Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ميٽرو پوليٽن پوليس جي طرفان ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي ضمانت منسوخ ڪئي وئي آهي.


ميٽرو پوليٽن پوليس جي طرفان ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي ضمانت منسوخ ڪئي وئي آهي.
 Posted on: 2/1/2016 1
ميٽرو پوليٽن پوليس جي طرفان ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي ضمانت منسوخ ڪئي وئي آهي.
پوليس آگاھ ڪيو آهي ته مني لانڊرنگ ڪيس ۾ فرد جرم عائد ڪرڻ جي لاءِ پوليس وٽ مناسب شاهديون نه آهن.
ميٽروپوليٽن پوليس جي طرفان ضمانت ڪينسل ٿيڻ اطمينان جوڳي ڳالھھ آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن: پهرين فيبروري 2016 
                  ميٽروپوليٽن پوليس ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين کي انهن جي وڪيلن جي ذريعي آگاھ ڪيو آهي ته مني لانڊرنگ ڪيس ۾ جاري تفتيش جي سلسلي ۾ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي سينيئر ميمبرن محمد انور ۽ طارق مير جي ضمانت منسوخ  ڪئي وئي آهي. برطانوي قانون جي تحت ان جو مطلب اهو آهي ته هاڻي جناب الطاف حسين، محمد انور ۽ طارق مير کي مني لانڊرنگ جي الزام ۾ جاري تفتيش جي سلسلي ۾ پوليس اسٽيشن وڃڻ جي گهرج نه آهي. پوليس جي طرفان آگاھ ڪيو ويو آهي ته مني لانڊرنگ ڪيس ۾ فرد جرم عائد ڪرڻ جي لاءِ پوليس وٽ مناسب شاهديون نه آهن. ميٽروپوليٽن پوليس جي طرفان اهو به ٻڌايو ويو آهي ته ضمانت جي سلسلي ۾ جناب الطاف حسين تي جيڪي شرطون عائد ڪيون ويون هيون اهي به ختم ڪيون ويون آهن. ان جي ڪري جناب الطاف حسين کي ڪالھھ پوليس اسٽيشن اچڻ جي ضرورت نه آهي. اهو به ٻڌايو ويو آهي ضمانت جي سلسلي ۾ جيڪيون شرطون عائد ڪيون ويون هيون اهي به ختم ڪيون ويون آهن. ان حوالي سان جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ميٽروپوليٽن پوليس جي طرفان ضمانت ڪينسل ٿيڻ اطمينان جوڳي ڳالھھ آهي. جناب الطاف حسين هڪ ڀيرو ٻيهر مني لانڊرنگ ۾ ڪنهن به قسم جي ملوث ٿيڻ جي ترديد ڪئي ۽ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ موجود ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ حامين جي طرفان ڀرپور سپورٽ ڪرڻ تي شڪريو به ادا ڪيو.
****

5/12/2024 5:34:45 AM