Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جيڪڏهن جناب الطاف حسين ڪائي ڳالھھ ڪن ته اها قابل تعزير ٿي وڃي ٿي.پر جڏهن اهڙي ئي ڳالھھ وڌيڪ زور ڏيئي ڪري نواز شريف، آصف علي زرداري، عمران خان ۽ ٻيا ڪن ته انهن جي لاءِ آئين ۽ قانون ۾ اظهار رائي جي تشريح الڳ آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار


 Posted on: 2/12/2016
جيڪڏهن جناب الطاف حسين ڪائي ڳالھھ ڪن ته اها قابل تعزير ٿي وڃي ٿي.پر جڏهن  اهڙي ئي ڳالھھ وڌيڪ زور ڏيئي ڪري نواز شريف، آصف علي زرداري، عمران خان ۽ ٻيا ڪن ته انهن جي لاءِ آئين ۽ قانون ۾ اظهار رائي جي تشريح الڳ آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار
ميان نواز شريف پنهنجي انٽرويو ۾ واضع طور تي اها ڳالھھ ڪئي ته اوڀر پاڪستان جي عليحدگي ۽ پاڪستان ٽوڙڻ ۾ جنرلن جو هٿ آهي
خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس
ڪراچي: 12 فيبروري 2016 
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته اهي دعوائون ڪيون پيون وڃن ته پاڪستان هڪ جمهوري ملڪ آهي، پاڪستان ۾ هڪ دستور آهي ۽ پاڪستان جو آئين هر سياسي، مذهبي۽ سماجي تنظيم، هر سياسي و مذهبي اڳواڻ ، ڪارڪن ۽ عام شهري کي اظهار رائي جو حق ڏيئي ٿو ان جي ڪري پاڪستان جي هر شهري کي اظهار رائي جي آزادي جو مڪمل حق حاصل آهي. انهن پاڪستان جي حڪمرانن، سياسي جماعتن جي اڳواڻڻ، رياستي ادارن ۽ انهن جي سربراهن کان سوال ڪيو ته ڇا واقعي ائين آهي ته اظهار رائي جي آزادي سڀني کي ميسر آهي. ڇو ته جيڪڏهن ڪائي ڳالھھ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ڪن ته اها پابندي جي قابل ۽ قابل تعزير ٿي وڃي ٿي ۽ پر جيڪڏهن اها ئي ڳالھھ آصف علي زرداري، ميان نواز شريف، عمران خان، وزير دفاع خواجه آصف، اسفند يار ولي ۽ مولانا فضل الرحمٰن يا ٻيو ڪوئي ڪري ته انهن جي لاءِ آئين ۽ قانون جي تشريح الڳ آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو . ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جا ميمبر عارف خان، شبير احمد قائم خاني، زاهد منصوري، ارشد حسن، عبدالقادر خانزاده ۽ محترمه ريحانه نسرين به موجود هيون. پريس ڪانفرنس ۾ نواز شريف، خواجه آصف ۽ ٻين جي پاڪ فوج، جنرلن ۽ ادارن جي خلاف توهين واري زبان تي ٻڌل ويڊيو ڪلپس به صحافين کي ڏيکاري وئي. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته حڪومت جو انتظام، پاڪستان جي قانون ۽ انصاف جو نظام ۽ پاڪستان جي عدالتي معاملن ۾ به جيڪڏهن اهڙي طرح جا ٻٽا معيار قائم هوندا ۽ اهڙي طرح جي ئي ٻٽي پاليسي جو مظاهرو ٿيندو رهندو ته هڪ پاڪستاني جي لاءِ آئين ۽ قانون الڳ ۽ ٻئي پاڪستاني جي لاءِ الڳ  ته اهو ڪٿان جو انصاف آهي. اسان اهو ئي سوال ڪري رهيا آهيون ته ڇا پاڪستان ٻٽي معيار ۽ اهڙي طرح جي منافقت کي برداشت ڪري سگهي ٿو. انهن چيو ته حڪومت  ۽ رياستي  ادارن جي باري ۾ رائي جو اظهار ڪرڻ ۽ تنقيد ڪرڻ جي آئين ۽ قانون ۾ منع  نه آهي. ڇو ته اها ڳالھھ طئي آهي ۽ وڏا ڏاها به چون ٿا ته معاشرو، ملڪ ۽ قوم ، حڪومتون ۽ رياستي ادارن جو سڌارو تڏهن ئي ٿيندو جڏهن انهن تي ڪائي جائز تنقيد ٿيندي. جيڪڏهن ڪنهن کي جائز تنقيد جو حق نه ڏنو ويندو ته پوءِ اصلاح  ڪيئن ٿيندي. انهن چيو ته ڪجھھ ڏينهن اڳ ئي هڪ ٽي وي چينل تي نشر ٿيندڙ انٽرويو ۾ نواز شريف جنهن انداز ۽ لهجي ۾ فوج ۽ رياستي ادارن جي باري ۾ ڳالهيون ڪيون آهن ۽ اهي پوري فوج ۽ آرمي چيف کي به سخت تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن ۽ کلي ڪري اها ڳالھھ ڪري رهيا آهن ته اوڀر پاڪستان جي عليحدگي  ۽ پاڪستان کي ٽوڙڻ ۾ جنرلن جو هٿ آهي ته ڇا اها ڳالھھ پابندي جي قابل نه آهي؟ انهن چيو ته ٽيون ڀيرو وزير اعظم بڻجڻ کان پوءِ به نواز شريف قوم ، پاڪ فوج ۽ پاڪستان کان ڪائي به معافي نه ورتي آهي ۽ انهي انٽرويو جي پوزيشن ۾ رهندي اهي پاڪستان جا وزير اعظم به بڻجي ويا . پر قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي بيانن کي ته مبينه طور تي تڪراري بڻايو ويو. انهن چيو ته جناب الطاف حسين جي بيانن جي وڊيو هلايو، آصف علي زرداري جي وڊيو هلايو ۽ نواز شريف جو بيان هلائي ڪري ڏيکاريو وڃي ته ڪهڙي طرح انهن پاڪستان جي آئين ۽ قانون جا محافظ بڻجي ڪري فوج جي توهين ڪئي آهي، جنرلن تي پاڪستان ٽوڙڻ جو الزام لڳايو آهي. ڪارگل واقعي کي وٺي ڪري سابق جنرل هجي يا موجوده جنرل هجي پاڪستان جي آئين ۾ اهو فوجي جنرل ئي رهندو آهي ته انهن تي جيڪا تنقيد ڪئي وئي ته ان توهين واري بيان جو نوٽس ڇو نه ورتو ويو پر جڏهن ته جناب الطاف حسين جي ته اظهار رائي جي آزادي تي ئي پابندي هنئي وئي آهي جڏهن ته جناب الطاف حسين فوج جي خلاف ڪجھھ ڳالهايو به نه آهي. جناب الطاف حسين پاڪستان جي سياسي ۽ عدالتي تاريخ جا واحد رهنما آهن جن جي زبان بندي آهي.جن کي ڪنهن به اداري يا حڪومت تي جائز تنقيد جو به ڪوئي حق نه آهي. نه ته جناب الطاف حسين کان علاوه ٻين اڳواڻڻ جا ته ان کان به وڌيڪ سخت تنقيد وارا بيان ريڪارڊ تي موجود آهن. جن جو اڄ تائين ڪنهن به نوٽس نه ورتو آهي ۽ نه ئي ڪوئي مقدمو قائم ٿيو آهي. پر جڏهن ته جناب الطاف حسين جي خلاف ته پوري ملڪ ۾ سو کان وڌيڪ غداري جا مقدما قائم ڪيا ويا آهن. انهن چيو ته پاڪستان ۾ اڄ قومي ڀائيچاري ۽ دلين کي جوڙڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن اهڙي وقت ۾ به ضد کان پاسو نه ڪيو ويو ته پاڪستان جي وحدت ۽ قومي ڀائيچارو جو ڇا ٿيندو.انهن چيو ته اسان تي پابنديون آهن پر باقي ٻيا سڀئي آزاد آهن ۽ انهن تي ته ڪا به پابندي نه آهي. ان تي اسان جي ذهنن ۾ اهو سوال اڀري ٿو ته شايد اسان هن زمين جا پٽ ئي نه آهيون. انهي جي ڪري اسان سان اهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي.انهن چيو ته هن پريس ڪانفرنس جي ذريعي اسان جيڪو نقطو اٿاريو آهي اهو آئين، قانون ۽ بنيادي حقن سان تعلق رکي ٿو، ته ڇا اسان برابر جا پاڪستاني نه آهيون ۽ ڇا اسان کي پاڪستانيت جي دائري کان ئي خارج ڪيو ويو آهي. وزير اعظم نواز شريف، آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ سياسي جماعتن کي اسان کي ان جو جواب ڏيڻ گهرجي. انهن چيو ته اڄ آئي ايس پي آر  جي سربراھ جنرل عاصم باوجوه پريس ڪانفرنس ڪري چيو آهي ته ڪراچي ۾ دهشت گردي جو نيٽ ورڪ آهي جنهن جو سلسلو انٽرنيشنل آهي. جنهن ۾ القائده برصغير، تحريڪ پاڪستان طالبان ۽ لشڪر جهنگوي پاڻ ۾ ڳٺ جوڙ ڪري ڪاروائي ڪري رهيا آهن ، انهن چيو ته اهي حقيقتون ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين اڳ ۾ ئي ٻڌائيندا رهيا آهن پر انهن تي ڪنهن به ڪن نه ڌريو. انهن چيو  ته جناب الطاف حسين پوري قوم جي رهنمائي ڪري رهيا آهن ته جيئن اڻ ڄاڻ ۾ عوام نه مارجي وڃي. داعش جي موجودگي جي باري ۾ به وزارت داخلا ۽ وزارت خارجه انڪار ڪري رهيون آهن ته پاڪستان ۾ ڪائي به داعش يا طالبان نه آهن پر قانون نافذ ڪرڻ وارا ادارا داعش ، طالبان ۽ ٻين دهشت گردن کي ثبوتن سان گڏ پڪڙي رهيا آهن ۽ جنرل عاصم باوجوه به چئي ڇڏيو آهي ته داعش، لشڪر جهنگوي، القائده ۽ طالبان ڪراچي ۾ ۽ ڪراچي کان ملڪ جي ٻين حصن ۾ پنهنجيون ڪاروائيون ڪري رهيا آهن پر اهي سڀئي ڳالهيون ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين اڳ ۾ ئي رڙيون ڪري ڪري چئي چڪا آهن. پر شايد انهن ڳالهين جي ڏوھ ۾ ئي جناب الطاف حسين کي سزا ڏني پئي وڃي جو انهن جي بيانن ۽ تصويرن تي پابندي عائد ڪئي وئي آهي. انهن چيو ته نواز شريف پنهنجي انٽرويو ۾ پاڪ فوج جي خلاف جيڪو زهر اڳريو آهي. ان کي پاڪستان جي آئين ۽ قانون جي تحت ڏٺو وڃي ۽ ان تي نواز شريف کي معافي به وٺڻ گهرجي. 

5/13/2024 1:27:54 PM