Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

باچا خان يونيورسٽي تي دهشت گردن جي حملي تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.


باچا خان يونيورسٽي تي دهشت گردن جي حملي تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 1/20/2016
باچا خان يونيورسٽي تي دهشت گردن جي حملي تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.
لنڊن: 20 جنوري 2016 
                 متحده قومي موومينٽ جي  قائد جناب الطاف حسين چارسده ۾ باچا خان يونيورسٽي تي دهشت گردن جي حملي کي بدترين ۽ بزدلاڻه ڪاروائي قرار ڏنو آهي ۽ دهشت گردن جي حملي جي نتيجي ۾ پروفيسر ڊاڪٽر حامد،شاگردن، گارڊ ۽ پوليس اهلڪارن جي شهادت ۽ ڪيترن ئي شاگردن ۽ ٻين استادن جي زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.پنهنجي هڪ مذمتي بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته ملڪ ۾ دهشت گردن جو هڪ ڀيرو ٻيهر ڪنڌ کڻن وڏي ڳڻتي جي ڳالھھ آهي ۽ دهشت گردن جي طرفان ملڪ ۾ ڪجھھ وقت کان لڳاتار بم ڌماڪن کان پوءِ هاڻي باچا خان يونيورسٽي تي حملي آپريشن ضرب عضب جي ڪاميابين کي ڦڪو ڪري ڇڏيو آهي. انهن فرمايو ته پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول جي سانحي جا ڦٽ اڃان تازه ئي هئا ته دهشت گردن باچا خان يونيورسٽي کي نشانو بڻائي ڇڏيو ۽ باچا خان يونيورسٽي تي دهشت گردن جي حملي سان مون کي ذاتي ۽ دلي طور صدمو پهتو آهي. انهن فرمايو ته دهشت گردن جي طرفان تعليمي ادارن کي نشانو بڻائڻ انهن جي حيوانيت ۽ جهالت جو کليل ثبوت آهي ۽ اهڙي وقت ۾ ضرورت ان ڳالھھ جي آهي ته آپريشن  ضرب عضب جي رخ کي درست ڪيو وڃي ۽ جيٽ بليڪ دهشت گردن ۽ انهن جي مددگارن کي ڪنهن به صورت ۾ ڍر نه ڏني وڃي ۽ انهن جي خلاف سخت 
ترين ڪاروائي ڪري انهن کي هن ڌرتي تان ميٽيو وڃي. انهن ان حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پروفيسر، شاگردن، سيڪيورٽي گارڊ ۽ پوليس اهلڪارن جي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا فرمائي ته الله تعالٰي شهيدن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ زخمين کي جلد و مڪمل صحتيابي عطا فرمائي.آمين. ان کان علاوه جناب الطاف حسين وزير اعظم ميان نواز شريف، آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ وزير اعلٰي ڪي پي ڪي پرويز خٽڪ کان مطالبو ڪيو ته باچا خان يونيورسٽي تي حملي ۾ ملوث وحشي دهشت گردن، انهن جي مددگارن ۽ سرپرستن جو خاتمو ڪيو وڃي ۽ ملڪ ۽ قوم کي دهشت گردي کان نجات ڏيارڻ جي لاءِ سمورين قومن کي ساڻ ملائي ڪري اتحاد ۽ ڀائيچاري سان ڪم ڪيو وڃي. 

5/12/2024 9:47:41 PM