Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم سڄي ملڪ جي مظلومن ۽ محرومن جي نمائنده جماعت آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


ايم ڪيو ايم سڄي ملڪ جي مظلومن ۽ محرومن جي نمائنده جماعت آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 2/8/2016 1
ايم ڪيو ايم سڄي ملڪ جي مظلومن ۽ محرومن جي نمائنده جماعت آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
سمورا ذميوار پاڻ کي ڪارڪنن ۽ عوام جو آقا سمجهڻ جي بجاءِ انهن جو خادم سمجهن
ايم ڪيو ايم پنجاب جي 13 رڪني ڪميٽي جي قيام تي پنجاب جي صدر ميان عتيق ۽ ٻين کي دلي مبارڪباد پيش
لنڊن: 8 فيبروري 2016 
                  متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب  الطاف حسين فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم سڄي ملڪ جي مظلومن ۽ محرومن جي نمائنده جماعت آهي ۽ پاڪستان کان فرسوده جاگيرداراڻه نظام جي خاتمي ۽ غريب ۽ وچولي طبقي جي حڪمراني قائم ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم پنجاب جي 13 رڪني ڪميٽي جي قيام تي پنجاب جي صدر ميان عتيق ۽ ڪميٽي جي ميمبرن کي دلي مبارڪباد پيش ڪندي فرمايو ته ملڪ جي ٻين صوبن وانگر پنجاب ۾ به غريب هارين ۽ پورهيتن کي بنيادي سهولتون ميسر نه آهن. پنجاب جي وڏن وڏن جاگيردارن ، زميندارن ۽ سرمائيدارن غريب عوام کي انهن جي بنيادي حقن کان 
محروم رکيو آهي. انهن فرمايو ته حقن جي جدوجهد گلن جي سيج نه آهي بلڪه اها ڪنڊن جي واڙ هوندي آهي. حق پرستي جي رستي تي هلڻ وارن کي حالتن جي ڏاڍ کي به منھھ ڏيڻو پوي ٿو ۽ هڪ عظيم مقصد جي لاءِ قربانيون به ڏيڻون پون ٿيون. جنهن تنظيم جا ذميوار ۽ ڪارڪن حالتن جي ڏاڍ جو ثابت قدمي سان مقابلو ڪن ٿا ۽ تمام تر آزمائشين جي باوجود پنهنجي جدوجهد جاري رکن ٿا ته پوءِ ڪاميابي به انهن جو ئي مقدر بڻجي ٿي. انهن ايم ڪيو ايم پنجاب جي سمورن ذميوارن تي زور ڏنو ته اهي حقن کان محروم غريب پنجابين جي جائز حقن جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. پنجاب جي شهرن ۽ ڳوٺن جو دورو ڪري عوام سان رابطو ڪن، انهن کي ايم ڪيو ايم جي حق پرستانه فڪر و فلسفي کان آگاھ ڪن ۽ عوام جي بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪن. انهن سمورن ذميوارن کي تلقين ڪئي ته اهي تنظيمي نظم و ضبط جي پابندي ڪن، تنظيمي لٽريچر جو باقائدگي سان مطالعو ڪن. حالات حاضره تي نظر رکن. برائين ۽ خراب عادتن کان پري رهن ۽ پاڻ کي ڪارڪنن ۽ عوام جو حاڪم سمجهڻ جي بجاءِ انهن جو خادم سمجهي ڪري هر هڪ سان سٺي اخلاق سان ملن. جناب الطاف حسين اميد ظاهر ڪئي ته ايم ڪيو ايم پنجاب جي نئين چونڊيل ڪميٽي پنجاب ۾ نه صرف تحريڪ جي پيغام جي فروغ جي لاءِ پنهنجين صلاحيتن کي ڀرپور استعمال ڪندي، بلڪه غريب ۽ وچولي طبقي جي حڪمراني جي قيام جي جدوجهد ۾ به تحريڪ جي ٻانهن ٻيلي ٿيندي. جناب الطاف حسين فرمايو ته انشاء الله تعالٰي ايم ڪيو ايم جي حق پرستانه جدوجهد ضرور ڪامياب ٿيندي ۽ پاڪستان تي 98 سيڪڙو تعليم يافته ۽ باصلاحيت غريب ۽ وچولي طبقي جي حڪمراني   قائم ٿيندي. 
*****

4/26/2024 6:45:19 PM