Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

حق جي جدوجهد ڪرڻ وارن کي هميشه آزمائشن ۽ امتحانن مان گذرڻو پوي ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


 Posted on: 2/1/2016 1
حق جي جدوجهد ڪرڻ وارن کي هميشه آزمائشن ۽ امتحانن مان گذرڻو پوي ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
لنڊن ۽ پاڪستان جي رابطا ڪميٽي ۽ شعبن جي ميمبرن سان ٽيليفون تي ڳالھھ ٻولھھ
لنڊن: پهرين فيبروري 2016 
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم حق جي راھ تي هلڻ واري تحريڪ آهي ۽ حق جي جدوجهد ڪرڻ وارن کي هميشه آزمائشن ۽ امتحانن مان گذرڻو پوي ٿو ۽ جيڪي ڪنهن به امتحان ۾ ثابت قدم رهن ٿا ته الله تعالٰي به انهن کي ئي ڪامياب ڪري ٿو. اها ڳالھھ انهن رابطا ڪميٽي لنڊن ۽ پاڪستان جي ميمبرن ۽ شعبن جي ميمبرن سان ڳالھھ ٻولھھ ڪندي فرمائي. جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم غريب ۽ وچولي طبقي جي عوام جي حقن جي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي. ايم ڪيو ايم جي جدوجهد پريشان ۽ ڏتڙيل ماڻهن کي مسئلن ۽ پريشانين مان ڪڍڻ ۽ انهن کي عزت واري زندگي گذارڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ آهي. جڏهن کان ايم ڪيو ايم وجود ۾ آئي آهي ته ان هر دور ۾ هر طرح جي امتحانن ۽ آزمائشن کي منھھ ڏنو آهي ۽ اڄ به ڏيئي رهي آهي. اسان پنهنجي مقصد ۾ سچا آهيون ۽ اسان جي نيت ۽ ارادو به نيڪ آهي ، ان جي ڪري الله تعالٰي هر آزمائش جي وقت اسان کي همت، حوصلو ۽ طاقت عطا فرمائي آهي ۽ هر امتحان ۾ ڪامياب به ڪيو آهي. انهن تحريڪ جي سمورن ڪارڪنن ۽ عوام کي چيو ته اهي به پنهنجين صفن ۾ اتحاد برقرار رکن. ڪنهن به آزمائش کان هرگز به نه گهبرائين ۽ هر قسم جي حالتن ۾ پنهنجن حوصلن کي بلند رکن.ثابت قدمي سان پنهنجي جدوجهد جاري رکن ۽ ان ڳالھھ تي مڪمل يقين رکن ته حق ۽ صداقت جي جدوجهد ڪرڻ وارن کي الله تعالٰي جي مدد حاصل هوندي آهي. الله تعالٰي اسان کي هر امتحان ۾ ڪامياب ڪندو ۽ انشاء الله تعالٰي فتح حق پرستن جو مقدر بڻجندي.


5/12/2024 8:51:24 PM