Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جو چار سده سانحي تي ٽي روزه سوڳ جي حمايت جو اعلان. چار سده سانحي آرمي پبلڪ اسڪول جي غم کي تازو ڪري ڇڏيو آهي. نديم نصرت.


ايم ڪيو ايم جو چار سده سانحي تي ٽي روزه سوڳ جي حمايت جو اعلان. چار سده سانحي آرمي پبلڪ اسڪول جي غم کي تازو ڪري ڇڏيو آهي. نديم نصرت.
 Posted on: 1/20/2016
ايم ڪيو ايم جو چار سده سانحي تي ٽي روزه سوڳ جي حمايت جو اعلان.
چار سده سانحي آرمي پبلڪ اسڪول جي غم کي تازو ڪري ڇڏيو آهي. نديم نصرت.
لنڊن: 20 جنوري 2016 
                  متحده قومي موومينٽ جي قائم مقام ڪنوينر نديم نصرت چار سده يونيورسٽي سانحي جي مذمت ۽ ان تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي ايم ڪيو ايم جي طرفان ان سانحي تي ٽي روزه سوڳ جي حمايت جو اعلان به ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ نديم نصرت چيو ته چار سده سانحي آرمي پبلڪ اسڪول جي غم کي تازو ڪري ڇڏيو آهي. قوم کي اميد هئي ته ان سانحي مان سبق حاصل ٿيو هوندو ۽ ان جي روشني ۾ هاڻي قوم کي مستقبل ۾ اهڙن سانحن جو ٻيهر سامنو نه ڪرڻو پوندو ۽ قوم کي اها به اميد هئي ته ان سانحي جي روشني ۾ جيڪو نيشنل ايڪشن پلان ترتيب ڏنو ويو هو، ان تي ان جي روح جي مطابق عمل ڪيو ويندو، پر بڍھ بير  ايئربيس ۽ جمرود ايف سي چوڪي  تي خودڪش حملي ۽ اهڙي طرح جي ٻين دهشت گردي جي لڳاتار ٿيندڙ واقعن کان پوءِ اڄ چار سده يونيورسٽي تي ٿيندڙ ان وڏي دهشت گرد حملي واضع ڪري ڇڏيو آهي ته اسان نيشنل ايڪشن پلان تي ان پوري طرح سان اسپرٽ جي مطابق عمل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهيون ۽ اسان جي توجه صرف سياسي عناصر جي خلاف ڪاروائين تي ئي رهي آهي. نديم نصرت چيو ته 
پاڪستان پهرين ئي تمام گهڻڻ سانحن مان گذري چڪو آهي ۽ هاڻي وڌيڪ سانحن کي برداشت ڪري نه ٿو سگهي. وقت جي ضرورت آهي ته ويجهڙائي ۾ ٿيندڙ دهشت گردي جي واقعن مان سبق حاصل ڪندي مستقبل جي منصوبه بندي ڪئي وڃي ۽ انهن انتها پسند عناصر جي خلاف فيصلائتي ڪاروائي ڪئي وڃي، جيڪي مذهب جو لبادو اوڙهي ڪري پاڪستان کي تباھ ۽ برباد ڪرڻ ۽ پاڪستان کي شام، عراق، لبيا ۽ افغانستان بڻائڻ جي ڪڍ آهن. نديم نصرت چيو ته وقت جو تقاضا آهي ته سياسي عناصر جر خلاف ڪاروائي ڪرڻ جي بجاءِ نيشنل ايڪشن پلان جي تحت پابندي وڌل تنظيمن جي جيٽ بليڪ دهشت گردن جي خلاف ايڪشن ڪيو وڃي. انهن وڌيڪ چيو ته سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي سان گڏو گڏ هاڻي پنجاب ۾ به دهشت گردي جي اصل مرڪزن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻي پوندي، نه ته قوم کي خدانخواسته اهڙي طرح جي وڌيڪ سانحن جو سامنو ڪرڻو پوندو. انهن دهشت گردن جي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ چارسده يونيورسٽي جي اسٽنٽ پروفيسر حامد حسين، يونيورسٽي جي شاگردن ۽ سيڪيورٽي گارڊ جي  پونئرن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته پوري قوم اوهان جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. انهن دعا ڪئي ته الله تعالٰي شهيدن کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي صبر جميل عطا فرمائي. آمين. 


5/13/2024 12:13:00 PM