Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪريم آباد ۾ اپوا ڪاليج، نارٿ ناظم آباد ۽ گلشن اقبال ۾ دهشت گردن جي طرفان دستي بم حملا مذمت جوڳا آهن. نديم نصرت


 Posted on: 2/12/2016
ڪريم آباد ۾ اپوا ڪاليج، نارٿ ناظم آباد ۽ گلشن اقبال ۾  دهشت گردن جي طرفان دستي بم حملا  مذمت جوڳا آهن. نديم نصرت
لنڊن: 12 فيبروري 2016 
  متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڪنوينر نديم نصرت ڪريم آباد ۾ اپوا ڪاليج، نارٿ ناظم آباد ۾ گرلز اسڪول ۽ گلشن اقبال ۾ مبينه ٽائون ٿاڻي تي دستي بم حملن جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته ان کان اڳ به دهشت گرد ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ اسڪولن، ڪاليجن ۽ عوامي هنڌن کي دهشت گردي جو نشانو بڻائيندا رهيا آهن، جڏهن ته ڪراچي ۾ ڪجھھ ڏينهن  اڳ ئي پابندي وڌل تنظيمن جي طرفان نارٿ ناظم آباد جي ڪجھھ اسڪولن کي ڌمڪي وارا خط به ملي چڪا آهن پر حڪومت جي طرفان تعليمي ادارن جي تحفظ جي لاءِ ڪي به قدم نه کنيا ويا ۽ اڄ دهشت گردن ڪريم آباد جي اپوا ڪاليج، نارٿ ناظم آباد ۾ گرلز اسڪول ۽ گلشن اقبال ۾ مبينه ٽائون ٿاڻي کي دستي بمن سان نشانو بڻايو ويو ، پر الله سائين جو شڪر آهي ته انهن واقعن ۾ ڪوئي به جاني نقصان نه ٿيو آهي. انهن چيو ته جيڪي دهشت گرد تعليمي ادارن کي نشانو بڻائي رهيا آهن اهي ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن. انهن چيو ته اها ڳالھھ انتهائي شرمناڪ آهي ته اڳواٺ ڌمڪين جي باوجود به سنڌ حڪومت اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي تحفظ جي لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن ۽ ان سلسلي ۾ وڏي ڪوتاهي ڪري رهي آهي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. انهن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اها تعليمي ادارن  ۽ عام شهرين جي جان و مال جي تحفظ جي لاءِ فوري طور تي قدم کڻي. انهن زخمي ٿيندڙ ماڻهن سان دلي همدردي جو اظهار به ڪيو ۽ انهن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي. 


5/12/2024 8:49:56 AM