Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جناب الطاف حسين پاڪ فوج کي پاڻ به سلوٽ پيش ڪيو ۽ پنهنجي لکين ڪارڪنن کان به سلوٽ پيش ڪرايو ۽ فوج کي خراج تحسين به پيش ڪيو. سنڌ تنظيمي ڪميٽي


 Posted on: 2/1/2016 1
جناب الطاف حسين پاڪ فوج کي پاڻ به سلوٽ پيش ڪيو ۽ پنهنجي لکين ڪارڪنن کان به سلوٽ پيش ڪرايو ۽ فوج کي خراج تحسين به پيش ڪيو. سنڌ تنظيمي ڪميٽي
ڪراچي: پهرين فيبروري 2016 
متحده قومي موومينٽ جي سنڌ تنظيمي ڪميٽي ميڊيا تي جناب الطاف حسين جي تقريرن ۽ تصويرن جي نشر و اشاعت تي پابندي کي بنيادي انساني حقن جي خلاف قرار  ورزي قرار ڏيندي وفاقي حڪومت کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ان پابندي جي خاتمي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ٽئين وڏي پارليماني پارٽي آهي جيڪا گذريل ٽن ڏهاڪن کان سنڌ جي شهري علائقن سميت سڄي ملڪ جي مظلومن جي نمائندگي ڪندي پئي اچي. انهن چيو ته جناب الطاف حسين پاڪ فوج کي پنهنجي لکين ڪارڪنن کان سلوٽ پيش ڪرايو ۽ پاڻ به سلوٽ پيش ڪيو ۽ فوج کي خراج تحسين به پيش ڪيو. پر ان جي بدلي ۾ اڄ  انهن جي تقريرن ۽ تصويرن تي ئي پابندي عائد ڪئي وئي آهي. انهن چيو ته زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکڻ وارا ماڻهو جناب الطاف حسين تي عائد غير جمهوري پابندي جي خاتمي جي لاءِ هر فورم تي آواز بلند ڪن ۽ ملڪ جي 2 سيڪڙو مراعات يافته طبقي کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.


5/12/2024 8:17:26 AM