Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

حڪومت کي نجڪاري ۽ تباھ ڪاري ۾ فرق جي خبر هجڻ گهرجي. پي آئي اي هڪ قومي ادارو آهي ڪنهن جي ذاتي جاگير نه آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار


حڪومت کي نجڪاري ۽ تباھ ڪاري ۾ فرق جي خبر هجڻ گهرجي. پي آئي اي هڪ قومي ادارو آهي ڪنهن جي ذاتي جاگير نه آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار
 Posted on: 2/6/2016 1
حڪومت کي نجڪاري ۽ تباھ ڪاري ۾ فرق جي خبر هجڻ گهرجي. پي آئي اي هڪ قومي ادارو آهي، ڪنهن جي ذاتي جاگير نه آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار
ايئرپورٽ تي احتجاجي مظاهري ۾ پي آئي اي جي ملازمن سان ڳالھھ ٻولھھ
ڪراچي: 7 فيبروري 2016
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته حڪومت کي نجڪاري ۽ تباھ ڪاري ۾ فرق جي خبر هجڻ گهرجي ۽ پي آئي اي هڪ قومي ادارو آهي، ڪنهن جي ذاتي جاگير نه آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن ڪراچي ايئر پورٽ تي پي آئي اي جي احتجاجي مظاهرين سان ڳالھھ ٻولھھ ڪندي ڪيو.  ان موقعي تي وسيم اختر ۽ ٻيا به  موجود هئا. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته پي آئي اي صرف 38 جهازن جو نالو نه آهي بلڪه 14000 هزار ملازمن جي عزت نفس جو نالو آهي. اهو ادارو عوام جي امانت آهي اسان ان کي ڪنهن جي به ذاتي انا جو شڪار ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ انشاء الله تعالٰي پي آئي اي ۽ پوري پاڪستان کي بچائينداسين. انهن ڌرڻي تي ويٺل ملازمن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان جن مشڪل حالتن ۾ پنهنجو احتجاج جاري رکيون ويٺا آهيو اها هڪ سٺي ڳالھھ آهي. اوهان جي سمورن مطالبن جي ايم ڪيو ايم حمايت ڪري ٿي انهن چيو ته پاڪستان جي تاريخ شاهد آهي ته ڪراچي جنهن به ظالم جي خلاف اٿي کڙو ٿئي ٿي ته پوءِ ان جو ڏاڍ ختم ٿي وڃي ٿو. انهن چيو ته اسان پي آئي اي جي ملازمن کي ڪارن انگريزن جي ظلمن کان نجات ڏياري مزدورن سان گڏ جشن ملهائينداسين. انهن چيو ته اسان پي آئي اي جي تاريخ ۾ لاپتا ماڻهن جو لفظ نه ٻڌو هو بلڪه اهو ظلم ته اسان سان ٿي رهيو آهي پر هاڻي پي آئي اي جا ملازم به حڪومت جي ظلمن جو شڪار ٿي ويا آهن. انهن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته پي آئي اي جي ملازمن هدايت الله، ضمير حسين ، سيف الله ۽ منصور کي فوري طور تي بازياب ڪرايو وڃي ۽ پي آئي اي جي جائز مطالبن کي فوري طور تي تسليم ڪيو وڃي. ان موقعي تي انهن شهيد ٿيندڙ پي آئي اي جي ملازمن جي پونئرن سان دلي همدردي جو اظهار به ڪيو.

4/25/2024 11:34:32 PM