Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي ۾ ٻن ڪلاڪن جي دوران ٻن تعليمي ادارن ۽ هڪ ٿاڻي کي دستي بمن سان نشانو بڻائڻ تي ايم ڪيو ايم جي ڊپٽي ڪنوينر محترمه نسرين جليل جو صوبائي وزير داخلا سهيل احمد سيال سان ٽيليفون تي رابطو


 Posted on: 2/12/2016
ڪراچي ۾ ٻن ڪلاڪن جي دوران ٻن تعليمي ادارن ۽ هڪ ٿاڻي کي دستي بمن سان نشانو بڻائڻ تي ايم ڪيو ايم جي ڊپٽي ڪنوينر محترمه نسرين جليل جو صوبائي وزير داخلا سهيل احمد سيال سان ٽيليفون تي رابطو
ڪراچي: 12 فيبروري 2016 
متحده قومي موومينٽ جي سينيٽر محترمه نسرين جليل ٻن تعليمي ادارن ۽ هڪ ٿاڻي کي دستي بمن حملن سان نشانو بڻائڻ تي صوبائي وزير داخلا سهيل انور سيال سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ دستي بم حملن تي ايم ڪيو ايم جي طرفان ڳڻتي جو اظهار به ڪيو.محترمه نسرين جليل چيو ته ڪراچي ۾ ان کان اڳ به تعليمي ادارن کي ڌمڪي وارا پيغام ملي چڪا آهن پر سنڌ حڪومت ان تي ڪي به قدم نه کنيا. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. انهن چيو ته سنڌ حڪومت جي بنيادي ذميواري آهي ته اها تعليمي ادارن ۽ عوام جي جان و مال کي تحفظ فراهم ڪري. پر سنڌ حڪومت تعليمي ادارن ۽ عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ بلڪل ناڪام وئي آهي. جنهن تي افسوس جو اظهار  ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھھ به ڪري نه ٿو سگهجي. 
ان کان اڳ محترمه نسرين جليل اپوا ڪاليج جي پرنسپل سان به فون تي رابطو ڪيو ۽ ايم ڪيو ايم جي طرفان دستي بم حملي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. 

5/13/2024 4:01:24 AM