Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

نيشنل ايڪشن پلان تي شروع کان ئي عمل نه ٿيو آهي، پر اهو پاڪستان جي بقا جو مسئلو آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار


نيشنل ايڪشن پلان تي شروع کان ئي عمل نه ٿيو آهي، پر اهو پاڪستان جي بقا جو مسئلو آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار
 Posted on: 1/20/2016
نيشنل ايڪشن پلان تي شروع کان ئي عمل نه ٿيو آهي، پر اهو پاڪستان جي بقا جو مسئلو آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار
چارسده سانحو نيشنل ايڪشن پلان جي ناڪامي آهي
خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس
ڪراچي: 20 جنوري 2016
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته باچا خان يونيورسٽي سانحو نيشنل ايڪشن پلان جي ناڪامي آهي ۽ اڄ پوري قوم جو نيشنل ايڪشن پلان تان اعتبار کڄي ويو آهي. اسان جي پاليسي واضع ٿيڻ گهرجي، نيشنل ايڪشن پلان تي شروع کان عمل ئي نه ٿيو آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا، رابطا ڪميٽي ميمبر ڊاڪٽر عبدالقادر خانزاده، گلفراز خان خٽڪ، واسع جليل، محمد حسين، ارشد حسن ۽ محترمه زرين مجيد به موجود هئي. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته چار سده سانحو وڏو سانحو آهي ۽ ان جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. انهن چيو ته اڄ جي سانحي اسان کي هڪ ڀيرو ٻيهر احساس ڏياريو آهي ته اسان جو پورو ملڪ هن وقت حالت جنگ ۾ آهي. انهن چيو ته اڄ هڪ ٻيو سانحو وٺي ڪري اهي ماڻهو جيڪي ملڪ ۾ دهشت گردن جي خلاف ايڪشن ڪري رهيا آهن ۽ انهن  جي خاتمي جو دعوٰي ڪري رهيا آهن ته ان تي هڪ عام شهري به اهو ئي سوال ڪري رهيو آهي ته ڇا ٿيو. انهن چيو ته اڄ کان هڪ سال پهرين به جنوري ۾ ئي آرمي پبلڪ اسڪول جي سانحي کان پوءِ ايڪشن پلان جي منظوري ڏني وئي هئي پر ان تي به ڪهڙو عمل ٿيو. انهن چيو ته چار سده سانحو اسان جي انٽيليجنس جي ناڪامي آهي. سانحي کان پوءِ تفتيش ڪئي ويندي ۽ اهو تماشو ته ماڻهو سالن کان ڏسي رهيا آهن. پر عوام جو انٽيليجنس جي ادارن ۽ ذميوارن کان سوال آهي ته ايڪشن پلان تي عمل ڇو نه ڪيو ويو. انهن چيو ته اسان اهو سمجهون ٿا ته ايڪشن پلان تي ان جي لاءِ عمل نه ٿيو جو پهرين ئي ڏينهن کان اوهان جو ويزن واضع نه هو ته هدف ڇا آهي. انهن چيو ته سٺن دهشت گردن ۽ برن دهشت گردن جو فرق وري سامهون اچي ويو ۽ ان جو نتيجو اهو نڪتو ته پاڪستان ۾ دهشت گردن کي منظم ڪرڻ ۽ انهن کي ٻاهر وڃڻ جو موقعو ملي ويو. انهن چيو ته اوهان جو هدف واضع نه آهي اوهان چيو هو ته جيٽ بليڪ دهشت گردن جو خاتمو ڪيو ويندو پر ڪيترن کي ڦاهي ڏني وئي. بلڪه اوهان ته جيٽ بليڪ دهشت گردن کي موقعو ڏنو آهي. انهن چيو ته اهو پاڪستان جي بقا جو مسئلو آهي هن سال جي شروعات ۾ وزير اعظم ڪڏهن به سياسي جماعتن کي گهرائي ڪري ايڪشن پلان جي باري ۾ نه ٻڌايو. انهن چيو ته پابندي وڌل تنظيمن کي پوري ملڪ ۾ کلي عام سرگرميون جاري رکڻ جي اجازت آهي پر اسان کي نه ته رمضان شريف ۾ ۽ نه قرباني جي عيد تي ڪم ڪرڻ ڏنو ويو. پر پابندي وڌل تنظيمن کي ته کلي عام ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي ۽ اهي مالي طور تي تمام مضبوط ٿي ويا. ته پوءِ ٻڌايو ته ايڪشن پلان تي ڪهڙي طرح عمل ٿي سگهي ٿو. انهن چيو ته  لال مسجد جو مولانا عبدالعزيز پنهنجن خطابن ۾ خود ڪش حملن جا اعلان ڪري رهيا آهن پر انهن جي خلاف ته ڪائي به ڪاروائي نه ڪئي وئي آهي ۽ چوڌري نثار پارليامينٽ ۾ بيهي ڪري چون ٿا ته انهن  جي خلاف ڪا به ڪاروائي نه ٿيندي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم عزيز آباد ۾ ۽ سول سوسائٽي اسلام آباد ۾ انهن جي خلاف ايف آئي آر ڪٽرائي. پر مولانا عبدالعزيز جي خلاف ڪوئي به ايڪشن نه ورتو ويو. انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين پهرين ئي ڏينهن کان ان جي نشاندهي ڪندا رهيا آهن ته ڪراچي ۾ طالبان، القائده ۽ داعش موجود آهن. پر حڪومت ان کان انڪار ڪيو. انهن چيو ته پنجاب جو ڪائونٽر انچارج چوي ٿو ته جيڪي گرفتار ٿيا آهن ان جا لنڪ داعش ۽ القائده سان ملن ٿا پر چوڌري نثار عوام سان ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي. انهن چيو ته صوفي محمد سان ڳالهين جي ذريعي ڪنهن کي وقت ڏنو ويو. انهن چيو ته ڪيترن ئي ماهرن چيو ته جنوبي پنجاب دهشت گرد تنظيمن جي سڀني کان وڏي آماجگاھ آهي پر آپريشن ٿيو ته صرف سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ ٿيو. انهن چيو ته اهو جيڪڏهن ايڪشن پلان سڄي ملڪ جي لاءِ آهي ته پوءِ پنجاب ۾ پوليس کان ڇو آپريشن ڪرايو پيو وڃي. انهن چيو ته فيصل آباد ۽ سيالڪوٽ مان خاندانن جا خاندان داعش ۾ شامل ٿي رهيا آهن پر ڪنهن به ان جو نوٽس نه ورتو. انهن چيو ته وزير داخلا ٻڌائين ته جيڪي مدرسا  دهشت پيدا ڪري رهيا آهن انهن جي خلاف ڪهڙي ڪاروائي ڪئي وئي ۽ نصاب کي قائد اعظم جي پاڪستان سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا. انهن چيو ته ملڪ ۾ گهرن ۾ ماتم هجي ۽ اوهان ٻن ملڪن جي وچ ۾ استحڪام پيدا ڪرڻ وڃي رهيا آهيو اها سٺي ڳالھھ آهي پر داخلي استحڪام به ضروري آهي. ان ڏانهن به توجه ڏني وڃي. فرقي پرستي پيدا ڪرڻ واريون پابندي وڌل تنظيمون سرعام ڪيمپ لڳائي ڪري چندو گڏ ڪن ته ان کي ڇا چيو ويندو. 


5/13/2024 4:56:17 AM