوريج تي عائد پابندي کي فوري طور تي هٽايو وڃي ۽ انهن کي به ٻين اڳواڻڻ وانگر عوام تائين پنهنجو پيغام پهچائڻ جو حق ڏنو وڃي. ماڻهن جي آواز کي ٻڌو وڃي. ان کي طاقت جي ذريعي ڪڇلڻ جي پاليسي کي ترڪ ڪيو وڃي. انهن چيو ته بک هڙتال جو سلسلو ڪالھھ به جاري رهندو.
*****

4/27/2024 8:09:20 AM