Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تقريرن، تصويرن ۽ بيانن تي عائد پابندي جي خلاف برطانيه جي وزير اعظم جي سرڪاري رهائشگاھ جي سامهون بک هڙتال ڪرڻ جو فيصلو


قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تقريرن، تصويرن ۽ بيانن  تي عائد پابندي جي خلاف برطانيه جي وزير اعظم جي سرڪاري رهائشگاھ جي سامهون بک هڙتال ڪرڻ جو فيصلو
 Posted on: 2/13/2016
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تقريرن، تصويرن ۽ بيانن  تي عائد پابندي جي خلاف برطانيه جي وزير اعظم جي سرڪاري رهائشگاھ جي سامهون بک هڙتال ڪرڻ جو فيصلو
لنڊن: 13 فيبروري 2016 
 ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تقريرن، تصويرن ۽ بيانن کي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا تي نشر ۽ شايع ڪرڻ تي عائد پابندي جي خلاف برطانيه جي وزير اعظم جي سرڪاري رهائشگاھ جي سامهون ٻن ڏينهن جي بک هڙتال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهو فيصلو رابطا ڪميٽي جي هڪ اجلاس ۾ ڪيو ويو. جنهن جي صدارت ڪنوينر نديم نصرت ڪئي. رابطا ڪميٽي جي فيصلي جي مطابق 15 فيبروري بروز سومر کان 16 فيبروري تائين لنڊن ۾ وزير اعظم جي رهائشگاھ 10 ڊائوننگ اسٽريٽ جي سامهون بک هڙتال ڪئي ويندي. اها بک هڙتال برطانيه جي مقامي وقت جي مطابق صبح 10 وڳي کان شروع ٿيندي ۽ شام جو 6 وڳي تائين جاري رهندي. بک هڙتال ۾ رابطا ڪميٽي جا ميمبر ۽ يوڪي يونٽ جا ذميوار ۽ ڪارڪن به شرڪت ڪندا. ان سلسلي ۾ اعلٰي حڪام کان باقائده اجازت به ورتي وئي آهي ۽ ايم ڪيو ايم بک هڙتال جون تياريون به شروع ڪري ڇڏيون آهن. واضع رهي ته پاڪستان جي حڪومت گذريل ڪيترن ئي مهينن کان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تقريرن، بيانن ۽ تصويرن تي پابندي عائد ڪري رکي آهي. ان سلسلي ۾ پاڪستان سميت برطانيه ، آمريڪا، آسٽريليا ۽ ٻين ملڪن ۾ مظاهرا به ڪيا ويا آهن.


4/28/2024 8:33:39 AM