Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سنڌ حڪومت جي غير جمهوري فيصلي کي سنڌ هائي ڪورٽ جي طرفان ڪالعدم قرار ڏيڻ حق جي فتح آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


سنڌ حڪومت جي غير جمهوري فيصلي کي سنڌ هائي ڪورٽ جي طرفان ڪالعدم قرار ڏيڻ حق جي فتح آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 2/10/2016
سنڌ حڪومت جي غير جمهوري فيصلي کي سنڌ هائي ڪورٽ جي طرفان ڪالعدم قرار ڏيڻ حق جي فتح آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
سنڌ هائي ڪورٽ ۾ مدلل انداز ۾ ايم ڪيو ايم جو مقدمو وڙهڻ تي بيرسٽر فروغ نسيم کي زبردست خراج تحسين به پيش
بيرسٽر فروغ نسيم سان ٽيليفون تي ڳالھھ ٻولھھ
لنڊن: 10 فيبروري 2016 
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ميئرن، ڊپٽي ميئرن، چيئرمينن ، وائيس چيئرمينن ۽ مخصوص سيٽن جي لاءِ مڪاني نمائندن جي اليڪشن جي لاءِ سنڌ حڪومت جي غير جمهوري فيصلي کي سنڌ هائي ڪورٽ جي طرفان ڪالعدم قرار ڏيڻ تي حق پرست عوام کي دلي مبارڪباد پيش ڪئي آهي ۽ ان فيصلي کي حق جي فتح قرار ڏنو آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن عالمي شهرت يافته آئيني ماهر بيرسٽر فروغ نسيم سان ٽيليفون تي ڳالھھ ٻولھھ ڪندي فرمايو.  ان کان اڳ جناب الطاف حسين ڪورٽ سڳوري ۾ سنڌ حڪومت جي فيصلي جي خلاف ايم ڪيو ايم جي پٽيشن دائر ڪرڻ ۽ مدلل انداز ۾ ايم ڪيو ايم جو مقدمو وڙهڻ تي بيرسٽر فروغ نسيم کي زبردست خراج تحسين به پيش ڪيو. جناب الطاف حسين فرمايو ته پي پي جي حڪومت عددي اڪثريت جي بنياد تي سنڌ اسيمبلي جي ايوان ۾ نه صرف ڪارا قانون منظور ڪرائي رهي آهي. پر مڪاني ادارن جا اختيار به ڇني رهي آهي. جنهن مان صاف ظاهر آهي ته پي پي آمرانه ذهن جي مالڪ آهي ۽ ان کي عوام جي بنيادي مسئلن  ۾ ڪائي به دلچسپي نه آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته هاڻي جڏهن ته سنڌ هائي ڪورٽ جي طرفان سنڌ اسيمبلي ۾ مخصوص سيٽن جي لاءِ مڪاني نمائندن جي اليڪشن جي غير ضروري فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي . ان جي ڪري مان سپريم ڪورٽ کي پرزور اپيل ڪريان ٿو ته سنڌ ۾ ميئرن، ڊپٽي ميئرن، چيئرمينن ۽ وائيس چيئرمينن جي اليڪشن ۾ وڌيڪ دير نه ڪئي وڃي ۽ مڪاني نمائندن جا اليڪشن جلد کان جلد ڪرايا وڃن ته جيئن سنڌ جي شهري عوام جا مسئلا  حل ٿي سگهن. جناب الطاف حسين سنڌ حڪومت جي غير جمهوري فيصلي کي سنڌ هائي ڪورٽ جي طرفان ڪالعدم قرار ڏيڻ تي رابطا ڪميٽي، ايم ڪيو ايم جي سمورن شعبن جي ميمبرن، حق پرست عوامي نمائندن، ڪارڪنن ۽ حق پرست عوام ۽ خصوصن بيرسٽر فروغ نسيم سميت ايم ڪيو ايم جي سمورن قانوني مشيرن کي زبردست مبارڪباد ۽ خراج تحسين به پيش ڪيو. 


5/12/2024 1:26:36 PM