Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم برطانيه جي نئين ويب سائيٽ www.mqmuk.com جو افتتاح ڪري ڇڏيو.


قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم برطانيه جي نئين ويب سائيٽ www.mqmuk.com جو افتتاح ڪري ڇڏيو.
 Posted on: 2/9/2016 1
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم برطانيه جي نئين ويب سائيٽ www.mqmuk.com جو افتتاح ڪري ڇڏيو.
لنڊن: 9 فيبروري 2016 
              متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن ۾ ايم ڪيو ايم برطانيه جي نئين ويب سائيٽ  www.mqmuk.com  جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ويب سائيٽ تي ايم ڪيو ايم سان لاڳاپيل بنيادي ڄاڻ، ويب ٽي وي، ويب ريڊيو، تحريڪي لٽريچر، تنظيمي خبرون، قومي ۽ عالمي خبرون، بلاگز ۽ آرٽيڪلز  انگريزي ۽ اردو ۾ دستياب هوندا. ويب سائيٽ تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي سوانح عمري My Life Journey   به پڙهندڙن جي لاءِ دستياب آهي. ان موقعي تي جناب الطاف حسين  ايم ڪيو ايم برطانيه جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي هدايت ڪئي ته اهي ايمانداري، محنت ۽ لگن سان تحريڪ جي فڪر و فلسفي کي اڳتي وڌائڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. انهن فرمايو ته مشڪل ۽ ڏکئي وقت ۾ ايم ڪيو ايم برطانيه جي ڪارڪنن ثابت قدمي سان جهڙي طرح حالتن جو مقابلو ڪيو آهي. ان تي اهي خراج تحسين جا مستحق آهن. جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم برطانيه جي ويب سائيٽ بڻائڻ وارن ڪارڪنن کي شاباش ڏيندي دعا ڪئي ته الله تعالٰي ان ويب سائيٽ کي ڪامياب ڪري ته جيئن برطانيه سميت سڄي دنيا ۾ پکڙيل ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن ۽ همدرد ان مان فائدو حاصل ڪري سگهن.
*****

5/12/2024 7:32:59 PM