Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي پنجاب ۾ تنظيمي ڪم کي تيز ۽ بهتر ڪرڻ جي لاءِ پنجاب جي 13 رڪني ڪميٽي جو اعلان ڪري ڇڏيو


ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي پنجاب ۾ تنظيمي ڪم کي تيز ۽ بهتر ڪرڻ جي لاءِ پنجاب جي 13 رڪني ڪميٽي جو اعلان ڪري ڇڏيو
 Posted on: 2/8/2016 1
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي پنجاب ۾ تنظيمي ڪم کي تيز ۽ بهتر ڪرڻ جي لاءِ پنجاب جي 13 رڪني ڪميٽي جو اعلان ڪري ڇڏيو
ڪراچي: 8 فيبروري 2016 
                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پنجاب ۾ تنظيمي ڪم کي تيز ۽ بهتر ڪرڻ جي لاءِ پنجاب جي 13 رڪني ڪميٽي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. انهن خيالن جو اظهار ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڪنور نويد جميل خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبرَ محمد حسين، محترمه زرين مجيد، اسلم آفريدي، شبير احمد قائم خاني ۽ ڪمال ملڪ به موجود هئا. ڪنور نويد جميل چيو ته اها مرڪزي ڪميٽي پوري پنجاب جا تنظيمي معاملا ڏسندي ۽ پنجاب جي 9 ڊويزنن، 37 ضلعن ۽ تعلقن ۾ مشاورت سان آرگنائيزنگ ڪميٽي جو عمل به مڪمل ڪندي. انهن چيو ته اسان جا سينيٽر ۽ ايم اين ايز پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ ويندا رهيا آهن ۽ اتي غريب عوام جا مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهيا آهن ۽ اهو سلسلو هن وقت به جاري آهي.انهن چيو ته پنجاب ۾ تنظيم نو جو مقصد به اهوئي آهي ته 2018 جي اليڪشن جي سلسلي ۾ هاڻي کان ئي ڪم کي تيز ڪيو وڃي ۽ مناسب ماڻهن کي اڳتي آندو وڃي.  انهن چيو ته پنجاب ڪميٽي جا نالا هي آهن. صدر ميان عتيق، سينيئر نائب صدر عابد گجر، نائب صدور ادريس جامي، فرقان مغل، نديم کوکر، عبدالڪريم ٽوڪي، جنرل سيڪريٽري ملڪ عبدالوسيم کوکر، جوائنٽ سيڪريٽريز محمد علي جواد، جاويد چيمه ،  انصر بٽر، فنانس سيڪريٽري ڪاشف خورشيد، نشر و اشاعت سيڪريٽري خرم شهزاد رانا ۽ ڊپٽي سيڪريٽري اطلاعات رائو خالد . ڪنور نويد جميل نون چونڊيل ذميوارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اها ڪميٽي ايم ڪيو ايم جي سينيئر ساٿين تي ٻڌل آهي.انهن چيو ته انهن ساٿين ڏکين حالتن ۾ پوليس، زميندارن ۽ پنجاب جي حڪومت جي ڌمڪين کي منھھ ڏنو ۽ ثابت قدمي سان پنهنجي جڳھھ تي ڄميل رهيا. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي صوبائي ڪميٽين جو به جلد اعلان ڪندي. 
*****


4/26/2024 8:37:10 PM