Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پنجاب ۾ وڌندڙ تحريڪي ڪم کي ڏسندي ايم ڪيو ايم 13 رڪني صوبائي تنظيمي ڪميٽي جو اعلان ڪيو آهي. ايم ڪيو ايم پنجاب جو صدر ميان عتيق


پنجاب ۾  وڌندڙ تحريڪي ڪم کي ڏسندي ايم ڪيو ايم 13 رڪني صوبائي تنظيمي ڪميٽي جو اعلان ڪيو آهي. ايم ڪيو ايم پنجاب جو صدر ميان عتيق
 Posted on: 2/13/2016
پنجاب ۾  وڌندڙ تحريڪي ڪم کي ڏسندي ايم ڪيو ايم 13 رڪني صوبائي تنظيمي ڪميٽي جو اعلان ڪيو آهي. ايم ڪيو ايم پنجاب جو صدر ميان عتيق
لاهور: 13 فيبروري 2016 
                  متحده قومي موومينٽ پنجاب جي صدر ۽ سينيٽر ميان عتيق چيو آهي ته ايم ڪيو ايم سڄي ملڪ جي مظلومن ۽ محرومن جي نمائنده جماعت آهي. جيڪا فرسوده نظام جي تبديلي جي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي.انهي ڏوھ ۾ ايم ڪيو ايم جي خلاف رياستي آپريشن ڪيو ويو ۽ هزارين ڪارڪنن کي شهيد به ڪيو ويو . انهن خيالن جو اظهار انهن ايم ڪيو ايم پنجاب هائوس لاهور ۾ 13 رڪني ڪميٽي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. انهن چيو ته پنجاب ۾ وڌندڙ تحريڪي ڪم کي ڏسندي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي 13 رڪني پنجاب ڪميٽي جو اعلان ڪيو آهي. جيڪا سڄي پنجاب ۾ پارٽي جي اسٽرڪچر کي ٻيهر تشڪيل ڏيندي ۽ 2018 جي اليڪشن جي لاءِ پنجاب ۾ سرگرمين جو آغاز به ڪندي. انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي ميڊيا تي پابندي جو فيصلو پاڪستان جي تاريخ جو هڪ عجيب فيصلو آهي جنهن سان انهن جي ڪروڙين چاهڻ وارن جي دل آزاري ٿي آهي. انهن چيو ته جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم هميشه قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن، عدالتن ۽ قانون جو احترام ڪيو آهي.ان جي ڪري حڪومت کي اپيل آهي ته اها قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي مٿان ميڊيا پابندي کي فوري طور تي ختم ڪري. 
*****

4/27/2024 12:28:33 PM