Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ويلنٽائن ڊي پيار ۽ محبت جي اظهار جي ڏينهن جي طور تي ملهايو وڃي ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


ويلنٽائن ڊي پيار ۽ محبت جي اظهار جي ڏينهن جي طور تي ملهايو وڃي ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 2/13/2016
ويلنٽائن ڊي پيار ۽ محبت جي اظهار جي ڏينهن جي طور تي ملهايو وڃي ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
الله تعالٰي مهاجرن سميت سمورن مظلومن کي امتحانن ۽ آزمائشن مان ڪڍي ۽ اهڙيون حالتون پيدا ڪري جو پاڪستان سميت سمورا عالم آباد رهن
لنڊن: 13 فيبروري 2016 
                 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مقيم ايم ڪيو ايم جي ذميوارن، ڪارڪنن ۽ همدردن کي ويلنٽائن ڊي جي دلي مبارڪباد پيش ڪئي آهي.ويلنٽائن ڊي جي موقعي تي پنهنجي هڪ خصوصي پيغام ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم ملڪ ۾ اهڙو معاشرو  چاهي ٿي. جتي مذهب، مسلڪ، عقيدي ۽ قوميت جي بنياد تي ڪوئي به ڪنهن سان نفرت نه ڪري. سڀ پاڻ ۾ پيار ، محبت ۽ ڀائيچاري سان رهن ۽ هڪ ٻئي جو احترام ڪن. انهن فرمايو ته ويلنٽائن ڊي هڪ ريت آهي. جنهن ترقي يافته ملڪن ۾ جنم ورتو ، پر اڄ اها ريت نه صرف دنيا جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ ڦيلجي چڪي آهي. بلڪه هڪ ڏڻ جي طور تي به ملهائي وڃي ٿي. جناب الطاف حسين ويلنٽائن ڊي جي تاريخ بيان ڪندي فرمايو ته ويلنٽائن نالي هڪ بزرگ پنهنجي علائقي ۾ هر سال شادي شده يا مڱڻي ٿيل جوڙن جو ڏينهن ملهائيندا هئا جتي زال مڙس ۽ ٻيا جوڙا هڪ ٻئي سان نه صرف پيار، محبت ۽ چاهت جو اظهار ڪندا هئا پر ان ڏينهن جي مناسبت سان هڪ ٻئي کي مبارڪباد ۽ تحفا به ڏيندا هئا. انهن فرمايو ته ويلنٽائن ڊي پيار ۽ محبت جي اظهار جي ڏينهن جي طور تي ملهايو وڃي ٿو. 
2
منهنجو به پنهنجن ڪارڪنن ۽ عوام سان پيار، محبت ۽ عقيدت جو رشتو آهي. ان جي ڪري ان مناسبت سان مان پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مقيم رابطا ڪميٽي، چونڊيل نمائندن، شعبن ، زونن، سيڪٽرن ۽ يونٽن جي ذميوارن، ڪارڪنن ۽ همدردن کي دل جي گهرائين سان ويلنٽائن ڊي جي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. جناب الطاف حسين سنڌ جي صوفي شاعر شاھ عبدالطيف ڀٽائي جي مشهور شعر
سائيم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.
جي روشني ۾ دعا ڪئي ته الله تعالٰي مهاجرن سميت سمورن مظلومن جون پريشانيون ۽ امتحان ختم ڪري ۽ اهڙيون حالتون پيدا ڪري جو پاڪستان سميت سڄي دنيا خوش رهي. سڀني کي خوشيون نصيب ٿين، مهاجرن کي به خوشيون ، امن ۽ سڪون ملي ۽ الله تعالٰي سڀني جو دامن خوشين سان ڀري ڇڏي. انهن وڌيڪ دعا فرمائي ته الله تعالٰي ايم ڪيو ايم جي 38 ساله جدوجهد جي دوران پنهنجين جانين جو نذرانو ڏيڻ وارن سمورن شهيدن کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي. زخمي ٿيندڙ ڪارڪنن کي صحت عطا فرمائي ۽ لاپتا ساٿين جي باري ۾ اها خبر پئجي وڃي ته اهي ڪٿي آهن ۽ ڪهڙي حال ۾ آهن. 
*****

4/27/2024 7:01:16 PM