Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪوئيٽا ۾ سيڪيورٽي فورسز کي بم ڌماڪي جو نشانو بڻائڻ جو عمل قابل مذمت آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


ڪوئيٽا ۾ سيڪيورٽي فورسز کي بم ڌماڪي جو نشانو بڻائڻ جو عمل قابل مذمت آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 2/6/2016 1
ڪوئيٽا ۾ سيڪيورٽي فورسز کي بم ڌماڪي جو نشانو بڻائڻ جو عمل قابل مذمت آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن: 6 فيبروري 2016 
                متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين دهشت گردن جي طرفان بلوچستان جي شهر ڪوئيٽا ۾ بم ڌماڪي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن سميت ڪيترن ئي ماڻهن جي شهيد ۽ زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته پاڪستان حالت جنگ ۾ آهي ۽ انتهائي نازڪ دور مان گذري رهيو آهي ۽ ملڪ دشمن عناصر دهشت گردي جي خاتمي جي لاءِ جاري ضرب عضب کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ پاڪ فوج ۽ سڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻائي رهيا آهن. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم پنهنجي قيام کان وٺي ڪري اڄ تائين هر قسم جي دهشت گردي جي خلاف آهي ۽ مذهبي انتها پسندي ، فرقي واريت ۽ دهشت گردي جي خاتمي جي لاءِ پاڪ فوج سان گڏ آهي. انهن بم ڌماڪي ۾ هلاڪ ٿيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن ۽ ٻين ماڻهن جي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ مون سميت ايم ڪيو ايم جا سمورا ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي بم ڌماڪي ۾ هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين. ان کان علاوه انهن بم ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙ ماڻهن جي جلد و مڪمل صحتيابي لاءِ دعا به ڪئي. 
*****

5/9/2024 11:37:16 PM