Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

بلوچستان،خيبرپختونخواھ ۽ سنڌ ۾ جاري فوجي آپريشن تي جناب الطاف حسين جو پاليسي بيان.


بلوچستان،خيبرپختونخواھ ۽ سنڌ ۾ جاري فوجي آپريشن تي جناب الطاف حسين جو پاليسي بيان.
 Posted on: 1/20/2016
بلوچستان،خيبرپختونخواھ ۽ سنڌ ۾ جاري فوجي آپريشن تي جناب الطاف حسين جو پاليسي بيان.
ڪي پي ڪي، بلوچستان ۽ سنڌ جا ماڻهو پنهنجي مٿان اوڙهيل بي غرتي جي چادر کي لاهي اڇلائين.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن: 20 جنوري 2016 
               متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پنهنجي هڪ بيان ۾ فرمايو آهي ته خيبرپختونخواھ، بلوچستان ۽ سنڌ جا ماڻهو پنهنجي مٿان اوڙهيل بي غرتي جي چادر کي لاهي اڇلائين. ڇا توهان جي امڙين، ڀينرن ۽ نياڻين جي عزت، حرمت ۽ تقدس پنجابي امڙين، ڀينرن ۽ نياڻين جي حرمت ۽ تقدس کان گهٽ آهي؟  انهن فرمايو ته امن وامان جي نالي تي بلوچستان، ڪي پي ڪي ۽ سنڌ ۾ سوين آپريشن فوج ۽ پيراملٽري فورسز يعني رينجر ۽ ايف سي جي ذريعي ڪرايا ويا آهن. انهن فوجي آپريشنن جي دوران هزارين پختون، بلوچ، سنڌي ۽ مهاجر شهيد ۽ معذور ٿي چڪا آهن ۽ امڙين، ڀينرن ۽ نياڻين جي عزت کي ڪيترائي ڀيرا بي حرمت ڪيو ويو. اڄ جڏهن جو آپريشن ڪلين اپ ڪيو پيو وڃي ته فوج، رينجر ۽ ايف سي کي انهن ئي صوبن ۾ عوام جي خلاف استعمال ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته 2013 ۾ هڪ اي پي سي پنجاب ۾ منعقد ڪئي وئي هئي. امن وامان جي متعلق ان اي پي سي، جنهن ۾ وزير اعظم نواز شريف، آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ آئي ايس آئي جي چيف جنرل رضوان اختر هڪ زبان ٿي ڪري اي پي سي جي شرڪاء کي يقين ڏياريو ته اهو فوجي آپريشن جيٽ بليڪ دهشت گردن جي خلاف هوندو. يعني جيڪي دهشت گرد آرمي پبلڪ اسڪول پشاور، ڪامران ايئر بيس، آئي ايس آئي هيڊ ڪوارٽر، سي آئي اي بلڊنگ ڪراچي ۽ جي ايڇ ڪيو تي حملا ڪندا رهيا آهن. مسجدن، امام بارگاهن، مزارن ۽ بازارن تي حملا ڪندا رهيا آهن، اهو آپريشن اهڙن وحشي دهشت گردن جي خلاف ئي  ڪيو ويندو ۽ اهو آپريشن ڪنهن به سياسي جماعت جي خلاف نه هوندو. جناب الطاف حسين فرمايو ته ٽن سالن کان عوام ڏسي رهيا آهن ته ان آپريشن جو دائرو بلوچستان، ڪي پي ڪي ۽ سنڌ کان اڳتي نه وڌي رهيو آهي. جڏهن ته پنجاب جي حڪومت صاف چئي ڇڏيو آهي ته پنجاب ۾ اهو آپريشن رينجر ۽ ايف سي جهڙا ادارا نه ڪندا ۽ پنجاب ۾ اهو آپريشن پوليس کان ڪرايو ويندو. هاڻي بلوچستان، ڪي پي ڪي ۽ سنڌ جي عوام کي ان کليل ڌاندلي ۽ ناانصافي جي خلاف بي غرتي جي چادر لاهي اڇلائڻي آهي يا اوڙهي رکڻي آهي ان جو جواب اتي رهندڙ اڳواڻ ۽ عوام ڏين.

5/13/2024 2:09:24 AM