Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پي آئي اي ملازمن جي هڙتال جي ڪري پرائيويٽ ايئر لائينز جي طرفان مسافرن کان وڌيڪ ڪرايو وصول ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.


پي آئي اي ملازمن جي هڙتال جي ڪري پرائيويٽ ايئر لائينز جي طرفان مسافرن کان وڌيڪ ڪرايو وصول ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
 Posted on: 2/5/2016 1
پي آئي اي ملازمن جي هڙتال جي ڪري پرائيويٽ ايئر لائينز جي طرفان مسافرن کان وڌيڪ ڪرايو وصول ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
ڪراچي: 4 فيبروري 2016 
                 متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پي آئي اي  ملازمن جي هڙتال جي ڪري پرائيويٽ ايئر لائينز جي طرفان مسافرن کان وڌيڪ ڪرايو وصول ڪرڻ تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ ان عمل کي عوام دشمن عمل قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته جهڙي طرح ڪجھھ منافعي خور ڪنهن به شيءِ جي قلت جي صورت ۾ عوام جي مجبوري جو فائدو کڻندي وڌيڪ قيمت وصول ڪري ناجائز نفعو ڪمائين ٿا. بلڪل اهڙي طرح ئي ايئر لائينز وارا به وڌيڪ ڪرايو وصول ڪن ٿا. جڏهن ته ان جي مانيٽرنگ سول ايوي ايشن اٿارٽي ڪري ٿي. پر اداري جي طرفان ڪي به قدم نه ٿا کنيا وڃن. انهن چيو ته حڪومت ان تي ايڪشن نه وٺي رهي آهي ڇو ته وزيرن جون پنهنجيون ئي ايئر لائينز هلي رهيون آهن. انهن صدر پاڪستان ممنون حسين ۽ وزير اعظم ميان نواز شريف کان مطالبو ڪيو ته اهي پرائيويٽ ايئر لائينز جي طرفان وڌيڪ ڪرايا وصول ڪرڻ جو فوري طور تي نوٽس وٺن ۽ ان ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي.
*****


5/9/2024 4:55:41 PM