Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پاڪستان ۾ حڪمران طبقي ٻٺو نظام بڻائي رکيو آهي. ملڪ ۾ غريبن جي لاءِ الڳ ۽ اميرن جي لاءِ الڳ قانون آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


پاڪستان ۾ حڪمران طبقي ٻٺو نظام بڻائي رکيو آهي. ملڪ ۾ غريبن جي لاءِ الڳ ۽ اميرن جي لاءِ الڳ قانون آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 2/15/2016
پاڪستان ۾ حڪمران طبقي ٻٺو نظام بڻائي رکيو آهي. ملڪ ۾ غريبن جي لاءِ الڳ ۽ اميرن جي لاءِ الڳ قانون آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
مهاجرن کي ٻئي درجي جو شهري سمجهيو ويندو هو، مهاجر جيستائين ڪنڌ جهڪائي ڪري ظلم سهندا هئا ته ان وقت تائين وڏو امن هو
نواز شريف، آصف علي زرداري ۽ ٻين سياسي اڳواڻڻ فوج جي خلاف سخت زبان استعمال ڪئي پر ڪنهن جي به زبان تي پابندي لڳل نه آهي
نائن زيرو تي ويلنٽائن ڊي جي سلسلي ۾ منعقد ٿيندڙ تقريب کي خطاب
لنڊن: 15 فيبروري 2016 
                 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته پاڪستان ۾ حڪمران طبقي ٻٺو نظام بڻائي رکيو آهي ۽ ملڪ ۾ غريبن جي لاءِ  الڳ ۽ اميرن جي لاءِ الڳ قانون آهي. حڪمران طبقو پنهنجي مفادن جي لاءِ ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو جي پاليسي جي تحت غريب ۽ وچولي طبقي جي عوام کي پاڻ ۾ ويڙهائي ٿو. غريب ۽ وچولي طبقي کي متحد ٿي ڪري ان حڪمران سازشي طبقي کان نجات حاصل ڪرڻي پوندي. انهن خيالن جو اظهار انهن نائن زيرو تي ويلنٽائن ڊي جي سلسلي ۾ منعقد ٿيندڙ تقريب کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمايو. تقريب ۾ ايم ڪيو ايم جي ذميوارن، ڪارڪنن ۽ همدردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. جناب الطاف حسين تقريب جي سمورن شرڪاء کي ويلنٽائن ڊي جي مناسبت سان محبت، ڀائيچاري ۽ امن جو پيغام به ڏنو. انهن فرمايو ته گذريل 38 سالن کان مان غريب ۽ مظلوم عوام کي امن ۽ محبت جو پيغام ڏيندو پيو اچان. وڏي ڪڙي حقيقت آهي ته مان تاريخي حقيقتون بيان ڪريان ٿو. پر منهنجين ڳالهين کي تعصب قرار ڏيئي ڪري رڌ ڪيو وڃي ٿو. پاڪستان ۾ حڪمران طبقي ٻٺو نظام بڻائي رکيو آهي ۽ ملڪ ۾ غريبن جي لاءِ الڳ ۽ اميرن جي لاءِ الڳ قانون آهي. بلوچستان، پنجاب، سنڌ ۽ ڪي پي ڪي سان تعلق رکندڙ دولت مندن جو هڪ طبقو اهڙو آهي جن علي ڳڙھ يونيورسٽي، هندستان جي ٻين تعليمي ادارن يا اولھھ وارن ملڪن ۾ وڃي ڪري تعليم حاصل ڪئي ۽ هڪ طبقو اهو بڻجي ويو جنهن پاڪستان جي تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪئي جن ۾ 90 سيڪڙو ماڻهو دولت مند طبقي سان تعلق نه رکندا هئا. امير طبقي دولت جي زور تي ۽ انگريزن جي ڊيوٽي ڏيئي ڪري تعليم حاصل ڪئي. انگريزن جا اهي نوڪر پاڪستان ۾ بابو صاحب بڻجي ويا. اهڙي طرح  سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جا وڏا وڏا دولت مند به پنهنجي رعايا سميت انگريزن جا خدمت گار بڻجي ويا. انهن کي انگريزن پنهنجي خدمت جي بدلي ۾ ٻاهرين ملڪن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ موڪليو. انگريزن جا تعليم يافته ماڻهو جن فوجي تعليم حاصل ڪئي ۽ انگريزن سان گڏجي جنگن ۾ حصو ورتو اهي جنرل، بريگيڊيئر ۽ ميجر جنرل بڻجي ويا ۽ پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان اچي ڪري وڏن وڏن عهدن تي فائز ٿي ويا. انهن جنرلن ۽ هندستان ، بنگال، ۽ اولھھ پاڪستان جي بيوروڪريٽس ملڪ جو اقتدار سنڀالي ورتو. جلد ئي انهن جنرلن ۽ پاڪستان جي غلام محمد جهڙن بيوروڪريٽن گڏجي ڪري قائد اعظم جو ڪم لاٿو. خان لياقت علي خان جو خاموشي سان ڪم لاهڻ جي ڪوششن ۾ ناڪامي کان پوءِ انهن کي راولپنڊي ۾ گولي هنئي وئي. اهڙي طرح محترمه فاطمه جناح جي موت جو اصل ڪارڻ به اڄ تائين قوم جي سامهون نه آندو ويو آهي. پر دنيا چوي ٿي ته انهن جي جسم تي ڦٽن جي نشانن سان لڳي ٿو ته انهن کي قتل ڪيو ويو آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته فيلڊ مارشل ايوب خان محترمه فاطمه جناح جي مقابلي ۾ صدارتي اليڪشن وڙهيو ۽ ڌاندلي جي ذريعي اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. ان صدارتي اليڪشن ۾ مهاجرن جنرل ايوب جي خلاف قائد اعظم جي ڀيڻ فاطمه جناح جو ساٿ ڏنو ، ان ڏوھ ۾ گوهر ايوب جي سربراهي ۾ هٿياربند ماڻهن کي آڻي ڪري ڪراچي جي مهاجر آبادين تي حملا ڪرايا ويا ۽ حملو ڪندڙن کي اهو چئي ڪري آندو ويو ته انهن علائقن ۾ ڪافر رهن ٿا. انهن حملو ڪندڙن مهاجر نوجوانن ۽ بزرگن کي قتل ڪيو، مهاجر امڙين ۽ ڀينرن جي لڄ لٽي ، گهرن کي باھ لڳائي . پر ان دور ۾ عورتن مردن کان وڌيڪ بهادري جو مظاهرو ڪيو. هڪ  طرف ته مهاجر آبادين تي حملا ڪرايا ويا ۽ ٻئي طرف انهن جي ذريعي ڪراچي جي ڪجھھ علائقن ۾ غير قانوني قبضا ڪرايا ويا ۽ غير قانوني آباديون وسايون ويون. اسان انهن آبادين کي ليز ڏني ان جي ڪري اسان انهن کي غير نه سمجهندا هئاسين. انهن فرمايو ته سڀ چون ٿا ته ڪراچي روشين جو شهر هو. هتي وڏو امن هو، ان جي ڪري جو هتي پهرين مهاجرن کي ٻئي درجي جو شهري سمجهيو ويندو هو. انهن کي سينيما جي لائين ۾ بيهاري ڪري ڪٽيو ويندو هو. ڪٿي جهيڙو ٿي وڃي ته مهاجرن کي اٺ گاڏي وارا، رڪشن ۽ ٽيڪسن وارا ۽ گڏھھ گاڏن وارا  به ڪٽيندا هئا. ڪوئي به ان ظلم جي خلاف ڳالهائڻ وارو نه هو. مهاجر جيستائين ڪنڌ جهڪائي ڪري اهي ظلم سهندا هئا ته ان وقت تائين وڏو امن هو. پر جڏهن الطاف حسين پيدا ٿيو ۽ ان ظلم جي خلاف آواز بلند ڪئي ۽ چيو ته مان اجايو ڏنڍا نه کائيندس ۽ نه کائڻ ڏيندس. نه مان غير مهاجرن کي ماريندس ۽ نه مارڻ جي تربيت ڏيندس. مهاجر آبادين تي هاڻي حملا ٿيندا ته مهاجر به پنهنجو دفاع ڪندا. جناب الطاف حسين فرمايو ته پاڪستان ۾ قانون جو ٻٺو معيار آهي ، سنڌ جي هڪ سابق وزير داخلا کلي عام چيو ته مان پنج لک هٿيارن جا لائسنس ڏنا آهن. ۽ اهي هٿيار مان ڪي شادي ۾ فائرنگ ڪرڻ جي لاءِ نه ڏنا آهن. بلڪه انسانن کي مارڻ جي لاءِ ڏنا آهن. ان واضع اعلان جي باوجود انهن جي خلاف ڪا به ڪاروائي نه ڪئي وئي. نواز شريف، آصف زرداري ۽ ٻين ڪيترن ئي سياسي اڳواڻڻ فوج جي باري ۾ سخت زبان استعمال ڪئي پر ڪنهن جي به تقرير تي پابندي نه لڳائي وئي آهي. پر الطاف حسين جي تقريرن ۽ بيانن ايستائين جو تصوير تي به پابندي لڳائي وئي آهي. انهن فرمايو ته مان ڪيترائي سال اڳ چيو هو ته ڪراچي ۾ طالبان، القائده، لشڪر جهنگوي ۽ ٻيون پابندي وڌل تنظيمون پنهنجا اڏا قائم ڪري رهيون آهن. ته چيو ويو ته الطاف حسين ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي. پر ٻه ڏينهن اڳ ڊي جي آئي ايس پي آر جنرل عاصم باوجوه پاڻ طالبان، القائده ۽ لشڪر جهنگوي جو نالو وٺي ڪري چيو ته اهي تنظيمون ڪراچي ۾ دهشت گردي ڪري رهيون آهن.انهن فرمايو ته نه پنجابي خراب آهن، نه پختون خراب آهن، نه سنڌي ۽ بلوچ خراب آهن ۽ نه ئي مهاجر خراب آهن. بلڪه ڪجھھ پنجابي، پختون، سنڌي ۽ بلوچ، سردار ، وڏيرا ، جاگيردار ۽ ڪجھھ بيوروڪريٽ َ آهن جيڪي پنجابين ۾ به آهن. پختونن ۾ به آهن. بلوچن ۽ سنڌين ۾ به آهن ۽ مهاجرن ۾ به آهن. جيڪي پنهنجن مفادن جي لاءِ ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو جي پاليسي جي تحت غريبن ۽ وچولي طبقي جي عوام کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ ٿا. انهن فرمايو ته غريب ۽ وچولي طبقي کي متحد ٿي ڪري ان حڪمران سازشي طبقي کان نجات حاصل ڪرڻي پوندي. انهن حاضرين کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اڄ ويلنٽائن ڊي آهي. ان جي ڪري منهنجو اوهان کي اهو ئي چوڻ آهي ته هڪ ٻئي سان پيار ڪريو. ڪنهن سان به نفرت نه ڪريو. اوهان واعدو ڪريو ته اوهان پاڻ ۾ ساڙ ۽ حسد نه ڪندو. پاڻ ۾ نه وڙهندو  بلڪه هڪ ٻئي جو سهارو بڻجندو. انهن رابطا ڪمٽي، سي اي سي ۽ نامزد ميئر وسيم اختر سميت سمورن چونڊيل نمائندن کي چيو ته اهي به اڄ واعدو ڪن ته اهي ڪارڪنن سان پيار ڪندا ۽ ننڍين ننڍين غلطين کي نظر انداز ڪري انهن کي پيار سان سمجهائيندا. ان موقعي تي جناب الطاف حسين فرمائش تي ٻه نغما به ٻڌايا.
*****

4/28/2024 6:37:32 AM